ايڊيٽوريلنئون

حڪومت طرفان توانائي ڪمپنين (آءِ پي پيز) سان معاهدن ۾ اڳڀرائي

            ملڪ جو توانائيءَ وارو شعبو ڪيترن ئي سالن کان مسئلن جو شڪار آهي. نتيجي ۾ عام پاڪستاني مهانگي بجلي ۽ گئس خريد ڪري رهيو آهي. جيئن ته بجلي ۽ گئس ايتري مهانگي آهي جو انهيءَ جي بلن جي ادائگي عام ماڻهوءَ لاءِ مشڪل مسئلو بڻجي وئي آهي. تازو مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ وارن انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسر (آءِ پي پيز) ۽ سرڪار جي وچ ۾ معاهدن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.

            سڌ سماءَ جا ذريعا اهو ٻڌائين ٿا ته وڌيڪ ڇهه آءِ پي پيز سان بجليءَ جي خريداري جا معاهدا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انهن معاهدن جي خاتمي سان 30 ارب رپين جي بچت جو امڪان آهي. گذريل ڪيترن سالن کان ماڻهو اهو سوال پيا ڪن ته سرڪار ايتري مهانگي بجلي ڇو خريد ڪري رهي آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته سرڪار ماضيءَ جي حڪومتن جي ڪيل آءِ پي پيز سان معاهدن جي ڪري مجبور آهي، تڏهن هاڻ اها ڪوشش ٿي رهي آهي ته انڊيپينڊنٽ پاور پروجيڪٽ سان معاهدن کي گڏيل  رضا منديءَ سان ختم ڪجي. ڇاڪاڻ جو گذريل حڪومتن آءِ پي پيز پراجيڪٽن ۾ اشرافيه کي نوازيو آهي ۽ انهن جي پسند سان معاهدا ڪيا ويا آهن. لڳي ٿو ته اسان جا حڪمران ڪنهن به اصول کان واقف ڪونه آهن ۽ نه اهي ذاتي طرح ان لاءِ پاڻ کي ذميدار سمجهن ٿا. ٿيو ايئن آهي ته توانائي جي شعبي ۾ غلطين کي دهرايو ويو آهي، ٿيڻ ايئن کپندو هو ته ماضيءَ جي غلطين کي پرکي انهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها. موجوده وفاقي سرڪار لڳي ٿو ته انهيءَ درستگيءَ جي طرف قدم کڻي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو انهن معاهدن جي ڪري مهانگي بجليءَ جي ڪري ماڻهو پريشان رهيا آهن. حڪمران طبقي ۾ جيڪا غفلت ۽ سستي ۽ غير ذميداري آهي انهيءَ کي توانائي جي شعبي ۾ چڱيءَ طرح ڏسي سگهجي ٿو جو اسين هيستائين ملڪ ۾ بجليءَ جو نظام ٺيڪ نه ڪري سگهيا آهيون. جيئن ته جديد دور ۾ بجلي ۽ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو هڪٻئي سان سڌو واسطو آهي. جيڪڏهن اسين صنعتي ۽ زرعي ترقي چاهيون ٿا ته اسان کي توانائي جي شعبي کي بهتر ڪرڻو پوندو. اسان وٽ توانائي جي مڪمل وزارت موجود آهي ۽ واپڊا نالي ادارو به موجود آهي، جيڪو پاڻيءَ مان بجلي پيدا ٿيڻ واري عمل کي به ڏسي رهيو آهي. ايئن به ٿيو آهي ته انڊيپينڊنٽ پاور پراجيڪٽ جي ڪري ايتري بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪا اسان جي کپت کان به گهڻي آهي. ايئن ٿيو آهي ته بجلي ڪمپنين سان ٿيل معاهدي مطابق جيڪا بجلي پيدا ٿي رهي آهي جيڪڏهن سرڪار خريد نٿي به ڪري تڏهن به انهيءَ کي اها طئي ٿيل رقم انڊيپينڊنٽ پاور پراجيڪٽ کي ادا ڪرڻي پوي ٿي انهيءَ ڪري اسان جو توانائي جو شعبو هڪ طرف انهن پاور پروجيڪٽس کي ڳريون ادائگيون ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف عام بجلي استعمال ڪندڙ شهري کي ڳري اگهه تي بجلي ملي رهي آهي. انهيءَ اسان جي عام ماڻهو جي آمدني ۽ خرچ جي تناسب کي ڌڪ هنيو آهي. انهيءَ ڪري موجوده سرڪار ۽ ان جي توانائي واري وزارت اها ڪوشش ڪري رهي آهي ته اهڙو رستو اختيار ڪجي جو پاور پروجيڪٽس کي نامناسب ادائگيون نه ڪرڻيون پون ۽ عام ماڻهن کي به بجلي ڪجهه مناسب اگهه تي مهيا ڪري سگهجي. انهيءَ سلسلي ۾ وفاقي حڪومت وڌيڪ 6 آءِ پي پيز سان بجلي جي خريداري جا معاهدا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انهن معاهدن جي خاتمي سان 30 ارب رپين جي بچت جو امڪان آهي. سرڪار جي اها ڪوشش آهي ته انهن 6 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪيا وڃن جنهن سان بجلي جي ٽيرف ۾ به گهٽتائي ايندي.

            ذريعن اهو ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت هيستائين 13 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪري چڪي آهي. توانائي جي شعبي ۾ موجوده سرڪار جون ڪوششون ساراهه لائق آهن، جيڪڏهن آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ٿي وڃن ٿا ته هڪ طرف سرڪار نامناسب ادائگين کان ڇٽي پوندي ۽ عام ماڻهو جيڪو بجلي استعمال ڪري ٿو ان کي بجلي مناسب اگهه تي ملي سگهندي.