ايڊيٽوريلنئون

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪارڪردگيءَ تي اٿندڙ سوالن بابت چيف سيڪريٽري سنڌ ڏانهن کليل خط

محترم چيف سيڪريٽري صاحب توهان صوبي جا انتظامي سربراهه هجڻ جي ناتي سنڌ جي هر ننڍي وڏي سرڪاري اداري جي ڪارڪردگي ۽ جوابدهي کي جاچڻ جا قانوني ذميدار آهيو. توهان جو سڀ کان وڏو سرڪاري منصب توهان کي عوام جي آڏو جوابده بڻائي ٿو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن رياست کان مٿانهون ادارو ناهي، بلڪه اهو به توهان جي انتظامي نگرانيءَ ۾ اچي ٿو، جنهن جي مٿان سالن کان ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن، پر جواب ڏيڻ وارو ڪوبه ناهي. هي ادارو نوجوانن کي ڪميشن پاس ڪرڻ کانپوءِ 17 هين گريڊ ۾ سڌو سنئون ڀرتي ڪري مختلف شعبن ۾ ميرٽ تي نوڪريون فراهم ڪرڻ جو ذميدار آهي. سنڌ جا لکين پڙهيل لکيل ۽ باصلاحيت نوجوان هن امتحان ۾ ويهڻ لاءِ سڀ مرحلا طئي ڪري امتحان پاس ڪرڻ جا خواب ڏسن ٿا، پر هن وقت نوجوانن جي حالت اها آهي جو اهي SPSC جي نتيجن تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. گذريل ڪيترن ئي سالن کان مختلف طريقن سان هن اداري جي مٿان آڱريون کڄنديون رهيون آهن. ايتري تائين جو نوجوانن ڪورٽن ۾ وڃي چونڊيل نوجوانن جا نتيجا روڪرائي ڇڏيا آهن، پر ان جي باوجود به هن اداري ۾ اصلاح نظر نٿي اچي.

نوجوان ڪلهه جي ڀيٽ ۾ اڄ وڌيڪ مايوس ۽ بيچين نظر اچن ٿا. قانوني طور ته هن اداري کي هر سال امتحان تسلسل سان وٺڻ گهرجن، پر عملي طور تي هي ادارو پنهنجو امتحانن وٺڻ جو تسلسل برقرار ناهي رکيو، جنهن ۾ ڪڏهن  ٻن سالن ته ڪڏهن ٽن سالن کان به وڌيڪ دير سان امتحان ورتا وڃن ٿا. محترم چيف سيڪريٽري صاحب توهان صوبي جي انتظامي سربراهه هجڻ جي ناتي سنڌ جي عوام خاص طور تي سنڌ جي نوجوانن جا محافظ آهيو، SPSC جي انتظامي معاملن کي درست ڪرڻ، نتيجن جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ اداري اندر شفافيت کي يقيني بنائڻ توهان جو اختيار ۽ ذميداري آهي. هن وقت هن اداري جي ڪارڪردگي رڳو نوجوانن کي ميرٽ تي چونڊجي اچڻ کان ناهي روڪيو، بلڪه هي هڪ سنگين، سماجي ۽ نفسياتي بحران جو روپ اختيار ڪري چڪو آهي. سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن مان نڪرندڙ پڙهيل لکيل نوجوان جيڪي هن امتحان جي تياري تي پنهنجو وقت سيڙائين ٿا ۽ هن امتحان جي ذريعي هو پنهنجو مستقبل سنوارڻ چاهين ٿا ۽ غربت جي اسٽيٽس مان نڪري پنهنجو سماجي رتبو بهتر ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي هن امتحان مان ڪوبه فائدو حاصل نه ٿي رهيو آهي. اسان توهان جو ڌيان ان پاسي ڏيارڻ چاهيون ٿا ته هن وقت اداري ۾ ميرٽ تي نوجوانن جي چونڊ نه ٿيڻ، نوڪرين جي وڪري ۽ سفارشي ڪلچر جي راڄ جو واويلا متل آهي. نوجوان کلئي عام ان ڳالهه جي شڪايت ڪري رهيا آهن ته جن نوجوانن کي نوڪريون ملي رهيون آهن اهي هرگز ان جا اهل ناهن جو اهي امتحان پاس ڪري سگهن ها. اهي نه صرف ايتري شڪايت ڪن ٿا، بلڪه انهن جي اها به شڪايت آهي ته پئسن سان سيٽون وڪامجن ٿيون، اميدوارن کان خالي شيٽون وٺي سندن جاءِ تي ٻئي ڪنهن ماڻهو جي هٿان امتحان ڏياري پوءِ نتيجا تيار ڪيا وڃن ٿا ۽ جيڪي اميدوار نوڪريون خريد ڪن ٿا انهن جو مالي ۽ سماجي رتبو کين ان ڪرپشن ۾ مدد ڪري ٿو. جڏهن ته اهي پڙهائي ۾ ميرٽ تي نٿا لهن.

