ڪهاڻيوننئون

ٻارن جو صفحو: يتيم ڇوڪرو

ٻارهن سالن جو يتيم ابراهيم ننڍيءَ بيڪريءَ تي ڪم ڪندڙ هٿ ۾ بيضن ۽ مکڻ جي هڪ ٽوڪري کڻي هوڪا ڏيندو وڃي رهيو هو.

سندس جي ٽوڪري نه مضبوط هئي ۽ نه ئي سيءَ جي ڪري سندس جسم تي ڪي مڪمل ڪپڙا پهريل هئس، هُو هڪ بلڪل مسڪين گهرجو پئي لڳو جو پڙهڻ جي عمر هوندي به روڊن، رستن تي وکرکپائڻ لاءِ رُلي رهيو هو. هڪڙي هنڌ تي ٽريفڪ گهڻي هئي رستو پڻ بند هو. هُو به ڪجهه دير ساهي پٽڻ لاءِ بيهي رهيو پر وري به سمجهيائين ته ان ريت دير ٿي ويندي مون کي هلڻ کپي سو پنڌ کي ڇڪيائين پريان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي کيس اهي بيضا، مکڻ ۽ ڊبل روٽي پهچائڻا هئا. اوچتو پيهه ۾ هڪ ماڻهو تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو پئي آيو جو ابراهيم سان اچي پاسو لڳس ۽ هُو انهيءُ ٽڪراءُ لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تيار پڻ ڪونه هو. هٿ مان ٽوڪري ڇڏائجي ويس خود پڻ لوڏي سان اچي پٽ تي ڪريو. ڌڪ ته ڪو ڪونه آيس پر سندس پورا بيضا ٽٽي ويا ته مکڻ به چپلجي خراب ٿي پيو، ابراهيم اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. هڪ ننڍو يتيم ٻار جنهن جو ڪُل گذران انهيءَ بيضن جي ٽوڪريءَ تي هو ان جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. هڪ چڱو مڙس اُتي بيهي رهيو، هُن کي هِنَ ٻار جو زارو زار روئڻ تڪليف ڏيڻ لڳس، مٿس رحم آيس پنهنجي کيسي مان پنجن پنجن رپين جا ٻه سِڪا ڪڍي ان جي ميري ۽ ڪجهه ڦاٽل قميص جي ڦانڊ ۾ وڌائين کيس ڏسي ٻيا ماڻهو وڌيا جن پڻ ايئن ئي ڪيو. ويرم ئي نه گذري ته ابراهيم جي جهوليءَ ۾ انيڪ سڪا گڏ ٿي ويا. هن کي روئڻ وسري ويو، پنهنجي ٿيل نقصان جو ڏک به ختم ٿي ويس. اهي پئسا ڳڻڻ لڳو جيڪي ڏيڍ سئو ٿيا، جڏهن ته هن جي ٽوڪريءَ وارو سامان جو ڪاٿو هن لڳايو ته اهو نوي رپين جو هو. نيڪ دل ۽ نيڪ نيت ابراهيم نوي رپيا ڪڍي پنهنجي کيسي ۾ وڌا باقي ڏيڍ سئو مان سٺ رپيا ٻئي هٿ ۾ رکي سوچڻ لڳو ته ڪنهن کي خيرات ڪريان، پريان هڪ پوڙهي پريشان حال زال ميرن ڪپڙن ۽ بدحاليءَ واريءَ حالت ۾ ڏٺائين سوچيائين ان کي ڏيان پر هڪ پَلَ لاءِ دل ۾ خيال آيس ته ڪيترائي فقير پنڻ ۽ پئسا ڦرڻ لاءِ اهڙو ويس اڪثر ڪندا آهن جن سان هو ٻين حيثيت وارن کي پنهنجو احساس ڏياري سگهن، متان اها عورت پڻ ان ريت هجي اهو سوچي هڪ ويجهي دڪاندار وٽ ڪُرسي کڻي ويٺو ۽ ٽٽل بيضن جي ٽوڪري اُتي رکي ساڻس ڳالهه ڪيائين. دڪاندار هن جي سخاوت واري دل ڏسي خوش ٿيو چوڻ لڳو، ”جيڪڏهن تون هن عورت جي حالت بابت ٻڌين ته ڪَرَ اهي سڀ پئسا پڻ انهيءَ کي ئي ڏيئي ڇڏين“.

