جواب: منھنجون ٻالڪ ادب جو ڪھاڻيون “گل ڦل” رسالي ۾ ڇپيل آهن. جيئن ته آئون خود استاد آھيان، منهنجي پوري سروس جي دوران مون ٻارن جا ڪيترائي پروگرام اسڪولن جي اسٽيج تي ڪرايا جن مان ڪيترن جا خاڪا، ٽيبلو ۽ مختصر ڊراما به پڻ لکيا. انهن سڀني کي سھيڙي ٻن ڪتابن “ٻارن جي دنيا” ۽ “انڪل آرٿر جون ڪھاڻيون” نالي سان 2019 ۾ ڇپايا. اسڪول جي اسٽيج لاءِ لکيل ڪجھ اسڪرپٽ اڻ ڇپيل به آھن.
سوال 4: ڇا موجوده وقت جيڪو ٻارن لاءِ ادب سرجي رهيو آهي، انهيءَ تي اطمينان محسوس ڪري سگهجي ٿو؟ هڪ استاد هئڻ جي حيثيت ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: ٻارن جي ادب تي اطمينان جوڳو ڪم ڪونهي ٿيو. ھڪ استاد جي حيثيت سان آئون ٻارن ۾ ٻاراڻو ادب پڙهڻ جو لاڙو نٿي ڏسان ان جو ھڪ وڏو سبب اھو به آھي ته اھو ٻارن تائين پھچي ئي نٿو. ڪيترا ليکڪ آھن جن ٻارن جي محفل ۾ ويھي ساڻن ڳالھايو آهي يا پنھنجا ڪتاب کين پڙھائي سندن رايا ورتا آهن؟ ادبي انعامن جا فيصلا وڏا ڪن ٿا. منهنجي خيال ۾ ته ٻارن کان به پڇڻ گھرجي.
سوال 5: پاڪستان جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ ۾ ٻارڙن جي لاءِ ڇپيل ادب کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ ٻاراڻي ادب تي ڪيترو ڪم ٿيو آهي، مون کي ان جي ڄاڻ ڪونهي، باقي اردو زبان ۾ گھڻو ڪم ٿيو آهي.
جواب: ٻارن جي پھرين تربيت گاھ گھر ٿئي ٿو. ٻار وڏن کان ئي سکن ٿا ۽ عادتون پرائن ٿا. گھر ۾ ڪتاب ھوندا ۽ وڏا ڪتابن جو مطالعو ڪندا ته لازمي طرح ٻارن ۾ به ڪتاب پڙهڻ جو چاھ پيدا ٿيندو. وڏا ڪتاب نه پڙھندا ته ٻار به نه پڙهندا. اڄڪلھ انٽرنيٽ جو دور آهي ته ڪتاب پڻ اتي پڙھي سگھجن ٿا. جيستائين اسڪولن ۾ ٻارن کي سٺا ڪتاب ڏئي پڙهڻ جي عادت پيدا نه ڪبي يا وري ڪھاڻيون، مضمون وغيره لکڻ جا مقابلا نه ڪرائبا، ٻارن ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ جو رجحان پيدا نه ٿيندو. انعامن ۾ به ڪتاب ڏنا وڃن. جيئن آئون “لطيف ڊي” تي ٿيندڙ “لطيف ڪوئيز” جي کٽندڙ ٻارن کي شاھ جو رسالو ڏيندي آھيان ته جيئن ھو شاھ سائين کي وڌيڪ پڙهن. مائٽن کي گھرجي ته ٻارن جي سالگره وغيره تي کين ڪتابن جو تحفو ڏين ته جيئن انھن ۾ پڙھڻ جي عادت پوي. نصابي ڪتاب ذهن سازي ڪرڻ جو سڀني کان سگھارو ذريعو آهي. سنڌي نصاب کي جديد دور مطابق بڻائڻ جي شديد ضرورت آهي.