بلاگنئون

فطرت، جيوت ۽ ضمير جو سودو‎

هڪ قوم جي عظمت ۽ اخلاقي ترقي ان ڳالھ مان ماپي سگهجي ٿي ته اها پنهنجن جاندارن سان ڪيئن سلوڪ ڪري ٿي. بي زبانن سان شفقت ڪرڻ نه رڳو اسان جي اخلاق جو امتحان آهي، پر اهو ڌرتيءَ جي بقا لاءِ به ضروري آهي. جيڪڏهن اسين جانورن، وڻن ۽ فطرت جي ٻين تخليقن سان محبت جو رويو اختيار نه ڪنداسين ته اسان جي پنهنجي بقا به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. مارچ جو مھينو ڌرتيءَ جي من ۾ ڇوليون ڪندڙ سرءُ کان پوءِ، بهار جي پهرين صدا آهي، هڪ نئون ساز، هڪ نئون خواب ۽ هڪ نئين سگھ. هن مھيني ۾ واءُ جي نرم ڇهاءُ سان وڻن جون ٽاريون سرمست ٿين ٿيون، گلن جا پنکڙا خوشبوئن سان مهڪجن ٿا ۽ پکين جا ٽولڙا نين سرنهن جي پنن تي اُڏامن ٿا. فطرت جي آغوش ۾ ساوڪ جا گيت وِرڪڻ جو مهينو آهي. مارچ رڳو موسم جي تبديلي نه، پر تاريخي جاڳرتا جو به پيغام آهي. هي مھينو عورت جي عظمت جو اعلان، آزاديءَ جي اميد، ۽ فطرت جي حفاظت جو وچن پاڻ سان گڏ آڻي ٿو. سنڌ جي مٽيءَ ۾ به مارچ انقلابن جو مهينو رهيو آهي. چاهت، چئلينجن ۽ سچ جي ساٿ جو مھينو به سڏجي ٿو. مارچ ڄڻ ڌرتيءَ جو هڪ نرم واءُ آهي، جيڪو وڻن جي پنن تي شاعري لکي ٿو، درياهن جي وهڪري ۾ نوان ساز ڇيڙي ٿو ۽ انسان جي من ۾ نئون شعور جاڳائي ٿو. هيءُ مهينو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ساوڪ جي واٽ ھميشه اُنهن لاءِ هوندي آهي، جيڪي محبت، اميد ۽ بيداريءَ جا واعدا نڀائين ٿا!

هيءَ ڌرتي فقط مٽيءَ جي مُٺ نه، پر فطرت جي شاعريءَ جو مهڪندڙ بيت آهي، جتي واءُ جي جھونگار سان وڻن جا پَن سرگم بڻجن ٿا، پکين جي چُون چُون موسيقيءَ جي راڳ سان ملي ٿي، ۽ درياهن جا وهڪرا ڌرتيءَ جي دل جا ڌڙڪڻ ٿين ٿا. هر جاندار، هڪ هرڻ جي نازڪ ڊوڙ کان وٺي هڪ بگهڙ جي گجگوڙ تائين، هن ڌرتيءَ جي سونهن آھن. سمنڊن ۾ ترندڙ مڇيون، جبلن ۾ گجندڙ چيتا ۽ درياهن جي لهرن تي نچندڙ ڊولفن، سڀ ڌرتيءَ جي ڪهاڻيءَ جا امر حصا آهن. جيڪڏهن هي احساسات وسري وڃن ته ڌرتي ڄڻ خاموش ۽ ويران ٿي وڃي ٿي. هي جاندار فقط جان نه، پر فطرت جي روح جا نغما آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي جيئري هجڻ جا ثبوت ڏيندا رهن ٿا. 3 مارچ جو ڏينهن جيڪو جھنگلي جيوت جي عالمي ڏينهن طور پوري دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. اھو اسان کي قدرت جي ان خزاني جي حفاظت جو وچن وٺڻ لاءِ ياد ڏياري ٿو. هي ڏينهن سڀ کان پھريان گڏيل قومن جي سرپرستيءَ ۾ ان ڪري ملھايو ملهايو ويو ته جيئن انساني لالچ ۽ بي حسي سبب وسري ويل انهن مظلوم جاندارن جي دانهن ڌرتيءَ جي ضمير تائين پهچي سگهي. ھي ڏينهن جهنگلي جيوت جي سڃاڻپ، بقا ۽ حفاظت جو وچن وٺڻ لاءِ ملهايو وڃي ٿو. هي ڏينهن ياد ڏياري ٿو ته فطرت رڳو وڻن، درياهن ۽ جبلن جو نالو ناهي، پر انهن جاندارن جو به حق آهي، جيڪي ڌرتيءَ جي حسن جا امر رنگ آهن. اچو ته انهن ساھ ورائيندڙن جو ساٿ ڏيون، انهن جي حوصلا افزائي ڪريون ته جيئن ڌرتيءَ جي شاعري امر رهي ۽ فطرت جو هيءُ حسين راڳ هميشه گونجندو رھي. انساني حرص، بي حسي ۽ لالچ ڌرتيءَ جي بي زبان ساٿين لاءِ وڄ بڻجي رهيو آهي. وڻن جي ڇانو گهٽجندي ٿي وڃي، درياهن جا وهڪرا زهر بڻجي رهيا آهن ۽ آسمان تي پکين جون قطارون گهٽبيون پيون وڃن. جھنگ ويران، واهڻ سنسان ۽ وادين مان جھنگلي جيوت جا نشان ميسارجي رهيا آهن. شڪار جي بي رحمي، زمينن جي وڍ ڪٽ ۽ آلودگيءَ جي زهريلي ڇانوَ سبب ڪيترائي ناياب جاندار وجود جي آخري حدن تائين پهچي چڪا آهن. جڏهن ڪنهن شينهن جو گجگوڙ خاموش ٿي وڃي، ڪنهن هرڻ جي ڊوڙ ختم ٿي وڃي ۽ ڪنهن باز جا، پر وڍجي وڃن، ان وقت ڄاڻو ته فطرت جو هڪ ساز ھميشه لاءِ خاموش ٿي ويو ھجي. جيڪڏهن اسين اڃان به نه جاڳياسين ته فطرت جي هيءَ شاعري صرف قصن، تصويرن ۽ وسري ويل داستانن ۾ باقي رهجي ويندي.

ماحولي تبديلي ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي هڪ ڳرو بار بڻجي چڪي آهي. سج جا تپي ويل ڪرڻا جيئن زمين جي هنج کي ساڙي رهيا ھجن، تيئن ئي قدرت جي حسين نظارن ۾ ويرانيت وڪوڙي رهي آهي. اسان جي ڌرتي جو گرمي پد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جيئن ته سج جون ٻرندڙ شعاعون زمين جي هنج ۾ باھ جيان سمائجي رهيون آهن. هيءَ ساڙيندڙ گرمي، برفاني جبلن جا وسامي ويل سپنا ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ سامونڊي ڇوليون نه رڳو اسان جي ڌرتيءَ جي سونهن کي ڌنڌلو ڪري رهيون آهن، پر ڪيترائي جانور ۽ ٻوٽا به پنهنجن قدرتي رهڻ جي جڳهين کان محروم ٿي رهيا آهن. فطرت جي هن بگڙيل صورت ۾، موسمون به پنهنجي شاعريءَ جي تال وساري ويون آهن. ڪڏهن تيز برساتون ته ڪڏهن رڻ جيان سُڪي پيل زمين، فطري حسن کي ويران بڻائي رهيون آهن. جهنگن جي واڍي انساني ترقيءَ جو هڪ اڻٽر حصو سمجهيو وڃي ٿو، پر اهو جيوت لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي. وڻن جي واڍي سان نه رڳو جيوت جا قدرتي گهر ختم ٿي رهيا آهن، پر آڪسيجن جي فراهمي به متاثر ٿي رهي آهي. ڪيترائي جانور ۽ خاص ڪري پکي، وڻن تي پنهنجا گهر ٺاهيندا آهن، پر جڏهن انهن جا آشيانا ڊهي پون ٿا ته هو يا ته لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا يا وري تباھ ٿي وڃن ٿا. ڪجھ لالچي انسان ناياب جانورن جو شڪار ڪري انهن جي چمڙي، هڏن ۽ ٻين جسماني حصن کي وڪرو ڪن ٿا، جيڪو جيوت جي وجود لاءِ وڏو خطرو آهي. شينهن، هاٿي، گينڊا ۽ ٻين قيمتي جانورن جو واپار سندن نسل کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙي عمل تي سخت پابندي هئڻ گهرجي ته جيئن ناياب نسلن کي بچائي سگهجي. پاڻ جن حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، انهن ۾ آلودگي انتهائي خطرناڪ بڻجي چڪي آهي. ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلا مادا، گاڏين مان نڪرندڙ دونهون ۽ پلاسٽڪ جو وڌندڙ استعمال اسان جي جيوت کي ساھ کڻڻ به مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. خاص ڪري سامونڊي جيوت پلاسٽڪ جي گند ۽ ڪيميڪل جي آلودگيءَ سبب وڏي خطري ۾ آهي.

