بلاگنئون

سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ بند ڪريو

ھن ڌرتي تي انسان جي زندگي جو جياپو پاڻي کانسواءِ ناممڪن آھي. پاڻيءَ کانسواءِ زندگي جيئڻ مشڪل نه پر ناممڪن آھي. نه صرف انسان پر جانور، پکي پکڻ، ھر ساھواري شيءِ لاءِ پاڻي زندگي جو بنيادي جز آھي. پاڻي زندگي آھي، ڇاڪاڻ جو ھي سرسبز ٻنيون ٻارا، باغ، مختلف پوکون، آباديون پاڻيءَ تي ئي ٿين ٿيون. اسان سوچيون ته جيڪڏهن پاڻي نه ھجي ته ڇا اسان جو زنده رھڻ ممڪن آھي؟ نه بلڪل به نه. اسان کاڌي کانسواءِ ته ڪجهه وقت ڪڍي زنده رھي سگھون ٿا، پر پاڻيءَ کانسواءِ ٻه ٽي ڏينهن به زنده نٿا رھي سگھون. افسوس جو اڄ اھو پاڻي، اھا زندگي سنڌ صوبي جي ماڻهن کان زوري کسجي رھي آھي، اھو پاڻي جنهن تي سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جون زمينون آباد ٿين ٿيون، غير آباد ٻنيون سايون ۽ سرسبز ٿين ٿيون، جنهن جي صورت ۽ انهن مسڪينن جي گهر جو چلھو ٻري ٿو ۽ پيٽ ڀري ماني کائڻ جو موقعو ملي ٿو.

اھو سنڌو ئي آھي جيڪو نه صرف پوري صوبي، پر سڄي ملڪ کي آباد ڪري ٿو، زندگي بخشي ٿو ۽ نه صرف سنڌ ۾ پر سڄي ملڪ ۾ سنڌو جو پاڻي وھي ٿو. بلوچستان، ڪي پي ڪي سنڌو جو پاڻي پاڪستان جي چئني صوبن کي آباد ڪري ٿو. سنڌ صوبو ھيڏي درياءَ بادشاهه جو مالڪ ھوندي به هميشه يتيمن وانگر لاوارث ئي رھيو آھي, هميشه سنڌ تي ڌارين قومن وانگر وفاق ۽ پنجاب صوبي ظلم ئي ڪيو آھي، پر شاباس ھجي سنڌ جي اٻوجھ ۽ امن پسند ماروئڙن کي جو ھنن ڪڏهن به پنهنجي حق وٺڻ لاءِ اف به نه چيو آھي. ٻيون سڀ ناجائزيون ھڪ پاسي، پر سنڌو جي پاڻي تي پنجاب جو ڌاڙو اسان کي ھرگز به قبول نه آھي. ھڪ نه ٻـ به نه يڪا سارا “ڇھ ڪئنال” سنڌو مان کوٽيا پيا وڃن جنهن جي پاڻي تي پنجاب، چولستان جون غير آباد زمينون آباد ٿينديون ۽ سنڌ جون آباد زمينون غير آباد ٿينديون.

جي ھا سنڌو مان ڇھ ڪئنال نڪرندا ته سڀ کان وڏو ڌڪ سنڌ صوبي جي ڏکڻ واري حصي لاڙ، بدين کي لڳندو، جتي سنڌي ماڻهن جون لکين ايڪڙ زمينون آباد آھن ۽ انهن جي آبادي جو ذريعو صرف سنڌو جو پاڻي آھي. قانون مطابق ته پوڇڙ واري زمين پاڻي جي وڌيڪ حقدار ھوندي آھي. سنڌ صوبو به درياءَ جي پوڇڙ تي آھي، پاڻيءَ جو وڌيڪ حقدار، پر بدقسمتي سان اسان سنڌين جو پاڻي پنجاب صوبو “مارچ مھيني کان جون” تائين بند ڪري ڇڏيندو آھي ۽ پنجابي تربيلا ڊيم ڀرڻ جو بھانو ڪندا آھن، پوءِ سانوڻين ۾گھڻا مينهن پوندا آھن ته ڊيم پھريان ڀريل ھجڻ جي صورت ۾ سنڌو ۾ پاڻي گھڻو ڇڏيندا آھن ۽ سنڌ کي ٻوڏ جو خطرو ٿي ويندو آھي ۽ ڪچي ۾ آباد گھر پاڻي ھيٺ اچي ويندا آھن. جڏهن سانوڻين سبب سنڌو ۾ اڳي ئي پاڻي جي گھڻائي ھوندي آھي، مٿان پنجاب ضرورت جو پاڻي بند ڪري ڊيم ڀريندو ته پوءِ سانوڻين ۾ سنڌ ئي ٻڏندي نه.

