بلاگنئون

ننڊ جو سائنسي تصور

ننڊ جي لغوي معنيٰ سمهڻ جو عمل، ڳهر۔ نوم۔ گينوار ۽ بي خبري آهي جڏهن ته ننڊ بابت ڪيترائي اصطلاح پڻ ملن ٿا جيئن: ننڊ حرام ڪرڻ (سڪون ڦٽائڻ) ننڊ لڳڻ، ڳهر ٿيڻ، جهوٽا کائڻ، اکيون پورجڻ، سمهڻ جي تانگهه ٿيڻ۔ نِنڊَ نه اچڻ (اک نه لڳڻ، پلڪ نه ڇنڀڻ. بي قرار ٿيڻ).نِنڊَ ڪَشَڻُ۔ننڊ سوريء تي اچڻ ”ننڊ نه ڏسي هنڌ، بک نه ڏسي طعامُ.“ نِنڊارِکو ٿيڻ (نِنڊَ جو اچڻ، کيپ چڙهڻ) وغيره.مطلب ته ننڊ هڪ فطري عمل آهي.
ننڊ هڪ اهم مشق آهي جذباتي توازن ۽ مجموعي صحت کي برقرار رکڻ لاء دماغ جي بنيادي ميڪانيزم کي سمجهڻ ۽ تخليقي طريقن کي ڳولڻ سان ماڻهو پنهنجي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. جيئن سماج آرام جي قدر کي تسليم ڪرڻ جاري رکي ٿو، آرام ڪرڻ لاءِ وقت وٺڻ هڪ تيز رفتار دنيا ۾ اسان جي ذهني ۽ جسماني خوشحالي کي برقرار رکڻ لاءِ فائديمند ۽ ضروري آهي.ننڊ ڪرڻ، مختلف ثقافتن ۾ ڳنڍجڻ سان گڏ هڪ عام رواجي، صحت ۽ پيداوار جو هڪ لازمي حصو بڻجي چڪو آهي “Inemuri” جاپان ۾ ڪم دوران ننڊ ڪرڻ جو طريقو آهي. جنهن کي سماجي قبوليت حاصل آهي. اها روايت، جاپان جي تاريخ ۾ جڙيل آهي، سستي نه پر ڪم ڪرڻ جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿي، جتي ماڻهو پنهنجن ڪمن کي جاري رکڻ کان اڳ ري چارج ڪرڻ لاءِ عوامي هنڌن، آفيسن يا ڪيفي ۾ آرام ڪندي ڏٺا وڃن ٿا. اها ننڊ لاءِ ثقافتي قبوليت ننڊ جي عالمگير فائدن جي سڃاڻپ کي اجاڳر ڪري ٿي. سائنسي تحقيق مطابق آرام جي طريقن کي بهتر ڪرڻ لاءِ جديد طريقا پڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا. طبي تحقيق موجب هر انسان کي روزانو 8 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ گهرجي ته جيئن بک ۽ اُڃ جي احساس کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميوار هارمونز جو نظام درست رهي.سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هڪ رات جي ننڊ پوري نه ٿيڻ کانپوءِ انسان جي بک ۾ 45 سيڪڙو تائين واڌ ٿي سگهي ٿي، ان سبب جيڪي ماڻهو 8 ڪلاڪ کان گهٽ سمهندا آهن انهن جي جسم ۾ سڻڀ جي سطح مٿانهين هوندي۔گھٽ يا گھڻي ننڊ جي نتيجي ۾ دماغي صحت گھڻي متاثر ٿيندي آهي ۽ سنگين مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي.اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
يالي اسڪول آف ميڊيسن جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گھٽ يا وڌيڪ ننڊ جي نتيجي ۾ دماغ ۾ اهڙيون تبديليون ٿينديون آهن جن سان فالج ۽ ڊيمينشيا جهڙن مرضن جو خطرو وڌندو آهي.ان تحقيق ۾ 40 هزار صحتمند وچولي عمر جي ماڻهن کي شامل ڪري سندن ننڊ جي عادتن سان دماغي صحت تي پوندڙ اثرن جي جاچ ڪئي وئي.ان مقصد لاءِ انهن ماڻهن جي دماغ جي white matter hyperintensity کي ڏٺو ويو جنهن سان دماغي عمر ۾ اضافي بابت خبر پوندي آهي.اهڙيءَ طرح fractional anisotropy کي ڏٺو ويو جنهن جي مقدار ۾ گھٽتائي دماغي مرضن جو خطرو وڌائيندي آهي.جيڪڏهن دماغ ۾ white matter hyperintensities جو ڪاٿو ۽ مقدار وڌي وڃي جڏهن ته fractional anisotropy جي سطح گھٽجي وڃي ته فالج ۽ ڊيمينشيا جو خطرو وڌي ويندو آهي.تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته 7 ڪلاڪن کان گھٽ ننڊ يا 9 ڪلاڪن کان وڌيڪ ننڊ سان white matter hyperintensities جو مقدار ۽ ڪاٿو وڌي ويندو آهي جڏهن ته fractional anisotropy جي سطح گھٽجي ويندي آهي.
محققن جو چوڻ آهي ته ننڊ دماغي صحت لاءِ تمام گھڻي اهم هوندي آهي.هنن وڌيڪ ٻڌايو ته نتيجن مان اها به خبر پوي ٿي ته ننڊ جو معيار ۽ وقت زندگي ۾ دماغي صحت جي خطرن جو اشارو ٿي سگھي ٿو. محققن موجب ڊيمينشيا جهڙا مرض ڊگهي عمل جي پڄاڻي هوندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ڪيئن ان عمل کي شروع ٿيڻ کان روڪڻ ممڪن آهي. سندن چوڻ هو ته وچولي عمر اسان جي زندگي جو اُهو اهم وقت هوندو آهي جڏهن ننڊ جون صحتمند عادتون اختيار ڪري دماغي صحت کي معاونت فراهم ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.
ماهرن موجب ڏينهن جو ٿوري ننڊ ضروري آهي ٿوري ننڊ جنهن کي اڪثر power nap چيو ويندو آهي، حقيقت ۾ دماغ لاءِ گھڻي فائديمند هوندي آهي. حاضر دماغي قائم رکڻ لاء تقريبن 10 کان 30 منٽن جي ٿوري ننڊ ڏينهن وقت ڦڙت رهڻ ۾ مدد ڪندي آهي. اها فوري ذهني ريچارج جي طور تي ڪم ڪندي آهي ۽ پيداواري صلاحيت کي وڌائيندي آهي. جڏهن ته بهتر ياداشت ۽ سکڻ جي صلاحيت برقرار رکڻ لاء ڏينهن جي وقت ٿوري ننڊ ياداشت جي استحڪام کي بهتر بڻائي سگھي ٿي ۽ ڄاڻ کي بهتر طريقي سان برقرار رکن ۽ سکڻ جي عمل کي سولو بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي۔ اهڙي طرح ڏينهن جي وقت ٿوري ننڊ ذهني دٻاءَ کي گھٽائڻ ۽ آرام وڌائي موڊ تي هاڪاري اثر وجهندي اهي. وڌيڪ اهو ته اها جذبن کي منظم ڪرڻ ۾ به مدد ڪندي آهي ۽ وڌيڪ هاڪاري نقطه نظر اپنائڻ کي هٿي ڏيندي آهي. ائين ٿوري ننڊ ڪرڻ سان ٿڪ جي احساس کي ختم ڪري سگھجي ٿو، خاص طور تي منجهند جي مصروف وقت دوران. اها توانائي جي سطح ۾ اضافو ۽ سڄو ڏينهن گڏيل طور تي بهتر ڪارڪردگي جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
ٿوري ننڊ به علمي صلاحيتن ۾ بهتري آڻي سگھي ٿي، جن ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي مهارت، تخليقي صلاحيت ۽ فيصلي سازي شامل آهي پر واضح رهي ته ننڊ جو وقت گھڻو اهم آهي گھڻي دير تائين سمهڻ يعني 30 منٽن يا هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ سمهي اٿڻ تي بيزاري ٿي سگھي ٿي ۽ امڪاني طور تي رات جي ننڊ ۾ خلل پئجي سگھي ٿو۔