پائليٽس جعلي ڊگري ڪيس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي ڪورٽ طلب ڪري ورتو
سپريم ڪورٽ پاران جعلي ڊگري ڪيس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي ايئر بلو جي چيف ايگزيڪيوٽو (سي اي او) جي طور تي طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پائليٽن جي جعلي ڊگرين جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ چيف جسٽس پڇيو ته ايئر بلو جو سي اي او ڪير آهي ۽ ان ايئر لائين اڃان تائين ڊيٽا جمع ڇو نه ڪرائي آهي. جنهن جي جواب ۾ ڊائريڪٽر سول ايوي ايشن چيو ته شاهد خاقان عباسي ايئر بلو جو سي اي او آهي جنهن تي چيف جسٽس حڪم ڏيندي چيو ته ايئر بلو جو سي اي او اچي ٻڌائي ته ڪيترا ماڻهو جعلي ڊگريون رکن ٿا. ايئر بلو جي سربراهه کي وزيراعظم طور نه پر سي اي او طور ئي گهرايون ٿا. جنهن کانپوءِ جسٽس ٻين ايئر لائينز جي سي اي اوز کي 12 مئي تي طلب ڪري ورتو جنهن ۾ شاهين، سيرين، ايئر بلو شامل آهن. ياد رهي ته هن ڪيس تحت جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته 24 پائليٽن جون ڊگريون جعلي ثابت ٿيون آهن جڏهن ته هڪ اندازي مطابق اڃان به ڪيترائي پائليٽ ۽ ٻيا ملازم آهن جن جون ڊگريون جاچ هيٺ اچڻيون آهن. مجموعي طور تي 1978 ماڻهن جون ڊگريون جاچ هيٺ اينديون جڏهن ته اڃان ايئر لائينز ان عمل کي پورو نه پيون ڪن.

