بلاگنئون

ٻالڪ ادب جي ليکڪا شگفته شاهه سان ڳالهه ٻولهه۔۔۔

سيده شگفته شاهه ڪاظمي سنڌي ادب ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي هن ڪهاڻيون، ناول، مضمون ۽ خاص ٻالڪ ادب لاءِ ڪم ڪيو آهي. مصوريءَ جي ميدان ۾ کيس خاص ملڪو حاصل آهي. هڪ سينئر تعليم دان ۽ ليکڪا آهي، پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ڳچ عرصي کان پڙهائيندڙ ادي شگفته ٻارن جي لاءِ ننڍا ننڍا ناٽڪ لکي اسٽيج تي پيش ڪرايا آهن، اچو ته کانئن ٻالڪ ادب جي ڪم بابت ڪي سوال ڪريون.

سوال 1: ادي پنهنجي ٻاروتڻ، تعليم ۽ ادب ڏي لاڙي ٿيڻ بابت ٻڌايو؟

جواب: منهنجو ننڍپڻ بھترين گذريو. اٺ ڀاءُ ڀيڻ ھئاسين، چار ڀائر ۽ چار ڀينرون. منھنجو ساٿ گھڻو ڪري منهنجي ٽن ڀائرن سان رھيو. گڏجي راند ڪندا ھئاسين خاص ڪري وئڪيشن ۾ گڏجي تصويرون ٺاھڻ، مٽيءَ سان گھر ۽ موٽرون ٺاھي انھن کي پينٽ ڪرڻ، ڪپڙن جا دڪان کولي واپار ڪرڻ، بابا جي نقل ڪندي وڪيل بڻجي ڊرامو رچائڻ ۽ ٻاراڻا ڪتاب پڙھڻ جيئن “انسپيڪٽر جمشيد ڪي ڪارنامي”، نونهال ۽ ٻيا ناول پڙھڻ، ڪيرم بورڊ، لوڊو راند ڪرڻ، بلورن سان راند ڪرڻ، لغڙ اڏائڻ، اٽي ڏڪر راند ڪرڻ اسان جي وندر ھوندي ھئي. مون پنهنجي ڀائرن سان گڏجي بلورن ۽ موٽر ڪارن (رانديڪن) وغيره جو بھترين ذخيرو ٺاھيو. منھنجو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ تعليم ھتي ئي حاصل ڪئي. مون سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي آهي، ايم ايڊ به ٿيل آهي ۽ انگريزيءَ ۾ ڊپلوما ڪئي آهي. ادب ڏانهن لاڙو بابا جي لائبريري ۾ رکيل ڪتاب پڙھڻ سان ٿيو.

سوال 2: پهرين ڪهڙي تحرير ڇپي ۽ ان وقت جا احساس ڄاڻايو؟

جواب: اسان جي ننڍپڻ جي دور ۾ اسان جي گھر ۾ انگريزي اخبارون “ڊان” ۽ “اسٽار” اينديون هيون ۽ سنڌي اخبارون “ھلال پاڪستان” ۽ “عبرت” اينديون ھيون جنهن ڪري ننڍپڻ کان ئي مطالعي جي عادت ٿي وئي. ان دور ۾“ھلال پاڪستان” ۾ ٻارڙن جو صفحو “گلن جھڙا ٻارڙا” جي نالي سان ۽ عبرت ۾ “ٻارڙن جي ٻاري” جي نالن سان ڇپجندا ھئا جن کي شوق سان پڙھندا ھئاسين. مون پھرين ڪھاڻي نائين ڪلاس ۾ پڙھڻ دوران لکي ۽ ھلال پاڪستان ڏانهن موڪلي جيڪا ڇپي ته ڏاڍي خوشي ٿي، ڇو ته ان دور ۾ پوسٽ ذريعي مواد موڪلبو ھو ۽ پوءِ انتظار ڪبو ھو ته مواد ڇپجي ٿو يا نه. منهنجي خوشيءَ جو اندازو ان مان لڳايو ته مون وٽ اخبار ۾ ڇپيل اھا ڪھاڻي اڄ به محفوظ آهي.

