بلاگنئون

گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مٺياڻي جو تاريخي پسمنظر

تحرير/تحقيق: عبداللطيف سولنگي

دنيا جا جيڪي به ملڪ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي رھيا انھن ئي ملڪن تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي، جنھن جو مطلب ته ترقي جو ضامن تعليم ئي آهي. ھڪ چوڻي آهي ته علم انسان جي ٽين اک ھوندي آھي ۽ علم حاصل ڪرڻ ھر انسان جو بنيادي حق آھي. علم حاصل ڪرڻ جي ڪابه حد يا عمر نه ھوندي آهي.۔ مطلب ته پڙھو، سوچيو ۽ غور ڪيو لطيف سرڪار فرمايو آهي ته:

وسريو م سبق، پھرين سٽ م سنڀران،

اڃان ھي حرف، ھائي مطالعو نه ٿيو.

يعني انسان کي پڙهڻ، علم حاصل ڪرڻ، غور ۽ فڪر ڪرڻ سميت نيون تخليقون ۽ تجربا ڪرڻ جي ھميشه جستجو ڪرڻ گھرجي جنھن لاءِ شايد لطيف سرڪار ھي چيو ته:

جنين دور درد جو، سبق سور پڙهن،

فڪر فرحي ھٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،

پنو سو پڙهن، جنھن ۾ پسن پرينءَ کي.

