ادبنئون

شاعري

غزل
ساحر راهو
سُفيد وحشتن ۾ جنهنجي، گُفتگُو گلاب هُئي،
ڪيڏانهن وئي سا راهبا جا چاندنين جا خواب هُئي.
مثال جنھن جو کوجيندي، خيال خودڪشيون ٿيا،
ڪنول ڪنول تي اوس جي، سا لمس جا حِجاب هُئي.
پهاڙ جي سا رهگذر، ٿڪن ۾ چُور چُور آ،
جتان ڪڏهن سا مورڻي، ھوا سان هم رڪاب هُئي.
وضُو ڪري به بي وضُو، هُئا تمام فرشتا،
گُناھ جي گليءَ ۾ هوءَ، شراب هُئي ثواب هُئي.
ھوا جي هلڪي ڇُهاءَ تي، وئي ٿي خود ۾ ويڙھجي،
شرير ڪنهن نگاھ سان، جبين ٿي حُباب هُئي.
کڻي گُداز پلڪ جيئن، کِلي ته ٿيڙ سانت ٿي،
جمُوند جي سمُونڊ ۾، عجيب انقلاب هُئي.
ڪندو طلب هو ديپُ جنهن، کان لاٽ جي خيرات سا،
پتنگ پتنگ جي جُستجُو جي جاڳ جا جواب هُئي،
اُنهي سان منهنجي شاعريءَ جو، آسمان هو ڪهڪشان،
اُنهي سان منهنجي ساحريءَ جي، آتما رُباب هُئي.
***
غزل
وسيم سومرو
پير پيرن تي ڏئي
راند اچ کيڏيون ٻئي
ڪا مٿي ڪڪري نه آ
بوند ته به برسي پئي
هڪ طرف آ سوجھرو
ٻئي طرف آهي رئي
ٻن پکيئڙن اڏرندي
ڇانو جر تي آ ڪئي
ڊوڙ پاتي پاڻ پئي
ريل پئي آڏو وئي
خواب جيئن آهي نئون
ننڊ تيئن آهي نئين
ساٿ ساريان پيو وسيم
گيت سياري جو چئي
***
غزل
احمد شاڪر
اُڀريو آهين، ساٿي ٿيندين چنڊَ،
منهنجو بابا ڳولي ڏيندين چنڊَ!
ٿاڻو، ٿاڻو ڳوليندين هر جيلُ،
کولي، کولي جاچڻ ويندين چنڊَ!
ننڍڙي ادڙي روئي ٿي هر روز،
ڇا تون ان لئه شيءِ ٿي ايندين چنڊَ!
پٽ کي پوڙهو پيءُ ٿو ساري روز،
پيءُ جو پٽ لئه نياپو نيندين چنڊَ!
منهنجي گهرَ ۾ ماني ڪونهي چنڊَ،
اک جو پاڻي آهي پيندين چنڊَ!
***
غزل
قاصر اياز ميمڻ
بي سبب تو ڪٽيو رابطو
آ نه پوءِ ڪو رهيو رابطو
تو ته ويڇا وڌائي ڇڏيا
آهي وڇڙي نه ٿيو رابطو
تو ڀرم سڀئي ٽوڙي ڇڏيا
دل ٽٽي جيئن ٽٽو رابطو
آس ٽوڙي تو ٽڪرا ڪيو
ڪو نه پوءِ تو ڪيو رابطو
خوبصورت سهانا هئا ڏينهڙا
پيار هو پنهنجو هو رابطو
پاڪ پوتر پنهنجو پيار هيو
ري لالچ رهيو رکيو رابطو
تو ڇڏيو جيئن مونکي مٺا
دردن سان دل رکيو رابطو
دل جي ڪاغذ مٿان مون مٺا
تنهنجو گفتو لکيو رابطو
زندگي جو پکي ويندو اڏي
مرڻ کان اڳ ڪريو رابطو
من ۾ قاصر رکي قرب کي
تو سان آهي جڙيو رابطو
***
غزل
ممتاز علي ٿرواسي
ڇــــــايا ٿـــــــــي بادل آيا
منهن تـــي هِن ڪاڪل آيا
عيب چــــمي ٿو عشق پرين
سڀ ســــــــــــيبا ڦاٽل آيا
بربادي جــــــــــو بار کڻڻ
ڄــــاتل ۽ ســـــــڃاتل آيا
ڦيرا گهيرا ڦاســـــڻ جــــا
پيار حصــــــــي پاگل آيا
هُو قيدي آ ڪـــــمري جـي
مون مقدر پاڇل آيا
ماٺ ڪـري قُل پڙهيا مون
فاتحـــــــــــه لئه قاتل آيا
***
گم ٿي ويل خواب
صدام ٻپڙ 
اسان جي روشن مستقبل جا خواب 
ڪنهن اونداهيءَ غار ۾ ايئن گم ٿي ويندا آهن 
جيئن نامعلوم هٿياربندن هٿان 
لا پتا ٿي ويندا آهن، 
راهه ويندڙ ڪي مسافر. 
اسان کي پنهنجا خواب تلاش ڪرڻ جي لاءِ 
ڪا روشني به ميسر ناهي هوندي
ڇو جو اُها روشني اڳ ئي چورائي ويندي آهي
سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ سردارن جا 
محل، بنگلا ۽ ماڙيون 
روشن ڪرڻ جي لاءِ
پر پوءِ به اسان پنهنجا خواب 
تلاش ڪندا رهندا آهيون
اونداهيءَ غار ۾ 
زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين. 
***