گذريل ڏينهن عمرڪوٽ ۾ ماڇي/سولنگي برادري جي گهرن تي پوليس جي چڙهائي، معصوم عورتن، ٻارن ۽ بزرگن مٿان بدترين تشدد کانپوءِ گرفتار ڪري، عورتن ۽ معصوم نياڻين کي پوليس موبائيلن ۾ اڇلائي انهن جا گهر خالي ڪرائي ڄاڻايو ويو ته اهو سمورو ڪورٽ جو حڪم هو. سنڌ پوليس جي ان اڍنگي رويي خلاف سڄي سنڌ سوڳوار آهي. جڏهن ته سياسي سماجي اڳواڻن پاران اهو چيو پيو وڃي ته پوليس قانوني ۽ بنيادي انساني حقن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو آهي. ملڪ جو ڪوبه ادارو پوليس جي ظلم ۽ جبر خلاف قانوني قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. سڄي سنڌ پوليس اسٽيٽ بڻجي چڪي آهي. سرڪاري ويڙهاڪن جي لاپرواهي کان وٺي منشيات ۽ غير قانوني هٿيارن جي وڪري، گهرن ۽ پلاٽن تي قبضي، واپارين کي اغوا ڪرڻ ۽ ڀتا وصول ڪرڻ تائين، پوليس سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهي. عدالت کي سنڌ پوليس جي تازي دهشتگرديءَ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ مظلوم عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هن ڏوهه ۾ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته عدالتن پاران ڪرايل ايگزيڪيوشن وارا ڪيس صرف فيصلو ٻڌائڻ تائين محدود هوندا آهن. عملي طور تي، حڪمن تي عملدرآمد پوليس ذريعي ڪيو ويندو آهي. بدقسمتي سان، پوليس وري سياسي مفادن ۽ اثر رسوخ جي بنياد تي قدم کڻندي رهي آهي. عدالتون جڏهن ڪنهن لا اينڊ آرڊر جي صورتحال کان آگاھ ٿينديون آهن ته ضرورت مطابق خاص وقت مقرر ضرور ڪنديون آهن، پر ڪالهه عمرڪوٽ ۾ پوليس ڏاڍ ڪري غريب ماڻهن مٿان ظلم ڪيو آهي، جنهن ڪري سڄي قوم ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. ظلم جي انتها اها آهي جو سرڪاري مدعيت ۾ ٿيل ايف آءِ آر ۾ فريادي به ايس ايڇ او احمد بخش ته جاچ ڪندڙ به ساڳيو احمد بخش آهي. جڏهن ته جيڪو پلاٽ جو مالڪ ظاھر ڪيو ويو آهي اهو هن ايف آءِ آر ۾ گواھ به ناهي ۽ نه ئي ايف آءِ آرَ ۾ ڪو غير جانبدار گواھ آهي. پوليس اھو به ايف آءِ آرَ ۾ نه لکيو ته ڪنهن کي ڪنهن ڌڪ هنيا، نه ئي ڪو ليڊي پوليس يا مرد پوليس وارو زخمي ٿيو. خود پوليس لکي ٿي ته جائز ڊيوٽي ۾ اٽڪاءُ ڪري پوءِ وري لکيو آهي ته قبضو ڪري، جڏهن ته سولنگين جا سئو سالن کان پُراڻا گھر آهن، جنهن جي گواهي علائقي واسي پڻ ڏئي رهيا آهن ته پوءِ اهي ڪيئن قبضا خور ٿيا. ايف آءِ آر ۾ 324 جو قلم لڳايو ويو آهي، پر سمورين وڊيوز ۾ صاف ظاهر آهي ته ڪنهن به ڳوٺاڻي وٽ نه ھٿيار آهي ۽ نه لٺ آهي. جڏهن ته خود پوليس ھٿيارن سان موجود هئي جن مردن ۽ عورتون تي تشدد ڪيو ۽ سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪيا.