ڊائري جا ورق
24 آڪٽوبر، 2023
رات جي سانت ۾ مون کان ڌار ٿيل پيارَ جو احساس ڪڏهن به وسري نه سگهندو، شايد پوري زندگيءَ تائين هن تاريخ ۽ سال کي مان وساري نه سگهندس. دنيا ۾ هڪ پيارَ ئي ته آھي جنهن جي سهاري انسان هر ڏک، تڪليف کي منهن ڏئي ويندو آھي. رات جي سانت ۾ گاڏيءَ جي آواز سان جسماني طرح منهنجو موجود ڄڻ ته ڀُري ڀور ٿي چڪو هو، هُن جو وڇوڙو ڪو معمولي وڇوڙو نه هو، پر صدين جو پيارَ سوين سالن جي ٽهڪن جو وڇوڙو هو، جيڪو اُن مهل ئي دل کي محسوس ٿيو هو، لڙڪ لڙي آيا هئا، سرير مان ساھ ڇڏائجي ويو هو. انساني وجود کي ڪيڏي نه تڪليف ٿيندي آھي جڏهن هُن کان هُن جو پيارو ۽ دل وارو محبوب، هُن جي اکين کان وڇڙي وڃي، ۽ اُن پيارَي محبوب جو وڇوڙو هُن کي اڪيلائيءَ جي هنج ۾ اڇلائي وڃي، اُن وڇوڙي کي قسمت جو کيل سمجهي اُن پيارَي ۽ محبوب ماڻهوءَ کي ميار به نه ڏيئي سگهجي، ڪيڏي نه اذيت ناڪ لڳندي آھي اُھا زندگي.
شام جو سج لهڻ مهل ملاقات جو لطف ماڻيندڙ دل اڄ اڪيلائيءَ ۾ روئي رهي آهي.
الائي ڇو اسان کي ڏسندي موسم به خوشگوار ٿي ويندي هئي، پکي به ٻوليون ڪندي نه ٿڪجندا هئا، پر الائي ڇو اڄ سي ئي پکي وڻن تي خاموش ويٺا آھن، الائي ته ٻن دلين جي ڌار ٿيڻ جي ڏک ۾ ورتل آهن، الائي ته سياري جي سٽ کان لاچار ٿي وڻن تي خاموش آھن، سچ پڇين ته توکان بنا، ماحول سوڳوار لڳي رهيو آھي.
***
27 آڪٽوبر 2023
27 آڪٽوبر واري تاريخ کان وٺي هاڻي اسڪول ويندي پوئتي ناهيان ڏسندو، جيئن پهريان تنهنجي دير ڪرڻ تي ڏسندو هئس، تنهنجي هوندي آئون ڪلاس واري بئنچ تي ڪتاب وساري ويهندو هئس، پر هاڻي آئون سڀ ڪتاب سنڀالي کڻندو آھيان، تنهنجي نه هجڻ سان آئون رسيس ۾ موڪل وٺندو هئس، پر هاڻي موڪل تائين پوئين سيٽ تي ويهي خاموشيءَ سان استادن جا ليڪچرَ ٻڌندو آھيان، تنهنجي هوندي ٽهڪ ڏيڻ سان سڀ استاد ناراض ٿيندا هئا، پر هاڻي ڪنهن سان به ٽهڪ ناهيان ڏيندو ۽ نه ئي وري سي استاد هاڻي ڪجھ چوندا آھن. موڪل مهل گهر ايندي رستي سان گهڻو ڳالھائيندو ھئس، پر هاڻي انهيءَ رستي ويندي خاموشيءَ سان گذري ويندو آھيان، ڪيڏيون نه ڊگھيون دل جون ڳالهيون کوليندا هئاسين، ڪلاس ۾ ڪچهري ڪرڻ تي تون ناراض ٿيندو ھئين اسڪول واريون ڳالھيون ساري گڏجي کلنداسين هئاسين، توکي هر دوست گهڻو ڀانئيندو هو، تنهنجي وڇڙي پري هلي وڃڻ سان سڀ تنهنجو پڇندا آھن، آئون جواب ڏيڻ بجاءِ بس مرڪي ڏيندو آھيان. تنهنجي وڇڙي وڃڻ سان گهڻو ڪجھ تبديل ٿي ويو آھي. صرف يادگيري وڃي رھي آھي
هِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَھلِيو وِجُھلي.
(شاهه)