ايم ڪيو ايم پاڪستان اڄ ڪراچي ۾ جلسو ڪندي
ايم ڪيو ايم ۽ پي آءِ بي ڪالوني اڄ ڪراچي ۾ ٽانڪي گرائونڊ تي پنهنجو گڏيل جلسو ڪنديون. ايم ڪيو ايم لياقت آباد ۽ پي آءِ بي ڪالوني جي سربراهن فاروق ستار ۽ خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته اهو صرف جلسو نه پر هڪ احتجاج هوندو پاڻي ۽ بجلي جي کوٽ خلاف. واضح رهي ته 29 اپريل 2018 تي پ پ پاران ساڳي جڳهه تي جلسو ڪيو ويو هو، جنهن بعد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٽٽڻ کانپوءِ ٺهيل ٻن گروهن ايم ڪيو ايم پي آءِ بي ۽ ايم ڪيو ايم لياقت آباد هڪ رد عمل جي طور تي ٻيهر ملي ويا ۽ انهن گڏيل طور تي 5 مئي تي ساڳي جاءِ تي جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن ڏس ۾ پهرين مئي تي ايم ڪيو ايم لياقت آباد جي سربراهه خالد مقبول صديقي هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ٽانڪي گرائونڊ تي جلسي جو اعلان ڪيو، جنهن کان اڳ چوٿين تاريخ تي جلسن بابت ايم ڪيو ايم پي آءِ بي ڪالوني جي سربراهه فاروق ستار به اعلان ڪري چڪو هو، پر حيران ڪندڙ انداز ۾ هنن ٻنهي جي اعلانن کانپوءِ ايم ڪيو ايم جا ٻئي گروهه ملي ويا ۽ انهن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري 5 مئي تي هڪ گڏيل جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.