جڏهن ته لکت واري امتحان کي پاس ڪرڻ وارا ڪيترائي نوجوان انٽرويوئن ۾ فيل ڪيا وڃن ٿا جيڪا هڪ المناڪ صورتحال آهي. هن وقت سنڌ معاشي بحران سان گڏوگڏ اعتماد جي بحران کي به منهن ڏئي رهي آهي. سنڌ جي عوام ۽ پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جو پنهنجي نظام تان ڀروسو کڄي چڪو آهي. عوام کي نه پنهنجي عدالتن تي، نه پوليس تي، نه فوڊ ڊپارٽمينٽ تي، نه تعليم جي نظام تي ۽ نه ئي صحت جي نظام تي يقين آهي. اهڙي وقت ۾ توهان کي اڳتي وڌي انتهائي ذميداريءَ سان انقلابي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جنهن سان سنڌ جي عوام جو ٽٽل ڀروسو بحال ٿي سگهي. توهان کي سنڌ جي نوجوان سان مخاطب ٿيڻ گهرجي ۽ کيس پنهنجي ڀروسي ۾ وٺي اهو يقين ڏيارڻ گهرجي ته ايندڙ امتحان گذريل امتحانن جهڙا نه هوندا. جيڪڏهن موجوده صورتحال جيئن جو تيئن برقرار رهي ته اسان جو باصلاحيت نوجوان نه صرف ملڪ ڇڏي ٻاهر هليو ويندو، پر رهجي ويل نوجوان ڪيترن ئي نفسياتي ۽ سماجي مسئلن جي ور چڙهي ويندو. جنهن سان سماج جو پورو ڍانچو جيڪو اڳ ۾ ئي متاثر ٿي چڪو آهي وڌيڪ ڊهي پوندو. ان لاءِ سيڪريٽري صاحب توهان کي گذارش ڪريون ٿا ته انهن امتحانن جا نتيجا يا انٽرويو جيڪي التويٰ جو شڪار آهن انهن کي بنا ڪنهن دير جي جاري ڪيو وڃي، مستقبل ۾ امتحانن ۽ نتيجن لاءِ ٽائيم لائين تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي، اداري جي سستي ۽ دير جي ڪري جيڪي اميدوار نوڪريءَ جي مقرر حد پار ڪري ويا آهن انهن کي خاص رعايت ڏني وڃي ته جيئن سندن سالن جي محنت ضايع نه ٿئي. ان کان علاوه هن اداري کي مڪمل طور تي جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي شفاف ۽ جوابدهي جي قابل بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به امتحان تي ڪنهن به قسم جو ڪوبه داغ نه لڳي سگهي ۽ سوال ڪرڻ وارو جيڪڏهن امتحاني پراسيس کي جاچڻ چاهي ته پنهنجي تسلي ڪري شفافيت تي يقين ڪري سگهي. ڇو ته جتي انساني هٿ ملوث ٿين ٿا اتي ڪرپشن ٿئي ٿي. هن نظام مان انساني هٿن کي خارج ڪري پيپرن جي خودڪار چيڪنگ، انٽرويوئن جي لائيو رڪارڊنگ کان وٺي ڊجيٽلائيزڊ نتيجن تي ٻڌل نظام ٺاهيو وڃي، جنهن سان حڪومت تي کڄندڙ آڱريون هيٺ ٿي وينديون،  ميرٽ تي نوجوان اڳتي ايندا، جنهن جو فائدو نظام کي ٿيندو. چيف سيڪريٽري صاحب اميد آهي ته توهان پنهنجي منصب جي حساب سان هر اداري جي ڪارڪردگيءَ کي جاچڻ لاءِ هڪ اهڙو نظام ٺاهيندا جنهن سان جديد سنڌ تعمير ٿي سگهي ۽ سنڌ جو عوام توهان تي ناز ڪري سگهي.