ايڊيٽوريلنئون

ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جو امڪان

            اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ايندڙ مهيني کان مهانگائي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو آهي ته ايندڙ مهيني کان ناڻي جي پکيڙ جي شرح ۾ اضافو ٿيندو، جنهن سبب مهانگائي ۾ واڌ ٿيڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه هن “پاڪستان لٽريسي ويڪ” جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي آهي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر اصل ۾ ملڪ جي ويجهي معاشي مستقبل متعلق ڳالهه ڪئي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ کي ڪهڙا چئلينجز پيش ايندا ۽ ڪهڙا موقعا آهن، جن جو فائدو وٺي سگهجي ٿو.

            هن سال 2022 جي ڳالهه ڪندي چيو ته ملڪ لاءِ اهو مشڪل وقت هو، جڏهن اهو چيو پئي ويو ته اسانجي معيشت ڏيوالپڻي جو شڪار آهي. لڳ ڀڳ انهيءَ وقت ۾ خطي جو ملڪ سريلنڪا ڊيفالٽ ڪري ويو هو. ملڪ جي ان وقت جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن دانشمندي سان انهيءَ ڏکئي دور مان ملڪ کي ڪڍي ورتو هو، پر مهانگائي ملڪ جي عوام لاءِ وڏا مسئلا کڻي آئي آهي. ملڪ جا 25 ڪروڙ ماڻهو امتحان مان گذريا ۽ انهن وڏي قرباني ڏئي، ملڪ جي معيشت کي بچائي ورتو. هينئر تصور ڪجي ته عالمي مالياتي ادارن جي نظر ۾ جيڪڏهن اسين ڊيفالٽ ٿيل ملڪ هجون ها ته دنيا جي ملڪن ۾ اسان جو وقار جيڪو اڄ آهي، اهڙو نه هجي ها. تڏهوڪي وزيراعظم ميان شهباز شريف جي حڪومت ۽ انهيءَ جي ڪابينا ۽ صوبائي حڪومتن دانشمندي سان معاملن کي منهن ڏنو. انهيءَ سڄي صورتحال جي باوجود ملڪ جي معيشت کي بچائڻ جي باوجود ان وقت مهانگائي جي شرح تاريخ جي بلند ترين سطح تي هئي ۽ ٻيا معاشي اشارا به ڪي گهڻا اميد افزا نه هئا. مثال طور: صنعتي ترقي، زرعي ترقي ۽ پرڏيهي ڪاروبار به بهتر نه هئا. اهو اهو زمانو آهي جڏهن بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڏٺو ويو. وري ائين به ٿيو جڏهن اهڙين ڏکين حالتن ۾ ٿيندو آهي، ڊالر جي قيمت ۾ 100 رپين جو اضافو ٿي ويو، جيڪو ماضيءَ جي ڪنهن به حڪومت جي دور ۾ انهيءَ رفتار سان نه وڌيو هو. ڊالر جي قيمت ۾ اضافو عام ماڻهو جي زندگي کي متاثر ڪري ٿو ۽ شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. کاڌ خوراڪ جون شيون، زرعي ۽ صنعتي پيداوار وڌيڪ خرچ گهرڻ لڳي ٿي. نتيجي ۾ مهانگائي جو عذاب چوطرف پکڙجي وڃي ٿو. مهانگائي جي عذاب جي قيمت عام ماڻهو کي ادا ڪرڻي پوي ٿي. هينئر سال 2022 جي ڀيٽ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي، پر تڏهن به ناڻي جي پکيڙ جي شرح جي ڪري مهانگائي 28.3 سيڪڙو هئي. گذريل مهيني يعني مارچ 2025 ۾ ماضيءَ جي مقابلي ۾ مهانگائي گهٽ رهي آهي، پر اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ايندڙ مهيني کان مهانگائي ۾ اضافي جي امڪان کي ظاهر ڪيو آهي.

             هن پنهنجي خطاب ۾ ملڪ جي اقتصاديات جا بنيادي انگ اکر پيش ڪيا آهن. هن سال 2022 جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته اسين معاشي طرح ڏکين حالتن ۾ هئاسين. ناڻي جي پکيڙ جي شرح تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. انهن مسئلن جي ڪري فارين ايڪسچينج رزروس ٻن هفتن جي درآمد جيترا رهجي ويا هئا. اسان جو ايڪسچينج ريٽ 50 سيڪڙو ڪري پيو هو. اهڙو وقت هو جو اسان انٽر بينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ وسيع خليج به ڏٺي. هن اهو اعتراف به ڪيو ته هن سال مارچ 2025 ۾ 0.7 سيڪڙو گهٽ ترين سطح تي ناڻي جي پکيڙ جي شرح ڏٺي، جنهن سبب مهانگائي هئي، پر ايندڙ مهيني کان ناڻي جي پکيڙ جي شرح ۾ اضافو ٿيندو، انهيءَ ڪري مهانگائي جو امڪان آهي. اسين سمجهون ٿا ته اهو اضافو ٿورو ۽ وقتي هوندو ۽ اسين انهيءَ مان نڪري وينداسين. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ملڪ تي قرضن جي وچور ۽ ادائگين جو اندازو ڏنو آهي. هن اهو به چيو ته اسان کي 26 ارب ڊالرن جون ادائگيون ڪرڻيون آهن، جن مان 16 ارب ڊالر رول اوور يا ري فنانس ٿيندا، بقايا 10 ارب مان 8 ارب جي ادائگي اسان جو ملڪ ڪري چڪو آهي. 8 ارب ڊالر جي ادائگي اسانجي ملڪ ڪئي آهي ته انهيءَ جو مطلب آهي ته اسانجي معيشت ۾ ايتري طاقت آهي ۽ سرڪار ٽيڪس جي نظام کي بهتر ڪيو آهي، تڏهن اهي ادائگيون ٿي سگهيون آهن، اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي. هن جو چوڻ آهي ته مالي سال 2025 جي خاتمي تي ملڪ جي مجموعي پيداوار جي شرح 2.5 کان 3.5 سيڪڙو رهندي. جيڪڏهن ٻيا به ڪي اهڙا سبب جيڪي ترقي کي تيز ڪرڻ جو سبب بڻيا ته معاشي شرح 4.2 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي. انهيءَ سڄي ڳالهه مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته اسانجا معاشي معاملا بهتر ٿي رهيا آهن. ايندڙ مهيني مهانگائي جي امڪان کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هاڻي کان ئي ڏسڻ گهرجي ته جيئن عام ماڻهو تي بار نه اچي ۽ کاڌي پيتي ۽ عام شين جي قيمتن تي نظر رکي وڃي ته جيئن ملڪ جو عوام مهانگائي کان بچي سگهي.