هوا ۾ ڊرون ۽ زمين تي ڪار بڻجي ويندڙ روبوٽ

اسرائيل جي سائنسدانن اهڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو هوا ۾ ڊرون وانگر اڏامڻ سان گڏ زمين تي ڪار وانگر هلي سگهي ٿو. اسرائيل ۾ موجود بين گوريان يونيورسٽي جي ماهرن جنهن ۾ ڊيوڊ زروڪ چئن پرو پيلرن واري  ڪواڊ ڪاپٽر کي هڪ ڪار  ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪامياب مظاهرو ڪيو آهي. هن ۾ چئن پرو پيلرن سميت 4 ڦيٿا به آهن جنهن جي مدد سان هي روبوٽ زمين تي هڪ ڪار وانگر هلي به سگهي ٿو. زمين تي هي روبوٽ 8 فوٽ في سيڪنڊ جي رفتار سان هلي سگهي ٿو. هي روبوٽ 400 گرام وزن کڻي اڏامي سگهي ٿو. بين گوريان يونيورسٽي جي پروفيسر جو چوڻ آهي ته ٻئي مرحلي ۾ هن روبوٽ ۾ بهتري آڻي ان جي الگروٿم ۽ رفتار کي بهتر ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *