هٿن تي مهندي لڳائڻ وارو پرنٽر تيار
ڪراچي جي ماهر نوجوانن پاران مهندي لڳائڻ وارو پرنٽر تيار ڪيو ويو آهي. هن قسم جي پرنٽر جي مدد سان هاڻي مهندي ڪجهه ئي منٽن ۾ لڳائي سگهجي ٿي. ڪئمرا ۽ حساس سينسرز تي مشتمل هي پرنٽر انجيڪشن جي سنهي سئي جي مدد سان مهندي جي ڊيزائين هٿن تي هڻي سگهي ٿو. پرنٽر کي آپريٽ ڪرڻ لاءِ ڪنهن خاص مهارت جي به ضرورت نه آهي. هي پرنٽر تيار ڪرڻ وارن نوجوانن جو تعلق بحريا يونيورسٽي سان آهي. نوجوان ماهر عبدالله ان ڏس ۾ چيو ته هن پرنٽر جي تياري تي 200 ڊالر خرچ آيو آهي جنهن تي وڌيڪ ڪم هلي رهيو آهي ۽ هن جي پهرين مرحلي ۾ تجرباتي طور تي ڪم ڪيو ويندو ۽ ٻئي مرحلي تي هن کي وڪري لاءِ تيار ڪيو ويندو، جنهن ۾ عورتون هن کي گهر ۾ استعمال ڪري سگهنديون. هي پرنٽر گذريل ڏينهن ۾ ايڪسپو سينٽر ۾ پيش ڪيو ويو هو جتي هن دبئي اندر رهندڙ پاڪستاني سرمائيڪار پاران هڪ ڪروڙ جي سيڙپڪاري به ملي آهي. عبدالله چيو ته پرنٽر مان ٺاهيل ڊزائينن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي.