اسان سڀني تي هڪ اهم فرض لاڳو ٿئي ٿو ته جيوت جي بقا ۽ قدرتي حسن جي حفاظت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. ڌرتيءَ جا ساوا وڻ اسان جي ساھ جو سهارو آهن، جن جا وڻندڙ باغ فطرت جي خوبصورتيءَ جا نغما ڳائين ٿا. اسان کي گهرجي ته پنهنجي ڌرتيءَ تي وڻن جي ورڇ وڌايون، هر واهڻ وستيءَ ۾ وڻن جي ڇانوَ جي واڌاري لاءِ عملي قدم کڻون. قدرتي وسيلن جي بيجا استعمال کان پاسو ڪري، پاڻي، مٽي ۽ هوا کي آلودگي کان بچايون ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ به هي ڌرتي جنت جهڙي بڻجي سگهي. سرڪار کي گهرجي ته ماحولياتي پاليسين تي سختيءَ سان عمل ڪرائي، جهنگلات جي واڍيءَ تي پابندي مڙهي ۽ انهن ماڻهن کي سزا ڏئي، جيڪي ڌرتيءَ جي حسن کي نقصان پهچائين ٿا. تعليم ذريعي ماحولياتي شعور کي عام ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن ۾ جيوت جي بقا بابت ڄاڻ وڌي ۽ هو پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ اڳڀرا ٿين. هر ماڻهوءَ تي لازم آهي ته هو پنهنجي حصي جو فرض نڀائي، ڇو ته ڌرتي اسان سڀني جو گڏيل ورثو آهي. ان جي سونهن، ساوڪ ۽ شادابي کي برقرار رکڻ اسان جي اجتماعي ذميواري آهي. جيئن وڻ سيءُ ۾ ڇانوَ، گرمين ۾ ٿڌڪار ۽ ماحول کي پاڪيزگي ڏين ٿا، تيئن اسان جي زندگيءَ جو حسن به فطرت سان جُڙيل آهي. ان ڪري، هر گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ ضرور پوکجي. اهو وڻ نه رڳو آڪسيجن ڏيندو، پر محبت، سڪون ۽ نئين زندگيءَ جو پيغام به آڻيندو. جيئن ئي وڻ وڌندا، تيئن ئي ماحول ۾ نواڻ، موسم ۾ توازن ۽ هوا ۾ پاڪيزگي ايندي. زمين تي رهندڙ هر جاندار جو خيال ڪرڻ اسان سڀني جي اهم ذميواري آهي. فطرت جو هر ذرو، هر وڻ ۽ هر جانور اسان جي حياتيءَ جو حصو آهي. اچو ته پنهنجن هٿن سان ڌرتيءَ کي ساوڪ جو تحفو ڏيون، جيئن نه رڳو اسان، پر ايندڙ نسل به صاف، سرسبز ۽ خوبصورت ماحول ۾ ساھ کڻي سگهي. جيڪڏهن اسين جانورن، وڻن ۽ فطرت جي ٻين مظاهرن سان عزت ۽ محبت جو رويو اختيار نه ڪنداسين ته اسان جي پنهنجي بقا به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. ڌرتيءَ تي هر جاندار جو وجود هڪ وڏي فطري توازن جو حصو آهي، جيڪڏهن اھو بگڙجي ٿو ته ان جا اثر آخرڪار انسانن تي به پوندا. اسان سڀني تي فرض لاڳو ٿئي ٿو ته فطرت، جهنگلي جيوت ۽ ڌرتيءَ جي حسن جي حفاظت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. ڇو ته هڪ سرسبز، صحتمند ۽ جيوت سان جُڙيل ڌرتي ئي اسان جي حقيقي مستقبل جي ضمانت آهي.