ابراهيم حيرت سان سندس ڳالهه ٻڌي سواليه نگاهن سان ڏانهس نهاريو، چاچو ڪريم چوڻ لڳو، ”ابا هيءَ مائي ڳوٺ خدا بخش جي آهي، گهڻا سال اڳ هن جو مڙس هڪ مسافر خانو هلائيندو هو. سندس هڪ ئي پٽ هو جو ننڍپڻ ۾ هڪ ميلي ۾ کانئن وڇڙي ويو هو. انهيءَ پٽ جي ڪري ڳچ وقت پيا روئيندا هئا نيٺ اهو سوچي دل کي سرچايائون ته متان فوت ٿي ويو هجي. نه ته ڪر هيستائين ملي وڃي ها. هو ٻيو ڪو به ڌنڌو ڪونه ڪندا هئا بس پنهنجي گهرجي ٻن ڪمرن ۾ ڳوٺ ۾ آيل مسافرن کي ٽڪائيندا هئا ته ماني ٽڪي پڻ کارائيندا هئا. جنهن جي ڪري اهي مسافر کين سٺو ڀاڙو ڏيئي چند ڏينهن رهي هليا ويندا هئا. ان ريت سندن اهو مسافر خانو سٺيءَ خدمت چاڪريءَ جي ڪري مشهور ٿي ويو، جنهن سان ٻنهي ڄڻن جو گذر سفر چڱو ٿيندو هو.

هڪ دفعي انهن وٽ هڪ جوان مرد عمر نالي آيو جيڪو هڪ ڏينهن لاءِ انهيءَ مسافر خاني ۾ ٽڪيو، کيس ڏسي پوڙهيءَ تمام سٺي ماني ٺاهي دل ۾ سوچڻ لڳي ته اڄ جي منهنجو پٽ زنده هجي ها ته پوءِ هن جوان جيڏو ئي هجي ها، انهيءَ کي کائڻ لاءِ ماني ڏنائين. هُن کي ماني ۽ ٻوڙ ڏاڍا لذيذ لڳا ۽ خوش ٿيو. پاڻ وٽ سونين مُهرن جي هڪ ٿيلهي هئس اها انهن وٽ رکايائين ۽ کين چيائين ته، ”اها صبح جو مون کي موٽائي ڏجو پوءِ هتان روانو ٿيندس في الوقت اها امانت توهين رکو“.

رات جو پوڙهي مائيءَ جي مڙس جي نيت ڦِريِ وئي هن خنجر کڻي سندس ڪمري ۾ وڃي سيني تي وار ڪري کيس ماري ڇڏيو ۽ ساڳئي ڪمري ۾ زمين کوٽي کيس پورڻ وارو هو جو مائي جاڳي پئي هوءَ پڻ مسافر خاني جي ڪمري ۾ اچي پهتي، مڙس کي چڱي هيٺ ڦٺ ڪيائين، پر ڇا ڪري ٿي سگهي لالچ هن جي گهر واري جي اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي هئي، هن عمر کي ماري سندس سونيون مهرون پنهنجي پيتي ۾ وجهي ڪلف ڏيئي ڇڏيو، اهڙيءَ ريت هوءَ مڙس جي هن ظالماڻي قتل جي عيني شاهد پڻ هئي، پر ڇا ٿي ڪري سگهي پٽ ته کانئس ننڍپڻ ۾ ميلي ۾ وڇڙي ويو هاڻي جي پوليس کان مڙس کي ٿي ٻڌرائي ته پوءِ بلڪل اڪيلي رهجي ٿي وئي انهيءَ ڪري صفا چپ ٿي وئي.