سو ظلم ته اسان سان اھو آھي جو سنڌو درياءَ جي پاڻي جو به گھڻو حصو، پھريان ئي مٿان مٿان پنجاب صوبو کڻي وڃي ٿو ۽ سنڌو ۾ پاڻي ڇڏين ئي تمام گھٽ ٿا. سنڌو ۾ پاڻي تڏھن جھجو موڪليندا جڏهن پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيندي آهي ۽ واڌو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ کوليو ويندو آهي، جنهن سان سنڌ ۾ پڻ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويندو آھي. مئي، جون جي ڏاڍي گرمي ۾ سنڌ جي ماڻهن جا فصل پيا سڪندا انبن کي پاڻي جي ضرورت آهي، پر پاڻي آھي ڪونه مٿان پنجاب بند ڪيو ويٺو آھي. سنڌ حڪومت جي سنڌو مان ڪئنال کوٽڻ جي فيصلي کي رد ڪرڻ باوجود، سنڌي ماڻھن جي احتجاجن جي باوجود به سنڌو مان واھ کوٽيا پيا وڃن. ڇا واقعي اسان لاوارث قوم آھيون جو جيڏي مھل جيڪو چاھي ناجائزيون ڪندو اسان کي لتاڙيندو ھليو وڃي ۽ اسين ھٿ ٻڌيو ويٺا ھجون. هاڻي ايئن ڪونه ٿيندو ۽ سنڌ جو عوام هرگز ايئن ٿيڻ نه ڏيندو. اٿو ھن ظلم خلاف آواز اٿاريو، ھي وقت آھي آواز اٿارڻ جو احتجاج ڪرڻ جو رستا بند ڪرڻ جو، ياد رکو ظلم ننڍو ھجي چاھي وڏو پر ظلم ظلم ٿيندو آھي ۽ اسان جو اخلاقي ۽ بنيادي فرض آھي ان ظلم خلاف آواز اٿاريون وڙھون. سو اسان جو مطالبو آھي “سنڌو مان ڪئنال” واھ کوٽڻ بند ڪريو، ظلم نه ڪريو، غريبن جون ٻنيون غير آباد ڪري سندن آھون نه کڻو. سنڌو درياءَ جو پاڻي اڳي ئي پنجاب کڻيو وڃي ٿو جيڪڏهن اڃان به واھ کوٽيندا ته سنڌو مان واري ئي اڏامندي، بلڪه ھينئر به سنڌو جو ھيٺيون پاسو ڪير اچي ڏسي واري ئي اڏامي پئي. ڇاڪاڻ ته سنڌو ۾ گھڻو پاڻي پنجاب ڇڏي ئي نٿو.

اسان جو مطالبو وري به اھو ئي آھي ته سنڌو مان واھ کوٽڻ بند ڪيا وڃن، سنڌو کي هميشه سنڌ صوبي ۾ ئي وھندو رھڻ ڏنو وڃي. سنڌو اسان جي ماءُ آھي، اھا ماءُ جيڪا هميشه پنهنجن ٻچڙن جو خيال رکندي آھي، سو سنڌو جو پاڻي اسان سنڌين لاءِ ماءُ جي ٿڃ وانگر آھي. بهرحال پنجاب واسيو سنڌو تي ڪئنال ٺاھڻ بند ڪريو اھو  اسان سان ظلم آھي. ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون سنڌو سان جڙيل آھن، سو انھن جون زندگيون تباهه ڪريو، ٻنيون غيرآباد ڪري توھان به ڪڏهن خوش ۽ آباد نٿا رھي سگھو. هاڻي نه سنڌ لاچار آهن نه مجبور آهن. سنڌي هن وقت پاڻيءَ جي معاملي تي متحد آهن ۽ اها ڳالهه سنڌ حڪومت کي به چڱيءَ طرح خبر پئجي چڪي آهي ته سنڌي عوام پنهنجي پاڻي تي ڌاڙو لڳڻ نه ڏيندو جنهن جي ڪري وزيراعليٰ کي به پنهنجو بيان ڏيڻو پئجي ويو آهي.

سنڌو اسان جي ماءُ آ، سنڌو اسان جو ساھ آ،

سنڌو کي بچايو وڃي، اھا اسان جي پڪار آ.