ڪجھه ڏھاڪا اڳ جڏھن دنيا کي گلوبل وليج جو نالو ڏئي انٽرنيٽ کي زندگي جي اھم ترين ضرورت نه بڻايو ويو ھو، اولاد جي تربيت ايتري مشڪل نه ھئي جيتري ھاڻي ٿي وئي آھي. تڏھن والدين ۽ گھر جا وڏا ٻار جي تربيت پنھنجي تھذيب، تمدن ۽ روايتن موجب ڪندا ھئا، پر افسوس ھاڻي سندن ھٿن ۾ موجود گيجٽس کين وقت کان اڳ تمام گھڻي خطرناڪ معلومات ڏئي سندن تربيت ۾ پنھنجو ناڪاري ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. اڄ ھر مائٽ جي ذھن ۾ پنھنجي اولاد جي مستقبل لاءِ انديشا، خوف، وھم ۽ ڳڻتيون آھن. ھو انھن ڳڻتين ۾ مبتلا آھن ته ھو پنھنجي اولاد جي تربيت ڪھڙي انداز سان ڪن جو سندن ٻار جي شخصيت پنھنجي پاڻ لاءِ، پنھنجي والدين لاءِ ۽ معاشري لاءِ ڪارآمد ٿئي. انٽرنيٽ کي ڏوھي سمجھي والدين پنھنجي اولاد جي تربيت جي فرض کان غافل نٿا ٿي سگھن. اولاد جي، شخصيت ڪردار ۽ اخلاق انھن جي والدين جي تربيت جو نتيجو ھوندي آھي. ٻار جي تربيت جي ذميداري ھڪ مشڪل ۽ محنت طلب فرض آھي. والدين اولاد جي جسماني، ذھني، سماجي واڌ ويجھ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. ھڪ مشھور چوڻي آھي ته پيدائش وقت ٻار ھڪ ڳوھيل اٽي وانگر ھوندو آھي اھو ھن کي سنڀالڻ وارن (جيڪي گھڻي قدر سندس والدين ھوندا آھن) تي منحصر ڪري ٿو ته ھن جي ڪھڙي بناوٽ ٺاھين ٿا. سترھين صدي جي انگريزي فلاسافر ۽ طبيب جان لاڪ مطابق ٻار جو ذھن پيدائش جي وقت (ٽيبيلا رازا جيڪو لاطيني زبان جو لفظ آھي) معنيٰ اڇي پني يا خالي سليٽ وانگر ھوندو آھي. انھيءَ اڇي پني يا خالي سليٽ تي ھو تجربا ڪردار ۽ شخصيتون لکندو آھي. اھي تجربا ۽ ڪردار ھن جي شخصيت جي تعمير ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن. اسان جي زندگي جا اھم ڪردار ۽ شخصيتون اسان جا والدين آھن. ٻار جي تربيت ۾ فطرت جو اھم ڪردار آھي يا پرورش جواھو ( نيچر، نرچر) جو بحث تمام گھڻو پراڻو آھي. فطرت يا نيچر جي حمايت ڪرڻ وارن فلسفي ۽ نفسيات جي ماھرن مطابق اسان جي شخصيت ۾ موروثيت (ھيريڊٽي) جو وڏو ڪردار آھي ٻئي طرف اھي فلسفي ۽ نفسيات جا ماھر آھن جيڪي پرورش (نرچر) کي شخصيت جي تعمير ۾ اھم سمجھن ٿا. نفسيات جي ماھر جي بي واٽسن جو اھو نظريو ھو ته مون کي ھڪ ڊزن ٻار ڏيو مان سندن خاندان ۽ ورثي کي ڄاڻڻ کان بغير کين ٽريننگ ڏئي ڊاڪٽر، قانوندان، استاد يا فقير ٺاھي سگھان ٿو. سندس نظريو به پرورش (نرچر) جي حمايت ۾ آھي. تربيت جي انداز متعلق رونالڊ روھنر جي پيرنٽل ايڪسيپٽينس ريجيڪشن ٿيوري وڏي اھميت رکي ٿي جنھن ۾ ھن وارمٿ ڊائمنشن جو نظريو ڏنو. جنھن جي ھڪ طرف والدين ٻار کي قبول ڪن ٿا. انھيءَ قبوليت جو اظھار ھو جسماني ۽ زباني ٻنھي طريقن سان ڪن ٿا. جسماني قبوليت جو اظھار کين چميون ڏئي ۽ ڀاڪر پائي ڪن ٿا، زباني قبوليت طور سندن لاءِ سٺا الفاظ چوڻ، سندن ساراہه ڪرڻ، کين آکاڻيون ٻڌائڻ، گيت ۽ نظم ڳائڻ، تربيت ڪرڻ، خيال رکڻ، آرام ڏيڻ، ساٿ ڏيڻ وغيرہ شامل آھن. وارمٿ ڊائمينشن جي ٻئي طرف مٿي ڄاڻايل سڀني الاد کي قبول ڪرڻ جي اظھار جو نه ھجڻ معنيٰ والدين طرفان اولاد کي قبول نه ڪرڻ آھي. زباني طور کين قبول نه ڪرڻ جو اظھار کين گھٽ وڌ ڳالھائي، ھنن لاءِ خراب لفظ استعمال ڪري ڪندا آھن، جسماني نه قبول ڪرڻ جو اظھار جسماني تشدد ڪري کين ڌڪا ڏئي، رھنڊون ھڻي ڪندا آھن. اولاد کي والدين صرف جسماني ۽ زباني طريقي سان ئي نه تڪليف ڏيندا آھن بلڪه اڪثر سندن جذبات کي نظر انداز ڪري به کين نه قبول ڪرڻ جو اظھار ڪندا آھن. گھر ۾ موجود والد يا والدہ کي جيڪڏھن ٻار روئي ۽ ڊوڙي اچي پنھنجو ڌڪ ڏيکاري ۽ ھو واپسي ۾ کيس دڙڪا ڏئي چوي ته تنگ نه ڪر ڏسين نٿو ته مان ٽي وي ڏسي رھي آھيان ته اھا ٻار کي جذباتي طور نه قبول ڪرڻ جي ڪيٽيگري ۾ شامل آھي. والدين جڏھن اولاد کي نٿا قبول ڪن ته اھڙن ٻار جي شخصيت ڪيترن ئي نفسياتي مسئلن جي آماجگاہه ٿي سگھي ٿي. والدين جي شفقت ۽ محبت جي ڇانوَ جي بجاءِ سندن سرد ۽ شفقت کان وانجھايل رويا سندن شخصيت ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت جھڙا ناڪاري جذبا اوسر ڪندا آھن. ھو والدين کي چيڙاڪ، ظالم، بدمزاج ۽ سرد مھر شخصيتون سمجھندا آھن. دنيا لاءِ ھنن جي ذھنن ۾ غير مثبت نظريو قائم ٿيندو، خود اعتمادي ۽ اعتبار جي ڪمي، پيار ۽ محبت وارا رشته قائم ڪرڻ ۾ کين ڏکيائي محسوس ٿيندي ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿيندا. پرورش جو اھو ڪھڙو طريقو آھي جنھن سان ٻار جي شخصيت جي مثبت تعمير ٿئي جو ھو ھڪ ڪامياب انسان ٿئي؟ پرورش جا ٻه اھم عنصر آھن ھڪ والدين جو اولاد کي پيار، احساس، تحفظ، ڏيڻ ۽ سندن ضرورتن جو خيال رکڻ ۽ ٻيو عنصر اولاد کي صحيح ۽ غلط ۾ فرق سمجھائڻ، اولاد جي روين کي ڪنٽرول ڪرڻ شامل آھي. پرورش جي طريقن تي ڏنل ڊائنا بومرڊ جي ٿيوري قابل ذڪر آھي جنھن ۾ ھن پرورش جا چار طريقا بيان ڪيا آھن. 1. مھربان، نرم دل والدين، ھي اھي والدين آھن جيڪي فقط اولاد جي ضرورتن جو خيال رکندا آھن ۽ واپسي ۾ اولاد کان سندن روين کي درست ڪرڻ جو ڪوبه مطالبو نه ڪندا آھن. 2. آمرانه مزاج والدين، ھي والدين جو اھو قسم آھي جيڪي اولاد کان صرف تعبيداري جي توقع رکن کين اصول ۽ ضابطا سمجھائيندا رھن ٿا، پر سندن گھرجن ۽ ضرورتن کان بلڪل لاتعلق رھن ٿا. 3. مستند والدين اھي والدين آھن جيڪي نه صرف اولاد کي زندگي گذارڻ جا قاعدا، اصول ۽ ضابطا سيکارين ٿا، سندن کان انھن تي عمل ڪرڻ جي گھرج ڪن ٿا، بلڪه سندن گھرجن ۽ ضرورتن جو خيال رکن ٿا. کين صرف پنھجي رائي نٿا ٻڌائين، پر سندن رائي جو به احترام ڪندا آھن ۽ سندن خيالن کي به اھميت ڏيندا آھن. 4. لاتعلق والدين ھي والدين نه اولاد کي توجهه ڏين ٿا ۽ نه سندن کان ڪا اميد رکن ٿا يا ڪو مطالبو ڪن ٿا. ھن قسم جا والدين اولاد جي ضرورتن ۽ گھرجن کان مڪمل طور تي لاتعلق ھوندا آھن. تحقيق ثابت ڪيو آھي ته مستند والدين اولاد جي بھترين تربيت ڪندا آھن سندن تربيت جو انداز ٻار جي شخصيت جي تعمير ۾ مثبت ۽ مضبوط ڪردار ادا ڪري ٿو. ھن طريقي سان ڪيل تربيت ٻار ۾ خود اعتمادي، فرض شناسي، احساس ذميداري، پنھنجي شخصيت جي، اھميت ۽ معاشري ۾ ھڪ مفيد انسان سمجھڻ جھڙا اھم جذبا ۽ احساس پيدا ڪن ٿا. اولاد پيدا ڪرڻ وقت عورت ۽ مرد ٻنھي کي سمجھڻ گھرجي ته اھا ھڪ تمام گھڻي اھم ذميداري آھي. جيڪڏھن ھو انھيءَ قابل آھن جو اولاد جي صحيح تربيت ڪن کين شفقت ۽ توجهه ڏئي ھن ذميداري کي سھڻي طريقي سان سرانجام ڏئي سگھن ته ٻار پيدا ڪن نه ته مرد خواہه عورت کي اولاد پيدا نه ڪرڻ گھرجي!