بلاگنئون زوارن سان عراق ويندي ايران ۾ حادثو Zahida Abro August 23, 2024August 23, 2024 column, Daily Humsari Newspaper, Iran Accident, pakistan عراق جي شھر ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چاليھي/اربعين ۾ شريڪ ٿيڻ واسطي دنيا جي ڪيترن ملڪن مان قافلا پھچي رھيا آھن پاڪستان مان خاص ڪري سنڌ صوبي جي گهڻن شھر ۽ ڳوٺن مان به بسن ۽ ھوائي جھازن وسيلي نجف اشرف پھچڻ جو سلسلو جوش ۽ عقيدت سان جاري ڏسجي ٿو. جنھن ۾ شيعا فرقي کانسواءِ سني مڪتب جا حسيني عقيدتمند به امام جي حضور سلامي ٿيڻ لاءِ “سفرِ عشق” ۾ شامل آھن. 20 ۽ 21 آگسٽ جي رات ڌاري لاڙڪاڻو کان سالار سيد اطهر شاھ شمسي نالي سان قافلو ايران کان عراق ٿي ويو جو “ايراني شهر يزد” وٽ ھڪ بس سان خوفناڪ لڱ ڪانڊاريندڙ حادثو پيش آيو آھي. ابتدائي رپورٽ موجب 35 کان 37 زوار شهيد جڏهن ته 20 کان 25 سخت زخمي ٿي پيا آھن مسافرن سان پرديس ۾ ھڪ قيامت برپا ٿيڻ تي پاڪستان خصوصا سنڌ جي شھرن ۾ صدمي ۽ سوڳ جو عالم برپا ٿي ويو آھي. ڪيترا عزيز توڙي ھمدرد ۽ ساٿي عزادار سخت ڏک جي عالم ۾ سڪتي ۾ وٺجي ويا آھن. ھي اھلبيت جي حبدارن جو قافلو لاڙڪاڻي کان اي ڪي سي ڪوچ ذريعي زواري لاءِ ايران کان عراق لاءِ سفر ۾ ھو قافلي جو سالار سيد اطهر شاھ شمسي نالي ٻڌايو پيو وڃي. ذريعن موجب حادثو بريڪ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيش آيو آهي وڌيڪ حقيقي پيرائتيون خبرون ملڻ ۾ دير ٿيڻ ڪري لاڙڪاڻي ۾ عزيزن، سڄڻن، دوستن ۽ ساٿين کي شديد انتظار آهي. جڏھن ته ھن حادثي جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي. بدنصيب ڪوچ ۾ 55 زوار، ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر موجود هئا. حادثي جي نتيجي ۾ 35 کان 38 زائرين موقعي تي دم ڏنو جنھن ۾ عورتون به ھيون. جيڪي لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، قمبر، گهوٽڪي، خيرپور وغيره جا ٻڌايا پيا وڃن. جڏهن ته 20 کان 25 مسافر سخت زخمي ٿي پيا آهن. جن ۾ گھڻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ايراني انتظاميه جي ايمرجنسي ريسڪيو ٽيم موقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد ويجھي اسپتالن ۾ لاشن کي کڻائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي. جڏهن ته شهيدن جي لاشن کي سڃاڻڻ سميت محفوظ ڪيو پيو وڃي. شھيد يا زخمي ٿيل عزادارن جي عزيزن جو مطالبو آھي ته وفاق پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت گڏجي ڪوششون ڪن ته جيئن لاش ۽ زخمي جلد کان جلد وطن “پاڪستان جي شھر لاڙڪاڻي” پھچي سگهن جتي سندن غم وچان انتظار سبب روڄ راڙو متل آھي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ مان اميدون آھن ته پاڻ ھن درد ڀري موقعي تي ايران ۾ حادثي جو شڪار ٿيل بس جي مسافر پانڌيئڙن جي واپسي جا ھنگامي انتظام ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوششون وٺي ذميواريون بخوبي سرانجام ڏيندا. ھن ڏکوئيندڙ حادثي تي خاص ڪري ايران ۾ پاڪستاني سفير کي مدد جي اپيل ڪجي ٿي. جنھن ۾ حادثي بابت عزيزن صدمي وچان کين درست ڄاڻ نه ملڻ جي شڪايت ڪئي لاچاري جا اظھار ڪيا آھن. پاڪستاني سرڪار پاران بس متاثرن جي عزيزن سان سان تعزيت جو اظھار ڪيو ويو آھي. ھن ڏس ۾ وزيراعليٰ سنڌ پاران سيد ناصر علي شاھ کي متاثرن جي عزيزن پاران شڪايتن کي دور ڪرڻ ۽ ضرورتن لاءِ مدد واسطي نامزد ڪيو ويو آھي. رب پاڪ شھيدن جا درجات بلند ۽ زخمين جي جلد صحتيابي فرمائي. آمين. Post Views: 42