بلاگنئون

موهن جي دڙي جهڙو مثالي ڳوٺ (سفر نامو حصو آخري)

اوڀاري لهواري ڪچهري هلندي مون کي ياد آيو ته ممتاز نظاماڻي جيڪو مون سان 1970ع جي ڏهاڪي ۾ مسلم ڪاليج ۾ گڏ پڙهيو هو ۽ پوءِ يونيورسٽي ۾ به پڙهائي ۽ ڪاليج ۾ نوڪري دوران به ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي، اصل هن ڳوٺ جو آهي، پر گهڻي وقت کان منھنجي هُن سان ڪا ملاقات يا رابطو نه رھيو آهي. مون پنهنجي ميزبان دوستن کان پڇا ڪئي ته هاڻ هُو پنهنجي رٽائر زندگي جي ٻاهر گذاري رهيو آهي ته ٺهيو، پر جي هِن ڳوٺ ۾ آهي ته ساڻس ملي پراڻيون يادون تازيون ڪجن. اُتي ڪچهري ۾ ويٺل ۽ اسان کي هن ڳوٺ ۾ گڏ گهمائڻ ۾ ساٿ ڏيندڙ پرويز خالد نظاماڻي ٻڌايو ته هُو منهنجو ڀاڻيجو آهي ۽ ايئن چوندي هن فوري طور تي ڪال ملائي مون کي پروفيسر ممتاز نظاماڻي سان ڳالهائڻ لاءِ موبائل ڏنو. ممتاز سان هيلو هاءِ کانپوءِ مون چيومانس ته، ”اسان اڃان اڌ منو ڪلاڪ هتي آهيون ۽ پوءِ جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ. ٽائيم هجئي ته ديدار ڪرائي وڃ.“ هن ٻڌايو ته، ”هاڻ ٿوري دير ۾ نماز جو ٽائيم آهي، نماز پڙهي اچان ٿو.“ مون چيومانس ته ”خير آهي اسين ٿورو جلدي ۾ آهيون تون ڀلي سڪون سان نماز پڙهي وٺ، جو پاڻ بندي ۽ خدا جي معاملن جي وچ ۾ ٽنگ اڙائڻ کي مناسب ڪونه سمجهون، جي اِتي هونداسين ته ملاقات ٿي ويندي نه ته مڙئي خير آهي، وري ڪنهن ٻئي ڀيري ملي وٺبو.“ بس موبائل تي ڳالهه ختم ڪندي اڃان پنج ست منٽ ئي گذريا جو ممتاز نظاماڻي اچي ٺڪاءُ ڪيو. ”اڙي بابا تون وري ايڏو جلدي ڪيئن آئين؟ نماز ڪونه پڙهئي ڇا؟“ چيائين ته، ”نماز وري به قضا ڪري پڙهي وٺبي، تون وري اچڻو نه وڃڻو، سو آئون هليو آيس.“ مون چيو، ”يار ڇو پاڻ کي هروڀرو گنهگار ڪيئي؟ پاڻ اڳي ئي گنهگار ته ڇا پر گناهن جي کڏ آهيون اُن لاءِ اهڙو عمل ڇو؟ خير پاڻ جتي ٻين گناهن جي سزا ڀوڳي وينداسين. جي ممڪن آهي ته توکي آجو ڪندي اَهو گناهه به پنهنجي سر تي ٿا کڻون!“ هُو منهنجي اِن ڳالهه تي ڏاڍو کليو. ڪچهري هلندي پڇيومانس ته، ”رٽائرمينٽ کانپوءِ واپس ڳوٺ ۾ اچي رهي پيو آهين، ڪو شهري زندگيءَ جو به مزو وٺين ها.“ هن چيو، ”يار هِتي شهر جي هل هنگامي کان پري امن آتشي ۽ سڪون واري زندگي آهي. هِتي جڏهن ڳوٺ ۾ هر ڪا سهولت موجود آهي تہ پوءِ ڀلا شهرن ۾ ڇو ڌڪا کائجن؟“ ساڳيو جواب مون کي نياز محمد نظاماڻي به ڏنو هو. جڏهن سندس کيت گهمندي مون پڇيو هو مانس ته، ”هيترا سارا وسيلا هوندي ۽ ٻاهرين ملڪن جي سير و تفريح جو وڏو جھان ڏسڻ کانپوءَ ھُو ڪيئن ھِن ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهيو پيو آهي؟“ نياز محمد نظاماڻي جو بہ ذري گھٽ ساڳيو ئي جواب ھو. ٽنڊو سومرو ڳوٺ ڏسي مون کي هنن جي راءِ/فيصلي ۾ وزن لڳو. مون به ڪافي ملڪ ۽ خاص ڪري يورپ جا ملڪ گهميا آهن، اُتي به ماڻهو شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ڳوٺ جتي کيت آهن، کُليون هوائون آهن، ڪابه آلودگي ناهي، وشال آسمان ۽ شهرن جيان گوڙ گهمسان ناهي، اتي ڀلا سڪون ۽ پرلطف زندگي ڇو نه گذرندي؟ شرط اِهو آهي ته اُهي يورپ جي ڳوٺن يا ٽنڊو سومرو جيان بنيادي سهوليتن سان آراسته هجن، جن ۾ نه ڏينهن جو مافيا جي غنڊا گردي جو خوف هجي ۽ نه رات جو ڦرجڻ جو ڀئو هجي. باقي جي پاڻ وارن ڳوٺن جيان، جتي نه بنيادي سهولتون آهن ۽ نه امن امان جو جوڳو انتظام، جتي گندگين جا ڍير هجن ۽ بيمارين جي جراثيم کي کلي ڇوٽ مليل هجي ۽ نه ئي وري سماجي قدر، ته اتي انسان تہ ڇا پر جانور به رهي نٿا سگهن. مون کي هِن ڳوٺ (ٽنڊو سومرو) جي پسمنظر ۾ شيڪسپيئر جو ڪورس جي ڪتاب ۾ پڙهيل نظم Under the Green Wood Tree ذهن تي تري آيو.
