دنيا جي سياسي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به عالمي سطح تي وڏا تڪرار يا جنگيون ٿينديون آهن ته انهن جا اثر رڳو جنگ ڪندڙ ملڪن تائين محدود ناهن رهندا، پر سڄي دنيا ان جي اثر هيٺ اچي ويندي آهي. اڄ به جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگي ماحول جي ڳالهه هلي رهي آهي ته ان جا اثر عالمي معيشت، تيل جي اگهن ۽ سياسي استحڪام تي صاف ظاهر ٿي رهيا آهن. تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو اثر خاص طور تي انهن ملڪن تي وڌيڪ پوي ٿو جيڪي توانائي لاءِ ٻاهرين وسيلن تي ڀاڙين ٿا ۽ پاڪستان به انهن ملڪن مان هڪ آهي. جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيندو آهي ته ان جو اثر سڌي طرح پاڪستان جي معيشت تي پوي ٿو ۽ نتيجي طور ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وڃي ٿي. تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان گڏ ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌن ٿا، بجلي جي پيداوار مهانگي ٿي وڃي ٿي ۽ روزمره استعمال جون شيون به مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ حڪومتون ڪڏهن ڪڏهن احتياطي قدم کڻنديون آهن، جن ۾ سيڪيورٽي خدشن يا انتظامي سببن ڪري تعليمي ادارن کي عارضي طور بند ڪرڻ جو فيصلو به شامل هوندو آهي، پر اهو سوال تمام اهم آهي ته ڇا اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي بند ڪرڻ واقعي ڪنهن مسئلي جو حل آهي يا اهو رڳو هڪ اهڙو قدم آهي جيڪو شاگردن جي تعليم کي وڌيڪ متاثر ڪري ٿو. تعليم ڪنهن به قوم جي ترقي جو بنياد هوندي آهي. اسڪول رڳو پڙهائي جا هنڌ ناهن، پر اهي اهڙا ادارا آهن جتي مستقبل جا معمار تيار ٿيندا آهن. جيڪڏهن تعليمي ادارا بار بار بند ڪيا ويندا ته شاگردن جي تعليمي تسلسل ۾ خلل پوندو، جنهن جو نقصان نه رڳو شاگردن کي ٿيندو، پر سڄي سماج کي ٿيندو. خاص طور تي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگرد جيڪي اڳ ئي محدود وسيلن سان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اهي وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن.