جنهن وقت اسان ڳالهائي رهيا هئاسين ته مان ان ڳالهه کان بي خبر ٿي ويو هئس ته مان وھاڻي جي ڪنڊ مان نڪرندڙ جهالر جهڙي ڏوريءَ سان کيڏڻ ۽ ان کي پنهنجي آڱر تي ويڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، جيڪا ان وھاڻي جي ڪنڊ مان ٻاھر نڪتل ھئي، جنهن تي مان ويٺو ھئس. شايد انهن کي ٻڌڻ واريون ڏوريون چوندا آهن. ھوريڪي پنهنجي گهر جي هر شيءَ ايتري تائين جو وھاڻي جي ڏوريءَ تي به حسد جي حد تائين مالڪي رکڻ جو رويو اختيار ڪري ڇڏيو هو ۽ هو مون ڏانهن اهڙيءَ ريت گهوري ڏسي رهيو هو، ڄڻ ته کيس پنهنجي ان رويي تي ذري برابر به شرمندگي نه هجي، پر جڏهن مان ان بابت سوچيندو آھيان ته منهنجي دوستيءَ جو کيس ڪوبه فائدو نه هو.
هوريڪيءَ جي پوڙهي ماءُ هڪ ٿالهه ۾ جيليءَ جون ٻه پليٽون کڻي اندر آئي.
“امان کائڻ لاءِ ڪجهه آھي؟” هوريڪيءَ پنهنجي ماءُ کان فرمانبردار پٽ وانگر ادب مان پڇيو. ھن جو نرميءَ سان ڳالهائڻ بلڪل ڍونگ پئي لڳو.” معاف ڪجو.. توهان جيلي ٺاهي آهي ڇا؟ واھہ لاجواب. توهان کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي. مان صرف ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر وڃي رهيو هئس، پر جيئن ته توھان تڪليف ڪري جيلي تيار ڪئي آھي، ان ڪري اھا غلط ڳالهه ٿيندي، جو جيلي نه کائجي. توهان جي وڏي مهرباني.پوءِ مون ڏانهن رخ ڪندي، “ھڪ تون کائيندين. امان ان کي خاص طور تي تيار ڪيو آھي… واھہ هي ته لذيذ آهي. واقعي لاجواب آھي.”
هن وڏي چاھہ سان جيلي کاڌي، جنهن مان ڪو ناٽڪ نظر نه پئي آيو. مان پنهنجي پياليءَ مان جيلي جو چمچو کنيو. اهو ذائقو پاڻي وانگر ھو ۽ پيالي جي تري مان مون کي ميوي جو ٽڪرو مليو. بهرحال اھو ميوو نه پر ڪا ٻي شيءِ ھئي، جنهن کي مان سڃاڻي ڪونه سگهيس. مان سندن غربت کي ڪنهن به صورت ۾ حقير نه سمجهيو. (ان وقت مون کي خيال به نه آيو ھو ته ڪا جيلي مزي جي ناھي ۽ ان ڪراڙيءَ جي مهرباني جو ٿورائتو ھئس. اهو به سچ آهي ته مان غربت کان ڊڄندو آھيان، پر مون کي يقين نٿو اچي ته مان غربت کان نفرت به ڪئي آهي.) جيلي ۽ جنهن نموني هوريڪي ان تي خوش ٿيو، ان شيءِ مون کي شهرين جي ڪنجوسي ڪرڻ جو سبق ڏنو ۽ اها ڳالهه ٽوڪيو وارن بابت سچي آھي ته اتي گهرن جا فرد پنهنجي ٻاھرين ۽ گهر واري زندگيءَ ۾ ھر ڪم ڪار کي وڏي چالاڪيءَ سان ورھائي رکندا آھن. مون کي انهن علامتن تي وڏي مايوسي ٿي ته مون کي بلڪل اڪيلو ڇڏي ڏنو ويو آهي. مان ھڪ اھڙو بيوقوف آھيان، جيڪو ھميشه انساني سماج کان ڀڄندو رهيو آهيان ۽ “گهر” ۽ “ٻاهرين” زندگيءَ جي وچ ۾ فرق ڪري نه سگهيو آھيان ۽ ان کانسواءِ مون کي هوريڪيءَ به ڇڏي ڏنو آهي. مان اهو به لکڻ چاهيان ٿو ته جڏھن مان کاڌي کائڻ واريون رنگ لٿل ڏنڊيون گهمائي رھيو ھئس ته مون کي ناقابل برداشت اڪيلائي محسوس ٿي.
