بلاگنئون

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ نه صرف ميرٽ جي لتاڙ، پر نوجوانن جي اميدن ۽ خوابن جو قتل!

جڏهن ڪنهن سماج ۾ محنت ڪندڙ ماڻهو سَڀ کان وڌيڪَ ٿَڪجي وڃن، جڏهن ڪتاب کڻي راتيون جاڳندڙ نوجوان سَڀ کان وڌيڪَ مايوس ٿي وڃن ۽ جڏهن اُميد جو رستو ئي شڪ، بي يقيني ۽ درد ۾ بدلجي وڃي، تڏهن سمجهڻ گهرجي ته مسئلو صَرف ڪنهن هڪ اداري جو نه، پر سَڄي سماج جي ضمير جو آهي. اڄ سنڌ ۾ هزارين نوجوان اهڙي ئي ذهني ۽ جذباتي پيڙا مان گُذري رهيا آهن، جتي اُنهن جي محنت، سندن خواب، سندن اُميدون ۽ سندن مستقبل آهستي آهستي هٿن مان ڏور ٿيندا پيا وڃن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، جيڪو اصولي طور تي ميرٽ، شفافيت ۽ انصاف جو دروازو هجڻ گهرجي، اڄ ڪيترن سوالن، شڪن ۽ بحثن جي گهيري ۾ آهي. هِن اداري بابت ٿيندڙ ڳالهه هاڻي صَرف نوڪرين تائين محدود ناهي رهي، پر اُها ڳالهه نوجوانن جي دلين، اُنهن جي نفسيات، اُنهن جي گهرن ۽ اُنهن جي زندگيءَ جي فيصلن تائين پُهچي چُڪي آهي. جڏهن ڪنهن اداري تي اعتماد گهٽجي وڃي، ته پوءِ صَرف نتيجا نه، پر پُوري نظام تي سوال اُٿڻ شروع ٿي وڃن ٿا. سنڌ جو نوجوان جڏهن تعليم مڪمل ڪري ٿو، ته هو صَرف هڪ ڊگري کڻي نٿو نڪري، پر هو پَنهنجي گهر جون اُميدون، پَنهنجي والدين جون قربانيون، ۽ پَنهنجي مستقبل جا وڏا خواب کڻي اڳتي وڌي ٿو. هو ڏينهن رات پڙهي ٿو، پاڻ کي ٿَڪائي ٿو، پَنهنجون خوشيون قربان ڪري ٿو، صَرف اُن آس تي ته هڪ ڏينهن کيس سرڪاري نوڪري ملندي ۽ سندس زندگي بدلجي ويندي، پر اُهو سفر ايترو سولو ناهي رهيو جيترو هجڻ گهرجي ها. هر نوجوان جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو مرحلو اچي ٿو جتي هو امتحانن جي تياري ۾ مڪمل طور پاڻ کي وساري ڇڏي ٿو. هو دوستن کان پري، خوشين کان پري، ۽ آرام کان پري ٿي وڃي ٿو. ڪتابن سان گڏ سمهي ٿو، کائي ٿو ۽ جيئي ٿو. سندس هر ڏينهن هڪ ئي سوچ سان شروع ٿئي ٿو ته سندس ڪيل محنت کيس ضرور صلو ڏياريندي، پر جڏهن نتيجا اچن ٿا ته ڪيترن نوجوانن لاءِ اُهو ڏينهن خوشيءَ بدران سندن خوابن جي ٽٽڻ جو ڏينهن بڻجي وڃي ٿو. سَڀ کان وَڏو درد اُهو هوندو آهي ته جڏهن هڪ محنتي اُميدوار ڏسي ٿو ته هِن کان گهٽ تيار ٿيل يا گهٽ قابليت وارو ماڻهو ڪامياب ٿي ويو آهي ته اُهو لمحو صَرف ناڪاميءَ جو ناهي هوندو، پر اُهو اعتماد جي ٽٽڻ جو اهو لمحو هوندو آهي، جنهن ۾ نوجوانن جي ذهن ۾ هزارين سوال پيدا ٿين ٿا، ان جو پنهنجو پاڻ تان ۽ پنهنجي نظام تان ڀروسو ٽٽي پوي ٿو ۽ هو پنهنجو پاڻ کي ۽ نظام کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسڻ لڳي ٿو. سماج ۾ اُهو تاثر آهستي آهستي مضبوط ٿي رهيو آهي ته سرڪاري نوڪرين جي عمل ۾ مڪمل شفافيت موجود ناهي رهي. ڪيترن اُميدوارن جا تجربا اهڙا آهن جتي هو چون ٿا ته لکيل امتحان ۾ سُٺي ڪارڪردگيءَ باوجود به کين انٽرويو يا فائنل لسٽ ۾ نظرانداز ڪيو ويو. اهڙيون ڳالهيون جڏهن بار بار سامهون اچن ٿيون ته اُهي صَرف فردي شڪايتون نه رهنديون آهن، پر هڪ اجتماعي سوال بڻجي وڃن ٿيون. سيٽن جي وڪري جا الزام هِن سَڄي بحث جو سَڀ کان حساس ۽ خطرناڪ حصو آهن. جيڪڏهن ڪنهن به سطح تي اهڙو عمل ٿئي ٿو، ته اُهو صَرف ڪرپشن نه، پر ميرٽ جو قتل آهي. ڇو ته اُن جو مطلب اُهو ٿيندو ته هڪ غريب، محنتي ۽ ايماندار نوجوان جو حق ڪنهن اهڙي ماڻهو کي ڏنو ويو آهي جيڪو بااثر ۽ پئسي وارو هو. اهڙي صُورتحال ۾ انصاف جو تصور ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ ناانصافي هڪ عام سوچ بڻجي وڃي ٿي. نه صرف ايترو، بلڪه اتان کان نظام جي اندر ڪرپشن، ناانصافي، حق تلفي ۽ نظام کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جو بندوبست به شروع ٿي وڃي ٿو. اُها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته جڏهن ميرٽ تي شڪ پيدا ٿئي ٿو، ته اُهو شڪ آهستي آهستي ماڻهن جي ذهنن ۾ گهر ڪري وڃي ٿو. پوءِ اُهو صَرف هڪ اداري جو سوال نه رهندو آهي، پر سَڄي نظام تي بي اعتمادي پيدا ٿي وڃي ٿي. هڪ نوجوان جڏهن بار بار اهڙي صُورتحال مان گُذري ٿو، ته هو آهستي آهستي پَنهنجو پاڻ کان به سوال ڪرڻ لڳي ٿو ته شايد مسئلو هِن جي محنت ۾ آهي، اصل حقيقت اُها آهي ته مسئلو نظام جي ڪمزوري ۾ هوندو آهي، جڏهن ته نوجوانن تي اُن جو نفسياتي اثر تمام گهرو پوي ٿو. شروع ۾ هو اُميد سان تياري ڪن ٿا، پوءِ ناڪاميءَ کان پوءِ شڪ پيدا ٿئي ٿو، پوءِ بار بار ناڪامي کانپوءِ مايوسي اچي ٿي، ۽ اُن سَموري عمل جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ اهڙي خاموشي جنم وٺي ٿي، جيڪا سَڀ کان وڌيڪَ خطرناڪ هوندي آهي. اُها خاموشي اهڙو نسل پيدا ڪري ٿي جيڪو نه صَرف نظام کان پري ٿي وڃي ٿو، پر پَنهنجي خوابن تان به هٿ کڻي وڃي ٿو. ڪيترائي نوجوان پوءِ پرڏيھه وڃڻ جو فيصلو ڪن ٿا، ڪُجهه مڪمل طور تي سرڪاري نوڪرين کي ڇڏي ڏين ٿا، ۽ ڪُجهه پَنهنجي زندگيءَ کي صَرف محدود دائري ۾ گُذارڻ شروع ڪن ٿا. اُهو سَڀ ڪُجهه ڪنهن به سماج لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، ڇو ته جڏهن نوجوان اُميد وڃائي ويهن ٿا، ته سماج پَنهنجي سَڀ کان وَڏي طاقت وڃائي ويهي ٿو. جڏهن ميرٽ ڪمزور ٿئي ٿي، ته اُن جا اثر صَرف نوڪري تائين محدود ناهن رهندا. اهڙي حالت ۾ ادارن ۾ اهڙا ماڻهو اچي ويهن ٿا جيڪي شايد مڪمل طور قابل نه هجن. نتيجي ۾ فيصلا ڪمزور ٿين ٿا، انتظامي نظام متاثر ٿئي ٿو، ۽ عوامي سهولتون خراب ٿين ٿيون. تعليم، صحت، پوليس ۽ ٻين شعبن ۾ ڪمزوري پيدا ٿئي ٿي، ۽ سَڄو نظام آهستي آهستي غير موثر ٿيڻ لڳي ٿو. اُهو به ضَروري آهي ته هِن مسئلي کي صَرف جذباتي انداز ۾ نه ڏٺو وڃي. هر الزام کي بنا ثبوت قبول ڪرڻ به صحيح ناهي، پر ساڳئي وقت ماڻهن جي درد، اُنهن جي تجربن ۽ اُنهن جي سوالن کي نظرانداز ڪرڻ به درست ناهي. جڏهن هڪ ئي قسم جا سوال بار بار اُٿن ٿا، ته اُهو ادارن لاءِ هڪ واضح اشارو هوندو آهي ته کين پَنهنجي نظام جو جائزو وٺڻ گهرجي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن لاءِ سَڀ کان اهم ضَرورت شفافيت آهي. امتحاني عمل اهڙو هجي جو هر قدم واضح هجي. انٽرويو جا معيار اڳواٽ طئي ٿيل هجن، مارڪنگ جو نظام صاف، دستاويزي ۽ جاچ جي قابلِ هجي. هر اُميدوار کي پَنهنجي ڪارڪردگيءَ بابت مڪمل ڄاڻ ملڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به قسم جو شڪ باقي نه رهي. جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال به انتهائي اهم ٿي ويو آهي. جيڪڏهن امتحاني نظام کي ڊجيٽل، محفوظ ۽ رڪارڊ ٿيل بڻايو وڃي، ته ڪيترائي شڪ ختم ٿي سگهن ٿا. ساڳئي وقت هڪ آزاد، غيرجانبدار ۽ مضبوط شڪايتن جو نظام هجڻ گهرجي، جتي هر اُميدوار بنا خوف جي پَنهنجو مسئلو پيش ڪري سگهي. سماجي طور تي ڏٺو وڃي ته ميرٽ جي لتاڙ صَرف هڪ اداري جي ڪمزوري ناهي، پر اُهو هڪ مڪمل اخلاقي ۽ سماجي زوال آهي. جڏهن محنت جو قدر گهٽجي وڃي ٿو، ته ايمانداري ڪمزور ٿي وڃي ٿي. جڏهن ايمانداري ڪمزور ٿئي ٿي، ته انصاف جو تصور ڌندلو ٿي وڃي ٿو. ۽ جڏهن انصاف ڪمزور ٿئي ٿو، ته سَڄو سماج آهستي آهستي اندر ئي اندر ٽٽڻ لڳي ٿو. هڪ ماءُ جي قرباني، هڪ پيءُ جي ٿَڪَ، ۽ هڪ نوجوان جو خواب جڏهن ناانصافيءَ جي ور چڙهن ٿا ته اُهو صَرف هڪ گهر جو درد نه هوندو آهي، پر سَڄي سماج جو درد بڻجي وڃي ٿو. اُها لھر درد جي لهر هوندي آهي جيڪا خاموش هوندي به هر دل ۾ محسوس ٿئي ٿي. اُها خاموشي ڪنهن اخبار جي سرخين ۾ نه ايندي آهي، نه ئي ڪنهن تقرير ۾ مڪمل بيان ٿي سگهي ٿي، پر اُها هر اُن گهر جي ديوارن ۾ ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي جتي ڪتابن جي بدران هاڻ مايوسي ويٺي هوندي آهي. اهڙيون هزارين خاموش ڪهاڻيون سنڌ جي هر ڳوٺ، هر شهر ۽ هر گهٽيءَ ۾ موجود آهن، جتي هڪ نوجوان پَنهنجي جواني جا بهترين سال صَرف ان آس ۾ گُذاري ٿو ته شايد هڪ ڏينهن انصاف ملندو، پر جڏهن انصاف دير سان اچي يا اچي ئي نه ته پوءِ صَرف خواب نه ٽٽندا آهن، پر انسان جي اندر جو حوصلو به آهستي آهستي ڀڄڻ لڳندو آهي. اهڙي حالت ۾ گهرن ۾ لفظ گهٽ سڏڪا وڌيڪَ هوندا آهن، ۽ اُميدن جي جاءِ تي صَرف سڪون جي تلاش رهجي ويندي آهي. ھي ڳالهه صَرف نوڪريءَ جي ناهي، نه ئي صَرف ڪنهن اداري جي ڪارڪردگيءَ جي آهي، پر اصل ڳالهه سڄي نظام جي آهي، هڪ اهڙي بُنياد جي آهي جنهن تي سَڄو سماج بيٺو هوندو آهي. اُهو بُنياد ميرٽ آهي. جيڪڏهن ميرٽ زنده رهيو ته محنت جو مانُ وَڌي ٿو، ايمانداري جو قدر وڌي ٿو، ۽ نوجوانن جي اکين ۾ خواب زنده رهن ٿا. جيڪڏهن اُميد زنده رهي ٿي ته ماڻهو جدوجهد ڪرڻ نه ڇڏيندا آهن، ۽ سماج ۾ تحرڪ، ترقي ۽ اعتماد باقي رهي ٿو، پر جيڪڏهن ميرٽ دفن ٿي وڃي، جيڪڏهن قابليت جي جاءِ تي شڪ، سفارش يا ناانصافي وٺي وڃي، ته پوءِ صَرف ادارا نه، پر سَڄو مستقبل به آهستي آهستي اونداهو ٿي وڃي ٿو. اهڙي سماج ۾ نوجوانن جا قدم رڪجي وڃن ٿا، سوچون محدود ٿي وڃن ٿيون، ۽ خواب خوف ۾ بدلجي وڃن ٿا. پوءِ ڪتابن مان علم نه بي يقيني نڪرندي آهي، ۽ تعليم اُميد بدران مايوسي جو رستو لڳڻ لڳندي آهي. اڄ سنڌ جو نوجوان هڪ ئي ڳالهه جو طالب آهي، نه وڏا وعدا، نه وڏا نعرا، نه ڪو خالي دلاسو. هو صَرف انصاف چاهي ٿو، شفافيت چاهي ٿو، ۽ پَنهنجي محنت جو صحيح قدر چاهي ٿو. ڇو ته جڏهن محنت جو قدر ملندو آهي، تڏهن ئي انسان جي اندر اعتماد پختو ٿيندو آهي، ۽ جڏهن ڪنهن فرد جي اندر پنهنجو پاڻ تي يقين پيدا ٿيندو آهي ته سڄو سماج طاقتور ٿيندو آهي ۽ ترقيءَ ڏانهن قدم وڌائيندو آهي.