ايران آمريڪا سان جنگ نٿو گهري پر آمريڪا خطي ۾ خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي
ايران جي صدر حسن روحاني پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا کي غلط فهمي ٿي وئي آهي، هو نٿو سمجهي ته ايران ڪنهن به ڌمڪي آڏو نه جهڪندو. ايران پاران نون منصوبن جو افتتاح آمريڪا ڏانهن پرعزم پيغام آهي. ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف به آمريڪا جي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته ايران آمريڪا سان ڪشيدگي نٿو چاهي، پر پنهنجي فوجي طاقت وڌائي آمريڪا خطي ۾ خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي. آمريڪا جي هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ جواد ظريف چيو ته آمريڪا پنهنجو آبي ٻيڙو ۽ بي ففٽي ٽو بمبار جهاز، پرشين گلف ۾ بيهارڻ سان آمريڪا ڪشيدگي کي خطرناڪ ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته آمريڪا ايران جي عالمي ايٽمي معاهدي کان عليحدگي اختيار ڪئي آهي جنهن بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ لفظن جي جنگ شروع ٿي وئي هئي اها ڪشيدگي وڌي ڪري هاڻ جنگ جي صورتحال طرف وڌي رهي آهي.