Under the greenwood tree,
Who loves to lie with me.
And turn his merry note,
Unto the sweet bird’s throat.
Come hither, come hither, come hither,
Here shall he see,
No enemy,
But winter and rough weather.
Who doth ambition shun,
And loves to live in the sun.
Seeking the food he eats,
And pleased with what he gets.
Come hither, come hither, come hither,
Here shall he see,
No enemy,
But winter and rough weather.
واقعي جِتي وشال فطرت جو ڪينواس ڦهليل هجي، جِتي ساوا ساوا کيت ۽ پکين جون مٺڙيون لاتيون هجن، جِتي سج جي پهرين ڪرڻي سان زندگيءَ جو ڪار وهنوار شروع ٿئي ٿو، جتي راتيون سانت ۽ سهائي سان ڀرپور هجن ته، اُتي جيون ۾ ساءُ ۽ سڪون جي ننڊ ڇو نه ايندي؟ پوري زندگي ۽ خاص طور تي ٻڍاپي جي عمر گذارڻ لاءِ ڀلا اهڙن ڳوٺن کان ٻيو پرسڪون ماحول ڪٿي مهيا ٿي سگهي ٿو؟
هاڻي شام پنهنجا پر پکيڙڻ شروع ڪيا هئا ۽ ڪچهري به کوڙ ساري ٿي چڪي، انهي ڪري ميزبان سنگت کان موڪلائڻ جي ڪئيسين. سنگت مان ڪجهه دوست اسان کي ڳوٺ کان ٻاهر ڇڏڻ لاءِ هليا. هِن ڳوٺ (ٽنڊو سومرو) جي ٻاهران چئن پنجن فرلانگ جي پنڌ تي نصير ڪئنال وهي ٿو. ڳوٺ جي سلامتي لاءِ هن واهه جي ڪپرن جي نگهباني ڳوٺ وارن طرفان روزاني جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي. ڳوٺ وارن پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي عمل ڪندي واهه جي پٽڙي تي ٻنهي پاسن کان نم ۽ ٻٻر جا وڻ پوکيا آهن. پٽڙي جي ٻنهي پاسن کان ڳتيل ڊگهن وڻن جي قطارن جي وچ ۾ واڪنگ ٽريڪ ٺهيل آهي، بلڪل ايئن جيئن پبلڪ پارڪن ۾ ٺهيل هوندو آهي. ان مان هِن ڳوٺ جي ماڻهن جي ذوق جو اندازو ٿئي ٿو ۽ ساڳئي وقت ان مان سندن حفظانِ صحت جي آگهي ۾ دلچسپي جو به پتو پوي ٿو. ڪجهه دير واهه جي ڪناري تي ڊگهن وڻن جي قطارن ۾ ٺهيل واڪنگ ٽريڪ تي ٿڌڙي ٿڌڙي هوا ۾ پسار ڪري سنگت کان موڪلائڻ جي ڪئي سين.
۽ پوءِ – اسان جي گاڏي وري اُن رستي تي هلڻ لڳي، جتان اسان پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي. رستي هلندي سوچيان ٿو ته، ماڻهو جي چاهي ته سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. ايئن تون به ڪري سگهين ٿو ۽ مان به ڪري سگهان ٿو. بس اُن لاءِ همت کپي، حوصلو کپي ۽ ڪم (مقصد) سان نيڪ نيتي ۽ سچائي جو جذبو کپي. اسان مان هرڪو پاڻ کي موهن جي دڙي جي سڀيتا جو وارث تہ سمجهي ٿو ۽ موهن جي دڙي جهڙي خوبصورت، صاف سٿري، سهل ۽ ماڊرن شهر ۾ رهڻ ته چاهي ٿو، پر ڪوبه اهڙي شهر يا ڳوٺ اڏڻ لاءِ اپاءُ ڪونه ٿو وٺي!؟ ڪٿي ايئن ته ناهي ته اسان گندگين جي ڍير تي رهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون؟ ان کان اڳ جو گندگي اسان جي اندر ۾ ڀرجي وڃي ۽ اسان فضيلتن سان جيئڻ (رهڻ) جي قابل نه رهون، اچو ته سوچيون ۽ اندر جي غلاضتن ۽ گندگين کي ٻاهر ڪڍون. اچو تہ پنهنجي ذهن کي کوکلو ٿيڻ کان بچائيندي ۽ پنهنجي سڀيتا جي اعليٰ قدرن کي مان ڏيندي، موهن جي دڙي جهڙا خوبصورت شهر اڏيون، جنهن ۾ صاف سٿري ۽ فضيلتن (Civic Sense) ڀري زندگي جو سڀ ساز و سامان ۽ خوشبوءَ جو واسو هجي ۽ دنيا به مڃڻ تي مجبور ٿئي ته، اسين واقعي موهن جي دڙي جي سڀيتا جو تسلسل ۽ اُن جا سچا ۽ حقيقي وارث آهيون.