جيڪڏھن توهان حساس موضوعن تي لکڻ کان اڳ ثبوتن جي اھميت ۽ بچاءُ لاءِ قانوني پاسو سمجهڻ چاهيو ٿا ته توهان کي ڪجھه اھم احتياط اختيار ڪرڻا پوندا، انھن سان توھان غلط الزامن کان پاڻ کي بچائي سگهو ٿا ۽ ٻين شريف ماڻهن کي به بچائي سگهو ٿا. ھميشه ضروري رڪارڊ ۽ ثبوت محفوظ رکو، فون ڪالز، مئسيج، واٽس ايپ چيٽ، ميل جو بيڪ اپ سنڀالي رکو، اڪثر ڪوڙا الزام ڊجيٽل ثبوتن سان ٽٽي پون ٿا. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڌمڪي ڏئي يا پئسن جو مطالبو ڪري ته ان جي رڪارڊنگ قانوني طور تي ڪم اچي سگھي ٿي. سي سي ٽي وي، لوڪيشن ڊيٽا، گواھن جا نالا به محفوظ رکو. اڪيلائي کان پاسو ڪريو، شڪي ماڻهن سان ملاقات هميشه عوامي جاين تي يا گواھ جي موجودگي ۾ ڪريو، ڪنهن به غير معروف عورت/مرد کي گهر يا آفيس ۾ اڪيلو نه گهرايو، جيئن ئي توهان کي محسوس ٿئي ته ڪو توهان جي خلاف ڪوڙو الزام لڳائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، وڪيل ذريعي ان کي قانوني نوٽيس موڪليو، اھڙو عمل اڪثر ڪري بليڪ ميلر کي پوئتي هٽائي ٿو. جيڪڏهن ڪوڙو الزام لڳي وڃي ته قانوني رستو اختيار ڪريو، پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 182 ۽ 211 تحت ڪنهن به بي گناھ ماڻهو خلاف ڪوڙي شڪايت ڏيڻ يا ڪوڙو ڪيس ڪرائڻ ڏوهه آهي، جنھن تحت قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون لاڳو ٿي سگھن ٿيون، سيڪشن 500 هتڪ عزت خلاف آھي، جيڪڏهن ڪنهن جي عزت خراب ڪرڻ لاءِ ڪوڙو الزام لڳايو وڃي ته اهو شخص سول ۽ فوجداري ڪيس ڪري سگهي ٿو. معاوضي ۽ سزا ٻنهي جو مطالبو ڪري سگهي ٿو.