“مون کي معاف ڪجو، پر اڄ منهنجو ڪنهن سان ملاقات جو وقت مقرر ٿيل آھي.” هوريڪي اٿي بيهي جاڪيٽ پائيندي چيو، “معاف ڪجو، مان هاڻي وڃان ٿو.”
ان وقت هڪ مهمان عورت هوريڪيءَ وٽ پهتي. اهڙيءَ طرح منهنجي قسمت اوچتو ڦيرو کاڌو. هوريڪي هڪدم ڪافي متحرڪ ٿي ويو. “او، مون کي معاف ڪجو. مان توهان ڏانهن ئي اچي رهيو هئس ته هي دوست بنا اطلاع جي اچي ويو، پر ھا، توھان اسان کي ڪا تڪليف ناھي ڏني. مهرباني ڪري اندر اچو.”
هو پريشان نظر آيو. مان پنهنجي هيٺان وھاڻي کنئي ۽ هوريڪي کي ڏيڻ کان اڳ ان کي ڦيرايو، پر هن منهنجي هٿن مان وھاڻي کسي ۽ ان عورت کي ڏيڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر ان کي گهمايو، جنهن وھاڻيءَ تي ھوريڪي ويٺو ھو، ان کانسواءِ مهمانن لاءِ فقط هڪڙي ئي وھاڻي ھئي.
ھوءَ قد جي ڊگهي ۽ سنهڙي عورت هئي. هوءَ وھاڻي وٺڻ کان انڪار ڪندي دروازي جي ڀرسان ڪنڊ ۾ خاموشيءَ سان ويهي رھي.
مان سندن ڳالهه ٻولهه بي ڌيانيءَ سان ٻڌي. اها عورت بظاهر ته ڪنهن رسالي جي پبلشر جي ملازمه هئي، جنهن هوريڪي کان ھڪ تصوير ٺهرائي ھئي ۽ هاڻي اها تصوير واپس وٺڻ آئي هئي.
اهڙن موقعن تي مون کي پنهنجي هاءِ اسڪول ۾ ٺاهيل پنهنجين ئي تصويرن Self-potriat جي ياد ايندي هئي، جن کي ٽاڪيچي “ڀوتن واريون تصويرون” چوندو هو. منهنجا گم ٿيل شاهڪار. اهي ئي منهنجون سڀ کان اهم ۽ قابلِ قدر تصويرون هيون، جيڪي منهنجي بار بار رهائش بدلائڻ دوران گم ٿي ويون هيون. ان کانپوءِ، مان هر قسم جون تصويرون ٺاهيون، پر جيستائين مون کي ياد آھي ته هي سڀ انهن شاندار تصويرن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه ھيون. مان ان شديد نقصان جي احساس ۾ ائين مبتلا ھئس، ڄڻ ته منهنجو من ويران ٿي ويو ھجي.
شراب جو اڻ پيتل گلاس.
هڪ اهڙي نقصان جو احساس، جنهن جو منهنجي قسمت ۾ گهٽجڻ لکيل نه ھو، سو آهستي آهستي ھڪ نئين شڪل اختيار ڪرڻ لڳو. مان جڏهن به مصوريءَ جي ڳالهه ٿي ڪئي ته منهنجي اکين اڳيان اڻ پيتل شراب جي گلاس جي جهلڪ اچي ويندي ھئي. مون کي هيءَ پريشان ڪندڙ سوچ تڪليف ڏيندي ھئي. “ڪاش، مان انهن کي اهي تصويرون ڏيکاري سگهان ها ته پوءِ اهي منهنجي فنڪاراڻي قابليت تي يقين ڪن ها.”
“ڇا واقعي؟ جڏهن توهان ان طريقي سان سنجيدہ ٿي مذاق ڪندا آھيو ته توهان پيارا لڳنداآهيو.”
