ايڊيٽوريلنئون

ملڪ ۾ انٽرنيٽ ڪنيڪشن جو تعداد 5.10 ملين ٿي ويو، نوجوانن لاءِ ڊجيٽل معيشت ۾ وڏا موقعا پيدا ٿيڻ جو امڪان

ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ آءِ ٽي معاملن بابت هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خطاب ڪندي هن قوم کي اها خوشخبري ڏني ته 2024ع ۾ گهريلو انٽرنيٽ ڪنيڪشن جو تعداد 1.9 ملين هو، جيڪو هن وقت 5.10 ملين ٿي چڪو آهي، اها پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت لاءِ هڪ مثبت خبر آهي. اسان جو نوجوان جيڪو دنيا جي ٻين نوجوانن سان هر معاملي ۾ مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر کيس سهولتن جي اڻاٺ، تعليم جي خراب معيار ۽ انفرااسٽرڪچر جي فرسودگيءَ جي ڪري اهي سڀ شيون حاصل نه ٿي سگهيون آهن، جيڪي ٻين ملڪن جا نوجوان آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن تڪليفن ۾ به موقعا لڪل هوندا آهن. پاڪستان جي نوجوانن لاءِ به اها ڳالهه سچ ثابت ٿي آهي ته انهن وٽ ڪرڻ لاءِ جتي ڪجهه ناهي اتي هن وقت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جنهن جو صارف پاڪستان جو نوجوان به تيزيءَ سان ٿي رهيو آهي، ان ۾ هو پنهنجي دلچسپي ڏيکاري رهيو آهي ۽ پنهنجي مدد پاڻ ڪري هو هن ٽيڪنالاجي کي سکي ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. جيئن جيئن ڊجيٽل صارف جي انگ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، تيئن تيئن پاڪستان جي ڊجيٽل مارڪيٽ به وڌي رهي آهي. هاڻ ڪمپنيون ٽي وي تي مهانگن اشتهارن جي بجاءِ سوشل ميڊيا ذريعي سڌو سنئون پنهنجن گراهڪن تائين پهچي رهيون آهن ۽ نوجوان فري لانسنگ جي ذريعي پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهن، ڇو ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجي صرف خريد ۽ فروخت تائين محدود ناهي، پر ان ۾ مختلف جاين تي ننڍيون ننڍيون نوڪريون پيدا ٿي رهيون آهن.

وزيراعظم شهباز شريف جي ان خوشخبريءَ واري اعلان کانپوءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جي ڊجيٽل اڪانامي کي مضبوط ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ جي استعمال ڪندڙن جي تعداد ۾ اڃان وڌيڪ اضافي ڪرڻ لاءِ حڪومت کي هڪ مضبوط ايڪو سسٽم تيار ڪرڻ، جنهن ۾ انفرااسٽرڪچر ۽ فائبر آپٽڪ جو ڄار وڇائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڏن شهرن کان وٺي ننڍن شهرن تائين فائبر آپٽڪ ڪيبل پهچائي وڃي. هن وقت پاڪستان ۾ 5-جي متعارف ڪرائڻ لاءِ تياريون هلي رهيون آهن. جڏهن 5-جي متعارف ٿي ويندي ته ان سان صنعتن ۽ ٽيڪنيڪل ڪم ۾ هڪ انقلاب نظر ايندو ۽ پوءِ اسان کي اهڙيون ضرورت جون شيون جنهن ۾ سستيون موبائل فونون ۽ ان سان لاڳاپيل شيون شامل آهن مقامي طور تي ٺاهڻيون پونديون ته جيئن غريب طبقو به انٽرنيٽ سان ڳنڍجي سگهجي. هي هڪڙو پورو انقلابي پئڪيج هوندو، جنهن جي ذريعي مستقبل ۾ جيڪڏهن اسان جا پاليسي ساز پنهنجي نوجوانن جي مستقبل کي نظر ۾ رکندي تعليمي سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪندا ته جيئن اهي نوجوانن لاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سطح تي غير ضروري مضمونن کي ڪڍي ڪوڊنگ، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ فري لانسنگ جهڙا ڪورس لازمي قرار ڏيندا. ان لاءِ حڪومت کي ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽرن جي قيام لاءِ صوبائي سطحن تي بندوبست ڪرڻ گهرجي. گڏوگڏ سڄي دنيا سان پنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي فري لانسنگ جي ڪم ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪري ڏيڻ لاءِ پيمينٽ گيٽ وي جنهن ۾ حڪومت کي عالمي Paypal جهڙن پليٽ فارمن کي مارڪيٽ سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي. ان کان علاوه سائبر سيڪيورٽي ۽ قانون سازي جهڙا محفوظ قدم به انتهائي ضروري آهن ته جيئن ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ هر فرد جي ڊيٽا کي تحفظ ملي سگهي. سنڌ حڪومت پاران به ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ لاءِ ڪافي قدم کنيا ويا آهن، پر اهي ناڪافي آهن.

سنڌ حڪومت کي اڃان وڌيڪ متحرڪ ٿي ڊجيٽل معيشت جي ميدان ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ اڳتي وڌڻ ۽ نوجوانن کي عالمي مارڪيٽ لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ بنيادي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته سنڌ ۾ ٽيلنٽ جي ڪابه کوٽ ناهي، پر ان کي صحيح رخ ڏيڻ لاءِ اسان کي ضلعي سطح تي آءِ ٽي جا حب قائم ڪرڻا پوندا، صرف ڪراچي، حيدرآباد، سکر جهڙن شهرن ۾ انهن سينٽرن جو قيام ڪافي ناهي، اهي سينٽر صرف عمارتون نه هجن، پر اتي تيز رفتار انٽرنيٽ، سولر پاور ذريعي بجليءَ جو تسلسل يقيني بنائڻ ۽ جديد ڪمپيوٽر ليبس موجود هجڻ گهرجن. جيئن ته ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ انگريزي ٻولي رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي، ان لاءِ فري لانسنگ ۽ ڪوڊنگ جا ڪورس سنڌي ٻوليءَ ۾ تيار ڪرائي آن لائين پورٽلز تي رکيا وڃن. سرڪاري ايپس ۽ ويب سائيٽن کي مڪمل طور تي سنڌيءَ ۾ تيار ڪرايو وڃي ته جيئن اسان جا گهٽ پڙهيل نوجوان ڊجيٽل نظام کان واقفيت حاصل ڪن. ان کان علاوه روايتي تعليم کان هٽي ڪري حڪومت کي عالمي ڪمپنين گوگل، مائيڪرو سافٽ ۽ ايمزون سان معاهدا ڪرڻ گهرجن ته جيئن سنڌ جا نوجوان انهن جا تصديق ٿيل ڪورس سرڪاري خرچ تي ڪري سگهن. جنهن ۾ ڊيٽا سائنس ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس، سائبر سيڪيورٽي، پروفيشنل وڊيو ايڊيٽنگ ۽ آڊيو انجنيئرنگ شامل هجڻ گهرجن. جڏهن انهن سڀني شين کي پنهنجي نظام ۾ شامل ڪيو ويندو ته اسان کي پنهنجي شهري انفرااسٽرڪچر کي به سمارٽ بنائڻو پوندو. هن وقت ڊجيٽل انڊسٽري لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ ڪمزور ڪنيڪشن آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت صوبائي سطح تي پنهنجي صارفين کي مضبوط انٽرنيٽ مهيا ڪري. جنهن لاءِ ٽيليڪام ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي صارفين لاءِ بهتر سروس حاصل ڪئي وڃي. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي پاڪستان جي هر صوبي جي نوجوان جي لاءِ هڪ اهڙو موقعو آهي جيڪو نه صرف انهن نوجوانن جي زندگي کي تبديل ڪندو، بلڪه ملڪ جي تقدير کي به تبديل ڪرڻ جو هڪ سونهري موقعو آهي، ان لاءِ انفرااسٽرڪچر جي تعمير حڪومت جي ذميداري آهي.