بلاگنئون

عمرڪوٽ ۾ انصاف جو قتل!!؟

رمضان المبارڪ جي مقدس مھيني ۾ جڏھن عبادت، صبر ۽ بردباري جو درس ڏنو ويندو آھي، تڏھن  عمرڪوٽ ۾ پيش آيل واقعو ڪيترن ئي دلين کي ڏکوئي ويو آھي. سيد ۽ سولنگي برادري وچ ۾ پلاٽ جي معاملي تي عدالتي حڪم تحت ٿيل پوليس ڪارروائي دوران مبينا طور جنھن طريقي سان گھرن ۾ داخل ٿي روزيدار بزرگ مردن ۽ عورتن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سندن گھريلو سامان روڊ تي اڇلايو ويو، ان عمل سماج ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آھي. چادر ۽ چوديواري جو تقدس اسان جي سماجي ۽ اخلاقي قدرن جو بنيادي حصو آھي. جيڪڏھن قانون جي نفاذ جي نالي تي ان تقدس کي لتاڙيو وڃي ته پوءِ سوال اڀري ٿو ته ڇا اھو انصاف آھي يا انصاف جو قتل؟ قانون تي عمل ڪرائڻ ضروري آھي، پر قانون جو نفاذ به مھذب، انساني ۽ آئيني دائري اندر ٿيڻ گھرجي. خاص طور تي بزرگن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان مبينا بدسلوڪي ڪنھن به صورت ۾ جائز نٿي لڳي.

واقعي تي شھرين، سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي تنظيمن پاران سخت رد عمل سامھون آيو. وڌندڙ تنقيد ۽ احتجاج بعد سنڌ جي وزير داخلا ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ملوث پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ساڳئي وقت ميرپورخاص پوليس رينج جي ڊي آءِ جي جي اڳواڻي ۾ ٽي رڪني انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، جيڪا واقعي جي جاچ ڪندي، پر سوال اڃان به موجود آھي،  ڇا رڳو معطلي ۽ انڪوائري سان زخمن تي مرھم پئجي سگھندو؟ ڇا متاثر خاندانن جي دلين مان خوف ختم ٿي سگھندو؟ جيڪڏھن جاچ شفاف ۽ غير جانبدار نه ٿي ته پوءِ عوام جو ادارن تي اعتماد وڌيڪ ڪمزور ٿيندو. عمرڪوٽ امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جي سڃاڻپ رھيو آھي. ضروري آھي ته برادرين وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار کي سنجيدگي، ڳالھين ۽ قانوني رستي سان حل ڪيو وڃي. رياستي ادارن جو ڪم صرف حڪم تي عمل ڪرائڻ نه، پر عوام جو تحفظ ۽ عزتِ نفس جي پاسداري پڻ آھي.

اڄ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته انصاف صرف ڪاغذن تائين محدود نه رھي، پر عملي طور نظر به اچي. جيڪڏھن ڪمزور طبقي کي دٻايو ويندو ۽ سندن گھرن جي حرمت کي پامال ڪيو ويندو ته پوءِ عوام سوال ڪندو ته ڇا عمرڪوٽ ۾ انصاف زنده آھي يا ان جو قتل ٿي چڪو آھي؟ وقت جي گھرج آھي ته سچ سامھون اچي، ذميوارن جو احتساب ٿئي ۽ متاثر ماڻھن کي مڪمل انصاف ملي ته جيئن رمضان المبارڪ جي برڪتن سان گڏ انصاف جي روشني به ھن ڌرتيءَ تي قائم رھي سگھي.