“اي رب پاڪ! مون کي برف جهڙي مضبوط همت عطا ڪر. مون کي “انسان” جي اصل حقيقتن کان آگاهہ ڪر. ڇا اهو گناهہ ناهي ته ھو پنهنجي ساٿي کي ڌڪاري پري ڪري ڇڏي؟ اي رب ڪريم! مون کي ڪاوڙ جو نقاب عطا ڪر.”
“ها، مون کي پڪ آهي ته خدا تعاليٰ شيگيڪو کي هر اھا شيءِ عطا ڪندو، جيڪو هوءَ چاهي ٿي، پر مان نٿو سمجهان ته تنهنجي بابا کي ڪو اھڙو موقعو ملندو.”
مون کي خدا کان به خوف ايندو هو. مون کي مولا جي محبت ۾ يقين نه ھو، بس ھن جي سزا ڏيڻ تي يقين ھو.
منهنجي نظر ۾ ايمان ائين آھي، جيئن انسان انصاف جي عدالت ۾ پنهنجو ڪنڌ جهڪائي بيهندو آهي ته جيئن خدا جي عذاب کي قبول ڪري. مان دوزخ جي وجود تي يقين ته ڪري سگهان پيو، پر مون لاءِ جنت جي وجود تي يقين ڪرڻ ناممڪن هو.
اهو ان ڪري، جو مان انهن کي ٺڳيو هو. مون کي خبر هئي ته اپارٽمينٽ هائوس ۾ هر ماڻهوءَ جي مون سان ويجهڙائي ھئي، پر شيگيڪو کي اها ڳالهه سمجهائڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو ته مان انهن سڀني کان ڪيترو ڊڄندو هئس ۽ اها ڏکوئيندڙ خاصيت منهنجي لاءِ ڪيئن بدنصيبي بڻجي پئي هئي ته جيترو مان ماڻهن کان ڊڄندو هئس، اوترو ئي اهي مون کي پسند ڪندا هئا ۽ جيترو اهي مون کي پسند ڪندا هئا، اوترو ئي مان انهن کان وڌيڪ ڊڄندو هئس ۽ ان عمل آخرڪار مون کي سڀني وٽان ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو.
مون اتفاق سان موضوع بدلائي ڇڏيو. “شيگيڪو! تون خدا کان ڇا ٿي چاهين؟”
“مان چاهيان ٿي ته منهنجو اصل پيءُ واپس موٽي اچي.”
سندس ان جواب سان مٿي کي چڪر اچڻ لڳا. هڪ دشمن. ڇا مان شيگيڪو جو دشمن هئس يا هوءَ منهنجي دشمن هئي؟ هاڻي وري ھڪ ٻيو خوف پيدا ٿي پيو ھو، جيڪو مون کي ڊيڄارڻ شروع ڪندو. اجنبي! سمجهه ۾ نه ايندڙ اجنبي، رازن سان ڀريل اجنبي. شگيڪو جو چهرو اوچتو ائين نظر اچڻ لڳو.
مان پاڻ کي انهيءَ ڀروسي سان دوکو ڏئي رهيو هئس ته گهٽ ۾ گهٽ شيگيڪو محفوظ آهي، پر هوءَ به انهيءَ ڍڳي جهڙي هئي، جيڪو پنهنجي پاسرين ۾ ڪنهن ٻگهئي مک جي چڪ پائڻ سبب کيس مارڻ لاءِ پڇ ڦيرائيندو وٺي ڀڄي. مون کي خبر هئي ته ان وقت کان وٺي اڳتي لاءِ، مون کي ان ننڍڙي ڇوڪريءَ کان به وڌيڪ بزدل ٿي رھڻو پوندو.
“ڇا عادي ذاني گهر ۾ آهي؟”
هوريڪي ٻيهر منهنجي گهر اچڻ شروع ڪيو هو. مان هن کي منع نه ڪري سگهيس، جيتوڻيڪ ھي اهوئي ماڻهو هو، جنهن مون کي ان ڏينهن تمام گهڻي تڪليف ڏني هئي، جڏهن مان ڀڄي ويو هئس. مان بي دلي مرڪ سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
“توهان جا مزاحيه خاڪا ڪافي شهرت ماڻي رهيا آهن نه؟ ھنر سان چاھہ رکندڙن سان ڪهڙو مقابلو! اهي ڏاڍا بيوقوف ٿيندا آهن، کين خبر ناھي ھوندي ته ڪهڙي وقت ڊڄجي، پر پاڻ تي ايترو وڌيڪ اعتماد نه ڪر. تنهنجو ڪم ايترو به اھميت وارو ناھي.”
هن مون سان مالڪ بڻجي پيش اچڻ جي ھمت ڪئي! مون کي سندس ان سوچ تي ھميشه وانگر اندر ئي اندر ڏک جي پيڙا محسوس ٿي. “جيڪڏهن مون کيس پنهنجون “ڀوتن واريون تصويرون” ڏيکاريون ته هن جي چهري جو تاثر ڪهڙو هوندو.” پر ان جي بدران مان وراڻيو، “اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، نه ته مان روئي پوندس.”
هوريڪي پنهنجي پاڻ مان وڌيڪ خوش نظر آيو. “جيڪڏهن توھان وٽ وقت گذارڻ جو ڏانءُ آهي ته جلد ئي توھان پاڻ کي دوکو ڏئي وجهندؤ.”
رڳو ايترو ڏانءُ جو وقت گذرندو رهي. مون کي ان ڳالهه تي سچ پچ کل اچي وئي. ان ڳالهه تي ويچار ڪريو ته مون وٽ ايترو ڏانءُ آهي، جو وقت گذاري سگهجي ٿو! مون کي خيال آيو ته مون جهڙو ماڻهو، جيڪو انسانن کان ڊڄي ٿو، انهن کان لنوائي ٿو ۽ دوکو ڏئي ٿو، بظاھر ان ماڻهوءَ وانگر لڳي ٿو، جيڪو ڪاميابيءَ جي ڏاھپ واري اصول تي عمل ڪندي چالاڪ ماڻهن جي عزت ڪندو آھي، جيڪو ان قول ۾ سمايل آھي ته “سُتل ڪتي کي ستو ئي رھڻ ڏيو.” ڇا اهو سچ ناهي ته ٻه انسان هڪٻئي کي ڪڏهن به سمجهي نٿا سگهن؟ جيڪي پاڻ کي ھڪٻئي جا دل گهريا دوست سمجهنداآھن، تن کي به پنهنجي دوست لاءِ ڪافي غلط فهميءَ ٿي سگهي ٿي ۽ سڄي حياتي ان ڏکوئيندڙ حقيقت کان بي خبر رھندو آھي، پر جڏھن کيس پنهنجي دوست جي وفات جي خبر اخبار مان پوندي آھي ته اوڇنگارون ڏئي ناھي روئندو؟
مون کي اھا ڳالهه مڃڻي پئي ته هوريڪي، منهنجي ڀڄڻ کانپوءِ، شيزوڪو جي دٻاءُ ۾ اچي نه چاھيندي به اسان جي وچ ۾ ٺاهہ ڪرايو ۽ هو هاڻي انهيءَ عظيم محسن وانگر ورتاءُ ڪري رهيو هو، جنهن کي مان پنهنجي رھائش يا پنهنجي (شيزوڪي ۽ منهنجي) محبت کي قائم رکڻ لاءِ ٿورائتو ھئس.
جڏهن هو مون کي نصيحتون ڪندو ھو ته سندس چهري تي سنجيدگي ڇانئجي ويندي ھئي. ڪڏهن ڪڏهن هو رات جو نشي ۾ ڌت ٿي، منهنجي گهر اچي سمهي پوندو هو يا وري پنج يِن اڌارا وٺڻ لاءِ اچي ويندو هو.
“تون عورتن سان پنهنجا هي بيوقوفن وارا ڪم ڇڏي ڏي. تون هاڻي حد کان اڳتي نڪري چڪو آهين. سماج وڌيڪ برداشت نه ڪندو.”
مان حيرت ۾ پئجي ويس ته “سماج” مان ھن جو ڇا مطلب هو؟ انسانن جو ٽولو؟ اھا شيءِ جنهن کي “سماج” چون ٿا، ان جي حقيقت ڪٿي آھي؟ مان پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ اهو سمجهيو آھي ته سماج ضرور ڪا طاقتور، سخت ۽ ڪا ظالم شيءِ هوندي، پر هوريڪي جون ڳالهيون ٻڌي منهنجي زبان تي اھي لفظ اچي ويا ته “سماج مان مطلب ڇا تون پاڻ ته نه آهين؟” پر مان ان ڪري خاموش رھيس ته متان ھو ناراض نه ٿي وڃي.
