بلاگنئون

ڪنھن جي هتڪ عزت کان پاڻ کي ڪيئن بچائجي؟

جيڪڏھن توهان حساس موضوعن تي لکڻ کان اڳ ثبوتن جي اھميت ۽ بچاءُ لاءِ قانوني پاسو سمجهڻ چاهيو ٿا ته توهان کي ڪجھه اھم احتياط اختيار ڪرڻا پوندا، انھن سان توھان غلط الزامن کان پاڻ کي بچائي سگهو ٿا ۽ ٻين شريف ماڻهن کي به بچائي سگهو ٿا. ھميشه ضروري رڪارڊ ۽ ثبوت محفوظ رکو، فون ڪالز، مئسيج، واٽس ايپ چيٽ، ميل جو بيڪ اپ سنڀالي رکو، اڪثر ڪوڙا الزام ڊجيٽل ثبوتن سان ٽٽي پون ٿا. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڌمڪي ڏئي يا پئسن جو مطالبو ڪري ته ان جي رڪارڊنگ قانوني طور تي ڪم اچي سگھي ٿي. سي سي ٽي وي، لوڪيشن ڊيٽا، گواھن جا نالا به محفوظ رکو. اڪيلائي کان پاسو ڪريو، شڪي ماڻهن سان ملاقات هميشه عوامي جاين تي يا گواھ جي موجودگي ۾ ڪريو، ڪنهن به غير معروف عورت/مرد کي گهر يا آفيس ۾ اڪيلو نه گهرايو، جيئن ئي توهان کي محسوس ٿئي ته ڪو توهان جي خلاف ڪوڙو الزام لڳائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، وڪيل ذريعي ان کي قانوني نوٽيس موڪليو، اھڙو عمل اڪثر ڪري بليڪ ميلر کي پوئتي هٽائي ٿو. جيڪڏهن ڪوڙو الزام لڳي وڃي ته قانوني رستو اختيار ڪريو، پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 182 ۽ 211  تحت ڪنهن به بي گناھ ماڻهو خلاف ڪوڙي شڪايت ڏيڻ يا ڪوڙو ڪيس ڪرائڻ ڏوهه آهي، جنھن تحت قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون لاڳو ٿي سگھن ٿيون، سيڪشن 500 هتڪ عزت خلاف آھي، جيڪڏهن ڪنهن جي عزت خراب ڪرڻ لاءِ ڪوڙو الزام لڳايو وڃي ته اهو شخص سول ۽ فوجداري ڪيس ڪري سگهي ٿو. معاوضي ۽ سزا ٻنهي جو مطالبو ڪري سگهي ٿو.

PECA 2016: جيڪڏهن الزام سوشل ميڊيا، واٽس ايپ گروپن، يوٽيوب يا ٻين جاين تي لڳايو وڃي ته FIA جي سائبر ڪرائيم ونگ ۾ شڪايت داخل ڪري سگهجي ٿي. سزا 2 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ تائين ٿي سگھي ٿي. جيئن ئي ڪنهن شخص کي خبر پوي ته ايف آءِ آر ٿيڻ واري آهي يا ٿي چڪي آھي ته سيشن ڪورٽ مان اڳواٽ ضمانت وٺي سگهجي ٿي. ان سان گرفتاري کان بچي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪو صحافي يا ليکڪ آھي ته ڪٿي به بغير ثبوت جي الزام ھيٺ آيل شخص جو نالو نه لکجي ۽ نه ئي تصوير يا وڊيو ھلائجي. بغير ثبوت جي ڪڏهن به نه لکو يا ڳالھايو، اهوئي سڀ کان وڏو بچاءُ آهي. خبر  ۾“ذريعن موجب” لکڻ به ڪڏهن ڪڏهن نقصان ڏئي ٿو، جنھن ڌر تي الزام اچي ٿو ان جو موقف به ضرور ھلايو.  ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب الزام لڳائڻ کان اڳ جنهن تي الزام آهي ان جو جواب ھلائڻ به لازمي ٿئي ٿو. خبر يا مضمونن ۾ اهو لکو ته ڪيئن بليڪ ميلر گروپ ڪم ڪن ٿا، انهن جا طريقا ڇا آهن ۽ عام ماڻهو ڪيئن بچي سگهي ٿو. اهڙي آگاهي ئي سڀ کان وڏو بچاءُ آهي. ڪوڙا الزام اڪثر ڪري پئسا وٺڻ، دشمني نڀائڻ يا ڪنهن کي سماجي طور خوار ڪرڻ لاءِ لڳايا وڃن ٿا. انهن جو سڀ کان وڏو هٿيار “خوف” آهي. جڏهن متاثر ماڻهو قانوني رستو اختيار ڪري ٿو ۽ خاموش نٿو رهي ٿو ته اڪثر ڪيس پاڻ ئي ختم ٿي وڃن ٿا، انھن کي ابتا گلي ۾ پون ٿا جيڪي الزام تراشيون ڪن ٿا. الزام ڳالھين سان نه ثبوتن سان ثابت ڪري سگھجن ٿا. ڪوڙا الزام ڪڏھن به ثابت نٿا ڪري سگھجن. ھميشه ياد رکو ته سچ ۽ ثبوت سان لکيل لفظ ئي دير تائين قائم ۽ زنده رهن ٿا، ڪوڙ کي ھميشه منھن ۾ ڌوڙ پوندي رھي ٿي.