سوال 3: ٻالڪ ادب ۾ پنهنجي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد بابت ڄاڻ ڏيو؟

جواب: منھنجون ٻالڪ ادب جو ڪھاڻيون “گل ڦل” رسالي ۾ ڇپيل آهن. جيئن ته آئون خود استاد آھيان، منهنجي پوري سروس جي دوران مون ٻارن جا ڪيترائي پروگرام اسڪولن جي اسٽيج تي ڪرايا جن مان ڪيترن جا خاڪا، ٽيبلو ۽ مختصر ڊراما به پڻ لکيا. انهن سڀني کي سھيڙي ٻن ڪتابن “ٻارن جي دنيا” ۽ “انڪل آرٿر جون ڪھاڻيون” نالي سان 2019 ۾ ڇپايا. اسڪول جي اسٽيج لاءِ لکيل ڪجھ اسڪرپٽ اڻ ڇپيل به آھن.

سوال 4: ڇا موجوده وقت جيڪو ٻارن لاءِ ادب سرجي رهيو آهي، انهيءَ تي اطمينان محسوس ڪري سگهجي ٿو؟ هڪ استاد هئڻ جي حيثيت ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟

جواب: ٻارن جي ادب تي اطمينان جوڳو ڪم ڪونهي ٿيو. ھڪ استاد جي حيثيت سان آئون ٻارن ۾ ٻاراڻو ادب پڙهڻ جو لاڙو نٿي ڏسان ان جو ھڪ وڏو سبب اھو به آھي ته اھو ٻارن تائين پھچي ئي نٿو. ڪيترا ليکڪ آھن جن ٻارن جي محفل ۾ ويھي ساڻن ڳالھايو آهي يا پنھنجا ڪتاب کين پڙھائي سندن رايا ورتا آهن؟ ادبي انعامن جا فيصلا وڏا ڪن ٿا. منهنجي خيال ۾ ته ٻارن کان به پڇڻ گھرجي.

سوال 5: پاڪستان جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ ۾ ٻارڙن جي لاءِ ڇپيل ادب کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

جواب: پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ ٻاراڻي ادب تي ڪيترو ڪم ٿيو آهي، مون کي ان جي ڄاڻ ڪونهي، باقي اردو زبان ۾ گھڻو ڪم ٿيو آهي.

سوال 6: ٻارن ۾ ادبي مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻ ۽ منجهن لکڻ ۽ پڙهڻ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن؟ انهيءَ ۾ والدين، استادن ۽ نصاب جو ڪيترو هٿ آهي؟

جواب: ٻارن جي پھرين تربيت گاھ گھر ٿئي ٿو. ٻار وڏن کان ئي سکن ٿا ۽ عادتون پرائن ٿا. گھر ۾ ڪتاب ھوندا ۽ وڏا ڪتابن جو مطالعو ڪندا ته لازمي طرح ٻارن ۾ به ڪتاب پڙهڻ جو چاھ پيدا ٿيندو. وڏا ڪتاب نه پڙھندا ته ٻار به نه پڙهندا. اڄڪلھ انٽرنيٽ جو دور آهي ته ڪتاب پڻ اتي پڙھي سگھجن ٿا. جيستائين اسڪولن ۾ ٻارن کي سٺا ڪتاب ڏئي پڙهڻ جي عادت پيدا نه ڪبي يا وري ڪھاڻيون، مضمون وغيره لکڻ جا مقابلا نه ڪرائبا، ٻارن ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ جو رجحان پيدا نه ٿيندو. انعامن ۾ به ڪتاب ڏنا وڃن. جيئن آئون “لطيف ڊي” تي ٿيندڙ “لطيف ڪوئيز” جي کٽندڙ ٻارن کي شاھ جو رسالو ڏيندي آھيان ته جيئن ھو شاھ سائين کي وڌيڪ پڙهن. مائٽن کي گھرجي ته ٻارن جي سالگره وغيره تي کين ڪتابن جو تحفو ڏين ته جيئن انھن ۾ پڙھڻ جي عادت پوي. نصابي ڪتاب ذهن سازي ڪرڻ جو سڀني کان سگھارو ذريعو آهي. سنڌي نصاب کي جديد دور مطابق بڻائڻ جي شديد ضرورت آهي.

سوال 7: سنڌ جي سهڻن سيبتن ٻارن لاءِ پنهنجو پيغام ڏيو.

جواب: سنڌ جي پيارن ٻارن لاءِ منهنجو اھو پيغام آهي ته تعليم ۾ دلچسپي وٺن، ڇو ته ٻار اسان جو آئيندو آھن، ڌرتيءَ جون واڳون سڀاڻي سندن ئي ھٿن ۾ ھونديون ان ڪري کين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اچڻ گھرجي، وڏن جو ادب ڪن، استادن کي احترام ڏين.