نئون

ملائيشيا چونڊون، مهاتير محمد جي تاريخي فتح

ملائيشيا جي عام چونڊن ۾ 92 سالن جي اڳوڻي وزيراعظم مهاتير محمد ۽ ان جا اتحادي کٽي ويا آهن. مهاتير محمد بريسن نيشنل اتحادي جماعت کي شڪست ڏني جيڪا وڏي عرصي کان اقتدار ۾ آهي. مهاتير محمد ۽ ان جي اتحادين 115 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ صرف 112 سيٽون ئي ڪافي آهن. مهاتير محمد جي حلف برداري جي تقريب خميس ڏينهن ٿيندي. جنهن کانپوءِ هو ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مهاتير محمد چيو ته اڄ ملائيشيا هڪ تاريخي فتح حاصل ڪئي آهي. اسان انتقام جي سياست نه ڪندا آهيون، اسان قانون جي بحالي چاهيون ٿا. ياد رهي ته مهاتير محمد سياست کان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي هئي پر هاڻي واپس اچي پنهنجي مخالف نجيب رزاق کي شڪست ڏني آهي.