صبح جو سندن گهر تي ٺڪاءُ ٿيو، ٻاهر نڪري جو ڏٺائون ته ڳوٺ جا ٻه ماڻهو هئا جن انهيءَ جوان عمر جي پڇا ڪئي هنن کيس چيو، ”اهو ته فجر جو ئي هليو ويو. ڳوٺاڻا حيران ٿي چوڻ لڳا ته، ”اهو ڪيئن وڃي ٿو سگهي؟ هُو ته پڇائون ڪندو توهان لاءِ آيو هو، هُن اسان کي سڀ ٻڌايو ته ميلي مان گم ٿيڻ کانپوءِ کيس ٻارن کي اغوا ڪندڙ ٽولو پري ٻئي صوبي ۾ وٺي ويو جتي کانئس وڏو پورهيو ڪرائيندا هئا آخر انهن کان ڀڄي هڪ نيڪ مرد جي نوڪريءَ ۾ پهتو جتي پڙهي لکي پيرن تي بيهي پنهنجي ڳوٺ ۽ مائيٽن جي ڳولا ڪندو هتي اچي رسيو. هُو ڏاڍو خوش هو رات پنهنجا ڏَسَ پتا صحيح ٻڌايائين جيڪي اسان کي به دِل سان لڳا هُن چيو ته آئون رات رهي صبح جو پاڻ کي ظاهر ڪندس سو اڃان ته صبح به پوري ڪونه ٿي آهي هُو ڪيئن نڪري ويو؟“

پوڙهي اها ڳالهه ٻڌي بيهوش ٿي ڪري پئي ته مڙسهينس مٿو منهن پٽڻ شروع ڪيو، کين سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ته هُو ڇا ڪن؟ پوءِ پوڙهيءَ جي مڙس وڃي پوليس کي بيان ڏنو ته ”مون لالچ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنهنجو ئي پٽ قتل ڪري ماري ڇڏيو آهي، مون کي سزا ڏيو“ عدالت شاهدن مطابق کيس موت جي سزا ڏني ۽ پوڙهيءَ کي به قتل جي جرم جي پرده پوشي ڪرڻ تي ٻه سال قيد جي سزا ملي، هاڻي هيء جيل مان آزاد ٿي اسان جي هن ڳوٺ ۾ پنهنجي هڪ ماسيءَ جي گهر اچي رهي آهي جا پڻ بيواهه آهي، ويچاريءَ جو دِماغ به پورو سارو آهي، جي انهيءَ کي اهي پئسا ڏيندين ته وڏي دُعا ملندئي هيءَ بلڪل مستحق آهي، ابراهيم انهيءَ جي ويجهو وڃي کيس اهي سٺ رپين جا سِڪا ڏنا ابراهيم کي هوءَ ڌيان سان ڏسڻ لڳي جو سندس پٽ پڻ انهيءَ عمر ۾ کانئس ميلي ۾ وڇڙيو هو. گهڻيون دُعائون ڏنائين انهيءَ کانپوءِ ابراهيم جڏهن به اتان گذرندو هو ته پوڙهيءَ کي ويٺل ڏسي سندس دِلجو ئي پڻ ڪندو هو ته کيس ڪجهه سِڪا ۽ بيضا ڊبل روٽي پڻ ڏيندو هو. هن يتيم ٻارن کي هڪ لحاظ کان هيءَ ڏکويل عورت پنهنجي ماءُ محسوس پئي ٿي، ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ ابراهيم وٽس ئي اچي رهڻ لڳو ۽ پنهنجي ڪمائيءَ مان کيس پابنديءَ سان ڪجهه پئسا پڻ ڏيندو هو، انهيءَ ريت هن محبت جي ماريل ماءُ جي ممتا کي به سڪون مليو ته يتيم ڇوڪري کي پڻ جيجل جو پيار ۽ آرام سان رهڻ لاءِ گهر جي ڇتَ ملي، ابراهيم جي بنا لالچ واري طبيعت ۽ سخاوت واريءَ دل هن جي حياتي آسان ڪئي.

***