انسان تڏهن سکندو ۽ پرائيندو آھي، جڏھن اُھو پاڻ کي گھٽ علم ۽ اڻڄاڻ سمجھي ٻين وٽان پرائڻ ۽ سکڻ جي ڪوشش ڪندو، اھو به چوندا آهن ته انسان جي پھرين درسگاهه ماءُ پي جي ھنج  ۽ گھر آھي جتان جي ماحول ۾ ٻار ڳالھائڻ ٻولهائڻ ۽ رويا سکي ٿو، ان کانپوءِ اُھو ٻار جڏهن سمجهدار ۽ پڙهڻ جھڙو ٿئي ٿو ته پوءِ پڙهڻ لاءِ ان ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو، جتان اھو ٻار پڙهي پرجھي قابل انسان بڻجي پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪري ٿو. پڙھائڻ ھڪ اهم پيشو آهي ان ڪري استاد جو مان ۽ مرتبو مٿانھون ۽ عظيم آھي ۽ جڏھن استاد درس ۽ تدريس جھڙي عظيم ۽ عظيم پيشي سان سچو ۽ ڪميٽيڊ ھوندو آھي ته اھو پنھنجي روزي سان گڏ ڄڻ ته شاگردن جي خدمت ۽  عبادت پڻ ڪري ٿو اھوئي سبب آھي جو ان استاد کي اسڪول، معاشري ۽ جڏھن اُھو استاد دنيا مان ھليو وڃي ٿو ته به ساڳيو مان، مرتبو ۽ عزت ملندي آهي. استاد شاگردن لاءِ ھڪ آئيڊيل شخصيت ھوندو آھي اھوئي سبب آھي جو شاگرد پنھنجي استاد جي پڙھائڻ، گفتگو، انداز بيان جو نقل ڪندو آھي ۽ ان کي سندس شاگرد دھرائيندو رھندو آهي. مون کي خوش قسمتيءَ سان نوشھروفيروز ۾ سنڌ سطح جي استادن جي ھڪ ڪنوينشن ۾ شرڪت جو موقعو مليو جتي ھڪ استاد پنھنجي تقرير ۾ چيو ته جيڪڏهن توهان ھڪ سئو سالن جي پلاننگ ڪريو ته توهان ملڪ ۾ اسڪولن جو ڄار وڇايو ۽ جيڪڏهن ھڪ ھزار سالن جي پلاننگ ڪريو ته توھان ملڪ ۾ اسڪولن سان گڏ يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليم جو ڄار وڇايو جنھن سان معاشرو ۾ تعليم ۽ شعور وڌندو ۽ ترقي به ڪندو. ان لاءِ اسان کي پنھنجي شاگردن ۽ مستقبل جي معمارن کي جديد تقاضائن جي تعليم ڏيڻي پوندي، ان ڪري استادن تي معاشري ۽ ملڪ سنوارڻ جون تمام وڏيون ذميواريون عائد ٿين ٿيون، ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي استاد شاگردن کي جديد تقاضائن ۽ طريقي مطابق پڙھائڻ جي مڪمل ڄاڻ ۽ تربيت ھئڻ گھرجي ۽ استادن کي ٻار جي نفسيات ۽ ذهانت جي پڻ پرک ھئڻ گھرجي ته جيئن اھي اسان جي نئين نسل کي جديد تقاضائن مطابق تعليم ڏئي سگھن. مون ڪنھن اسڪول جي ڪلاس روم ۾  استادن لاءِ لکيل ھڪ قول پڙهيو ھو جنھن ۾ استادن لاءِ لکيل ھو ته توھان پنھنجي شاگردن کي پڙھايو ۽ جيڪڏھن انھن کي توھان جي ڳالھه سمجھه ۾ نه اچي ته کين بار بار سمجھايو ۽ جيڪڏهن اھي توھان جي بار بار سمجھائڻ جي باوجود به سمجھي نه سگھن ته پوءِ سمجھو يا ته توھان انھن کي سمجھائي نٿا سگھو يا وري توهان ئي ان ڳالهه کي سمجھي نه سگھيا آهيو. ڪجھه ڏينهن اڳ منھنجي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج جي پرنسپال سائين خليل احمد سولنگي سان ڪنھن مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنھن مون کي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مٺياڻي اچڻ جي دعوت ڏني ۽ تربيت حاصل ڪندڙ نون مقرر ٿيل استادن جي نائين بيچ جي 107 استادن جي تربيت ۽ کين پڙھائڻ جا گر سيکارڻ جو مشاهدو ڪرڻ ۽ ڪاليج گھمڻ ۽ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ جڏھن مان اتي پھتس ته ھڪ ته مون کي پنھنجي اسڪول وارو زمانو ياد آيو ۽ ٻيو اھو ته منھنجو بابو سائين، ماما ۽ چاچا ھن اداري مان تربيت حاصل ڪري ۽ پڙھائي چڪا آهن ان ڪري ھن اداري جو ڄڻ ته مون تي قرض ھو جيڪو مان ادا ڪرڻ پئي چاهيم، ٽريننگ جي مشاهدي دوران ٽريننگ وٺندڙ نون استادن جي قابليت، ذهانت ۽ تربيت ڏسي مون کي بي انداز خوشي ۽ پڪ ٿي ته اسان جو آئندو ۽ مستقبل محفوظ ھٿن ۾ آھي.

ان بعد مان جڏهن نوشهروفيروز واپس آيس ته مون کي رات جو ننڊ نه آئي ۽ مان تعليم ۽ ان اھميت، نون استادن جي تربيت، قابليت ۽ ذهانت تي سوچيندو رھيس ۽ مون کي خوشي واري بيقراري ۽ آنڌ  ماند ھئي ۽ مون کي مضمون لکڻ لاءِ ھڪ زبردست موضوع ملي ويو ۽ مون چاهيو ته ان تي مان ڇو نه مضمون لکان.

۽ پوءِ صبح جو اٿڻ بعد مون گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مٺياڻي جي پرنسيپال سائين خليل احمد سولنگي کي فون ڪري معلومات ڏيڻ جي گذارش ڪئي ته جيئن آئون ان تي مضمون لکي سگھان، جنھن تي سائين خليل احمد سولنگي تعليم جي اھميت سنڌ ۾ ايليمينٽري ڪاليجن جي تاريخ ۽ استادن جي تربيت ۾ ايليمينٽري ڪاليج جي اهميت، ڪردار ۽ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مٺياڻي جو تاريخي پسمنظر بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته تقريبن ڏيڍ سئو سال اڳ سنڌ جي ھندن مسلمانن سان گڏجي تعليم جي اڻاٺ کي محسوس ڪندي مخير حضرات کان چندا ڪري مربوط ڪوششون ڪري اسڪولن جو ڄار وڇايو ته جيئن تعليم کي عام ڪري سگھجي ۽ ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊوباگو، نوشھروفيروز، ڪنڊا کاھي، ڀريا سٽي، ٺارو شاھ، ڳوٺ نما شھر مٺياڻي، شڪارپور ۽ ٻين شھرن تعليمي ادارا کوليا جنھن سان سنڌ اندر تعليم جو رجحان پيدا ٿيو مون کي ٻڌايو ويو ته 1858ع ۾  مٺياڻي ۾ پي سي اسڪول کوليو ويو جتي پرائمري يعني سنڌي پنجن تائين تعليم ڏني ويندي ھئي جنھن جو پھريون ھيڊ ماستر سائين سبز علي مستوئي مقرر ٿيو ۽ ٻيو 1896ع ۾ سرڪاري خرچ سان موجوده ايليمينٽري ڪاليج جي احاطي اندر اسڪول  قائم ڪيو ويو جتي ست درجا (فائنل) تائين تعليم ڏني ويندي ھئي ۽ 1919ع کان اتي اٺن درجن تائين تعليم ڏيڻ شروع ڪئي وئي جنھن کي مڊل اسڪول جو نالو ڏنو ويو، مگر وقت جي تقاضائن ۽ تعليمي گھرجن سبب 1928ع ۾ ھندن ۽ مسلمانن جي معاونت سان ھڪ ٽرسٽ بورڊ قائم ٿيو جنھن جي ڪوششن سان 1929ع ۾ ڪي ايم (ڪندن مل، منگھو مل) جي نالي سان اسڪول کولڻ لاءِ بمبئيءَ ۽ ڪلڪتي تائين چندا ڪيا ويا ته جيئن ھن اسڪول جي بلڊنگ قائم ٿي سگهي، جتي (تولا رام گنو مل) ڊي ايڇ ڊمانٽريشن ھال قائم ڪيو ويو  جتي سائنس جا سبجيڪٽ پڙهيا ويندا ھئا جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته تقريبن ڏيڍ سئو سال اڳ سنڌ اندر جديد تعليم ۽ سائنس  پڙھائي ويندي ھئي. جيستائين استادن جي تربيت جو تعلق آهي ته سڀ کان پھريان سنڌ ۾ تربيتي اسڪول 1854ع  ۾ فرسٽ انيشل اسڪول ان پراونس آف سنڌ فار ٽيچرس ٽريننگ اسڪول ڪراچي ۾ قائم ٿيو، جنھن کي ڏھن سالن بعد يعني 1864ع ۾ حيدرآباد شفٽ ڪيو  ويو.

۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پڙھيل لکيل ھندن جو ھڪ وڏو تعداد ھندستان لڏي ويو جنھن ڪري سنڌ ۾ پڙهيل لکيل ماڻھن جي کوٽ پيدا ٿي وئي. ان کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ نوان تربيتي ادارا قائم ڪرڻ لاءِ سال 1950ع ۾ سنڌ جي ناليواري عالم ۽ اديب انسپيڪٽر آف اسڪولز/ڊائريڪٽر آف اسڪولز سنڌ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نوابشاھ خانصاحب علي محمد سيال جڏهن پنھنجي دوري تي مٺياڻي پھتا ته اتي قائم اسڪول جي قديمي تاريخي درسگاهه، ڊي ايڇ (ڊمانٽريش ھال) تولا رام گنو مل سائنس ھال جنھن ۾ سائنس پڙھائي ويندي ھئي، مسجد، سرسبز ميدان ۽ آبھوا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽  فيصلو ڪن ته ھن ڳوٺ نما شھر مٺياڻي ۾ جتي ڪندن مل منگھو مل جي نالي سان اسڪول ھلي رھيو آھي جنھن جي ايراضي تقريبن ڏھن کان ٻارھن ايڪڙن تي مشتمل آهي، ان کان وڌيڪ ٻي ڪا مناسب جاءِ ناهي جتي استادن لاءِ تربيتي اسڪول کولجي اھڙي طرح 1950ع ۾ مٺياڻي جي ھن اسڪول کي استادن جي تربيت لاءِ ٽريننگ اسڪول جو درجو ڏنو ويو جنھن جو پھريون ھيڊ ماستر ناميارو تعليمدان محترم سائين رحيم بخش سرهيو ۽ ٻيو ھيڊ ماستر سيد جلال الدين شاھ مقرر ڪيو ويو. سيد جلال الدين شاھ جيڪو سنڌ جو ناميارو دل جو ماھر ڊاڪٽر، ڊاڪٽر سيد علي ارشد شاھ جنھن سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ دل جو وارڊ قائم ڪيو ۽ کيس ان جو انچارج مقرر ڪيو ويو ۽ ناميارو ڪامورو سيد جمال مصطفيٰ شاهه جو والد آھي. اھڙي طرح ان ٽريننگ اسڪول جي ڪاليج طور اپگريڊ ٿيڻ وقت تيرھون ھيڊ ماستر محترم سائين گل حسن تيوڻو مقرر ٿيو، سائين گل حسن تيوڻو 1981ع ۾ ايليمينٽري ڪاليج جي اپ گريڊ ٿيڻ بعد ان ڪاليج جو پھريون پرنسپال مقرر ٿيو ۽ ھن تربيتي اداري جي اپ گريڊ ٿيڻ کان ھن وقت تائين ھن عظيم ۽ قديم تربيتي درسگاھ جا 14 استاد پرنسپال ٿي چڪا آهن. تربيتي درسگاهه ۾ سنڌ  جي ڪيترن ئي ضلعن ۽ شھرن جا استاد اچي ھن تربيتي درسگاهه مان تربيت حاصل ڪري چڪا آهن جيڪي پنھنجي تربيت دوران ھتي اچي ڪاليج جي ھاسٽل ۾ رھندا پڻ ھئا. ان دوران سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي 1974ع ۾ ھڪ ادارو بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ قائم ڪيو جنھن جو ڪم صوبي جي درسگاهن لاءِ نصاب جوڙڻ ۽ ھر ضلعي اندر استادن جي تربيت جا ادارا قائم ڪرڻ ۽ ھلائڻ آھي ان کان اڳ اھي ادارا  انسپيڪٽر آف اسڪولز/ ڊائريڪٽر آف اسڪولز جي ماتحت ھلندا ھئا ھنن تربيتي ادارن ۾ شروعاتي ڏينهن ۾ جي وي (جونيئر ورنيڪيولر) ۽ ايس وي (سينيئر ورنيڪيولر) جا ڪورس شروع ڪرايا ويا جيڪي اڳتي ھلي پي ٽي سي ۽ سي ٽي جي نالن سان ھلڻ لڳا ۽ ھن وقت تائين سنڌ اندر 31 ايليمينٽري ڪاليج قائم ٿي چڪا آهن جتان سنڌ جا استاد تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. ايليمينٽري ڪاليج مٺياڻي ۾ تربيت حاصل ڪرڻ دوران پنهنجي ليسن پلان جوڙي ان کي ڪاليج ۾ اندر قائم اسڪول ۽ پرائمري اسڪول ابجي ۾ ٽو شو، ٽو ڊو تحت ھڪ استاد پنھنجو جوڙيل ليسن هلائيندو آهي ته وري ٻيا استاد ان کي ٻڌندا ۽ ان جو مشاھدو ڪندا آهن اھڙي طرح انھن استادن جي تربيت ٿيندي آهي ۽ ايليمينٽري ڪاليج جا ليڪچرار ۽ استاد سندن رھنمائي ڪندا آهن.