سماج ان کي برداشت نه ڪندو…
سماج کي ڇڏ! برداشت توکان نه ٿيندو.
ائين نه؟
جي تو ڪيو ڪو ڪڌو ڪم،
بدلو توکي ان جو ملندو،
سزا ڏيڻ وارو سماج نه پر، اھو آھين تون.
ائين نه؟
پتو پوي جيسين توکي
تيسين توکي ڌڪاري ڇڏيندو…
ڌڪارڻ وارو سماج نه پر، اھو آھين تون.
ائين نه؟
هر قسم جا لفظ منهنجي ذهن ۾ ڦرندا رهيا. “پنهنجي خاص قسم جي خوف، پنهنجي دغا بازي، چالاڪي ۽ پنهنجي جادوگريءَ کي سڃاڻ!” پنهنجي چهري تان رومال سان پگهر اگهندي مان صرف ايترو مسڪرائي چيو، “تو منهنجا پگهر ڪڍي ڇڏيا آھن!”
ان ڏينهن کان هڪ فلسفياڻي اصول وانگر ان عقيدي کي مڃڻ شروع ڪيو ته هڪ فرد کانسواءِ سماج جي ڪهڙي حيثيت ٿيندي آھي؟
جنهن گهڙيءَ مون کي اھو گمان ٿيو ته سماج شايد هڪ فرد ئي ٿي سگهي ٿو، تڏھن کان وٺي مان پنهنجي سوچن ۽ خواھشن مطابق عمل ڪرڻ شروع ڪيو. شيزوڪو کي لڳو پئي ته مان پنهنجي مرضيءَ وارو ٿي ويو آھيان ۽ اڳ وانگر ڊڄڻو نه رھيو آھيان. هوريڪي چيو ته اها ڳالهه عجيب آهي ته مان ڪيڏو نه مطلبي ٿي ويو آهيان يا جيئن شيگيڪو سمجهيو ھو ته مان شيگيڪو سان اڳ وانگر سٺو ورتاءُ ڪونه ڪري رھيو آهيان.
بغير ڪنهن لفظ ڳالهائڻ جي ۽ بنا کلڻ جي، مان ھر روز شيگيڪو جي سار سنڀال ڪرڻ ۽ مزاحيه خاڪا ٺاهڻ ۾ گذاريا. ھي انهن مختلف ادارن لاءِ ھئا، جيڪي مون کان ڪم وٺندا هئا. ھي خاڪا ايترا بيهودا ھوندا ھئا، جو مون کي پاڻ کي به سمجهه ۾ نه ايندا هئا. (آهستي آهستي ٻين پبلشرن کان به آرڊر اچڻ لڳا، جيڪي شيزوڪو جي ڪمپني کان به وڌيڪ گهٽ درجي جا هئا. شايد انهن کي ٽئين درجي جا پبلشر چيو وڃي ٿو.) مان نهايت ئي مايوسيءَ مان خاڪا ٺاهيا، وڏي خيال سان هر ليڪ کي پورو ڪيو ته جيئن شراب پيئڻ لاءِ ڪجهه پئسا ملي وڃن. جڏهن شيزوڪو ڪم تان گهر موٽي ايندي هئي ته مان گهران نڪرندو ھئس، ڄڻ ته گهر جي سنڀال جو ڪم اسان واري وٽيءَ تي کنيو ھجي. مان اسٽيشن ڀرسان مانڊڻين تان سستو شراب پيئڻ لاءِ ھليو ويندو ھئس.
“جنهن وقت تون ستل ھوندو آھين، ان وقت پنهنجو منهن ڏٺو اٿئي؟ تون چاليهن سالن جو پوڙهو نظر ايندو آھين.”
“اهو سڀ تنهنجو ئي قصور آهي. تو مون کي سڪائي ڇڏيو آهي. ‘مرد جي زندگي وهندڙ ندي جيان ھوندي آهي. ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آھي؟ نديءَ جي ڪناري تي ھڪ بيد جو وڻ …”