سنڌ واسين جي ڪئنالن خلاف ڪيترن ئي مهينن کان جاري جدوجهد ۽ وڪيل برادريءَ جي جاکوڙ آخر ان وقت رنگ لائڻ شروع ڪيو، جڏهن وفاقي سرڪار پاران سنڌ جي قوم پرست ڌرين ۽ احتجاج ڪندڙ وڪيلن سان ڳالهين لاءِ رابطا شروع ڪيا ويا ۽ (ن) ليگ جي بشير احمد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ وفد وڪيلن سان مليو، پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو، ڇو ته وڪيلن جي مطالبن مڃڻ جا ڪي به اختيار وٽس نه هئا. هو وڪيلن وٽ وزيراعظم جو نياپو ڇڏي وري واپس نه آيو. ان مان اهو ظاهر ٿيو ته وزيراعظم طرفان کيس ڪابه مثبت موٽ نه ملي ۽ (ن) ليگ وڪيلن بدران پيپلز پارٽيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي بلاول ڀٽو تي ٿورو ڪرڻ جو سوچيو، جڏهن ته هي مسئلو نه پ پ جو هو نه قومپرستن جو هو ۽ نه وڪيلن جو هو، پر احتجاج جي اڳواڻي وڪيل ڪري رهيا هئا، ان ڪري ڳالهيون به انهن سان ٿيڻ گهرجن ها، پر (ن) ليگ سميت سمورين پارٽين کي خبر هئي ته وڪيلن کي لولي پاپ ڏيڻ ڏکيو عمل آهي، ان ڪري انهن پ پ کي پنهنجي جهوليءَ ۾ ويهاريو ۽ جيئن پ پ جا عهدا به بچي سگهن ۽ (ن) ليگ جي سرڪار به بچي سگهي.
ڇو ته (ن) ليگ اڳواٽ چئي رهي هئي ته سنڌ جي عوام پ پ کي مينڊيٽ ڏئي اسيمبليءَ ۾ موڪليو آهي، ان ڪري انهن سان ڳالهيون ڪنداسين يعني ڳٺ جوڙ ڪري گڏجي کائينداسين. ڇو ته پنجاب جي وزير عظميٰ بخاريءَ پنهنجي بيان ۾ چيو ته “ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڪئنال نه ٺهندا” يا مريم نواز ۽ راڻا ثناءُ الله جي بيانن مان سندن نيت جي خرابي صاف نظر اچي رهي هئي باوجود ان جي بلاول ڀٽو وزيراعظم شهباز شريف سان ملي پرائو مينڊيٽ چوري ڪيو. ڇو ته کيس 25 اپريل 2025 سکر وارو جلسو هر حال ۾ڪامياب ڪرڻو هو. وڪيلن جي سرواڻ عامر نواز وڙائچ اڳواٽ ئي چئي چڪو هو ته هو سياست ڪرڻ ڪونه آيو آهي، هو ته پنهنجن ساٿين سان گڏ درياءَ بچائڻ آيو آهي، نوٽيفڪيشن ڏيو ته ڌرڻو ختم ڪري ڇڏينداسين. جيڪڏهن توهان کي هرو ڀرو وڪيلن کي ٿڪائڻو آهي ته پوءِ آزمايو اسان حاضر آهيون. آخرڪار وڪيلن جي اڳيان حڪمران ٿڪجي پيا ۽ ڪاميابيءَ جو سهرو پ پ يا بلاول ڀٽو تي نه، پر عوام ۽ وڪيل برادريءَ جي سر تي سونهين ٿو.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پنجاب ڪئنال منصوبي کي هميشه لاءِ عملي طور ختم ٿو ڪري يا وري ڪجهه مهينن بعد وري اها ساڳي حرڪت ٿو ڪري. جيڪڏهن پنجاب وري اهڙي حرڪت ڪئي ته هن ڀيري کان وڌيڪ سخت احتجاج ٿيندو ۽ پنجاب مان (ن) ليگ خلاف نفرت آميز سياست شروع ٿيندي. ان ڪري نوٽيفڪيشن يا ڪامياب ڳالهين تي فوري طور عمل ڪيو وڃي. سنڌ جا ماڻهو چاهين ٿا ته وفاق يا پنجاب چولستان ۽ چو بارا واهه ٺاهڻ جي آپشنن تان هميشه لاءِ هٿ کڻن. ڇو ته ماضيءَ ۾ اهڙا معاهدا مٽيءَ ۾ ملايا ويا آهن. ان ڪري سوچي سمجهي وفاق ۽ پنجاب جي ماڻهن تي اعتماد ڪيو وڃي، جيڪي پاڻي ۽ وسيلا چوري ڪري سگهن ٿا اهي واعدي خلافي ڪرڻ ۾ به نه ڪيٻائيندا. هو ماضيءَ وانگر هٿرادو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ٺاهي وڏي صوبي جي آڙ ۾ ميمبرن جي اڪثريتي راءِ جو فيصلو چئي ٻين صوبن جو حق ڳڙڪائيندا، ڇو ته آئين جي آرٽيڪل 154 موجب ڪائونسل کي فيصلا گهڻائي واري ووٽ جي بنياد تي ڪرڻا آهن. ان ڪري سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکڻيون آهن. وڪيلن جي 14 رڪني ڳالهين واري ڪميٽيءَ ۾ ڪوبه پاڻيءَ جو ماهر ناهي ان ڪري ڪئنال نه ڪڍڻ جو چئي ٽيڪنيڪي بنيادن تي پاڻي چوري ڪري وڃي ۽ اسان هٿ مهٽيندا رهجي وڃون. هن وقت سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن، ان ڪري ڪوبه نئون واهه ڪڍڻ يا پاڻي ذخيرو ڪرڻ جون رٿائون ختم ڪيون وڃن. پاڻي چوري ڪندڙ صوبي تي جرماڻو لڳائي 2005 جي فيصلي موجب ڪوٽڙي بئراج کان روزانو 5000 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو وڃي.
ڇا هاڻي ارسا ۾ فيصلا سنڌ جي مرضيءَ خلاف زبردستيءَ مڙهڻ وارو سلسلو بند ٿي ويندو؟ ڇا ارسا پاران چولستان، چوبارا ۽ جلال پور واهن لاءِ جاري ڪيل اين او سي رد ٿي ويندي؟ جيڪڏهن انهن سڀني سوالن جو جواب “ها” ۾ آهي ته پوءِ اهو ڇهن ڏينهن وارو احتجاج پنهنجون کوڙ ساريون يادون ڇڏي اختتام پذير ٿي ويو آهي. سياسي جماعتن جي جدوجهد پنهنجي جاءِ تي، پر وڪيلن جي يادگار جدوجهد تاريخ ۾ ڊگهي عرصي تائين ياد رکي ويندي، جيڪي پنهنجي هدف کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيا آهن ۽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت سميت اسٽيبلشمينٽ کي گوڏا کوڙائي ڇڏيا آهن، پر حڪومتي فيصلو مڃڻ سنڌ جي عوام لاءِ نهايت اوکو آهي، ڇو ته وفاق سدائين سنڌ کي دوکو ڏنو آهي.