نابينا ماڻهن لاءِ ٻاهرين منظرن کي محسوس ڪندڙ شيشا تيار
ڪارون ٺاهيندڙ ڪمپني فورڊ پاران پنهنجي ڪار لاءِ اهڙا شيشا تيار ڪيا ويا آهن جيڪي نابين ماڻهن کي ٻاهر جو منظر محسوس ڪرائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. برطانيه جي نشرياتي اداري فورڊ مطابق هن ونڊ اسڪرين تي هٿ لڳائي منظر کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هي ڪم ائين ٿئي ٿو جيئن نابين ماڻهن لاءِ بريل ڪتاب هوندا آهن. ان تي اڪريل اکرن کي آڱر جي مدد سان پڙهندا آهن. ڪمپني پاران منظر کي محسوس ڪريو نالي سان فيچر تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايل اي ڊي لائيٽس ۽ سينسرز جي مدد سان تصويرن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. نابين ماڻهو انهن منظرن کي هٿ لاهي محسوس ڪري سگهندا. شيشي ۽ تصويرن کان علاوه آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي به مدد ورتي وئي آهي، جيڪي منظرن کي سڃاڻي انهن جا نالا اسپيڪر ذريعي ٻڌايا ويندا، جيئن هڪ جبل جي تصوير اچڻ مهل اهو به ٻڌايو ويندو ته هي هڪ جبل آهي. سفر نابين ماڻهن لاءِ هڪ بي رنگ ۽ ڦڪو تجربو هوندو آهي هن طريقي سان انهن جي سفر کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.