بلاگنئون

خوبصورت ۽ سدابهار اداڪار عامر خان

1973ع ۾ پنهنجي چاچي ناصر حسين جي فلم “يادو ڪي بارات” ۾ هڪ ٻار جو ڪردار نڀائيندڙ ننڍڙو عامر حسين خان اڳتي هلي “تاري زمين پر” جهڙيون لاجواب فلمون ٺاهيندو، اِهو اُن وقت ڪنهن کي به اندازو نه هوندو!

14 مارچ، 1965ع تي جنم وٺندڙ عامر خان ٻين گهڻن ئي اداڪارن کان مختلف اِن ڪري به آهي، جو هِن جون فلمون سنجيده سماجي موضوعن تي هونديون آهن. اُن ڪري ئي کيس “مسٽر پرفيڪٽشنسٽ” سڏيو وڃي ٿو. هن خاص طور تي صنفي برابري ۽ تعليم جهڙن اهم موضوعن تي فلمون ٺاهڻ شروع ڪيون ته سندس حيثيت ٻين اداڪارن کان مختلف، منفرد ۽ مٿانهين ٿي وئي. ڪجهه سال اڳ هن هڪ ٽي وي پروگرام جي ميزباني ڪرڻ به شروع ڪئي هئي، جنهن ۾ به هن نهايت ئي سنجيده ۽ اهم موضوعن جيئن ذات پات، رنگ نسل جو فرق، تعليم، ماحوليات، پاڻي جو غلط استعمال ۽ گدلاڻ، سماجي اڻبرابري، عورتن جا حق ۽ ساڻن سماج جو سلوڪ وغيره جهڙا اهم موضوع شامل هئا.

پنهنجي وقت جي بيحد خوبصورت اداڪار عامر خان ڪيتريون ئي زبردست فلمون ڏنيون ۽ پنهنجي وقت جي بهترين اداڪارائن سان گڏ ڪم ڪيو. جن ۾ جوهي چاولا، ماڌوري، ڪاجول، راني مکرجي، ڪرشما ڪپور، ڪرينا ڪپور جهڙيون اداڪارائون شامل آهن. جوهي چاولا سان گڏ پنهنجي پهرين فلم ۾ هيرو طور ايندڙ عامر خان جي ڪيترين ئي فلمن جا گانا به بيحد مقبول ٿيا، جيڪي ان وقت ڪارن، بسن ۽ ٽريڪٽرن ۾ پيا وڄندا هئا. نوي جي ڏهاڪي جي، عامر خان ۽ ماڌوري جي فلم “دل” جا گانا ته ان وقت ريڊيي توڙي ٽيليويزن جي هر پروگرام جو حصو هوندا هئا ۽ هر ننڍي توڙي وڏي جي زبان تي هوندا هئا. 1996ع ۾ عامر خان ۽ ڪرشما ڪپور جي فلم “راجا هندستاني” جا گانا، خاص طور تي “پرديسي پرديسي” ايڏو مشهور ٿيو جو اِن فلم جي گانن جي ڪيسيٽ اڳواٽ بڪ ڪرائي گهرائڻي پوندي هئي.

اهڙيءَ طرح نوي جي ڏهاڪي ۾ سندس ٻي مشهور فلم “هم هين راهي پيار ڪي” جي اسڪرپٽ به لکي هئي. 1999ع ۾ پنهنجو پروڊڪشن هائوس ٺاهيندڙ عامر خان، پنهنجي پروڊڪشن ۾ فلم “لگان” 2001ع ۾ ٺاهي. جنهن کي نيشنل فلم ايوارڊ ۽ فلم فيئر ايوارڊ ته مليا، پر هيءَ فلم آسڪر ايوارڊ لاءِ به نامزد ٿي. هن پنهنجي پروڊڪشن ۾ “ڌوٻي گهاٽ” فلم به ٺاهي، جيڪا هڪ منفرد فلم آهي.

لگان فلم کانپوءِ عامر خان هڪ نئين انداز ۾ سامهون آيو ۽ اِن کانپوءِ هِن “رند دي بسنتي”، “فنا”، “گجني”، “تاري زمين پر”، “دنگل” جهڙيون شاندار فلمون ٺاهيون. مشهور موسيقار اي. آر رحمان، عامر خان جي فلمن “رنگيلا”، “لگان”، “1947 ارٿ” ۽ “رنگ دي بسنتي” ۾ بيحد خوبصورت ڌنن تي ڪمال جا گيت تيار ڪيا هئا. اِهي جڏهن عامر خان تي فلمايا ويا ته وڌيڪ وڻندڙ لڳا.

عامر خان ڪرينا ڪپور سان گڏ تعليم جي موضوع تي “ٿري ايڊيٽس” فلم ٺاهي. جنهن ۾ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي مسئلن کي فوڪس ڪيو ويو. خاص طور تي کين پنهنجو شعبو چونڊڻ ۾ جيڪا تڪليف ٿئي ٿي، ان کي ظاهر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح هڪ خاص ٻار تي “تاري زمين پر” فلم ٺاهي، اهو پيغام ڏنو ته هر ٻار اهم آهي. منهنجي خيال ۾ اِهي ٻئي فلمون هر استاد، شاگرد ۽ والدين کي ڏسڻ گهرجن ته جيئن کين خبر پوي ته ٻار جي نفسيات ڪيڏي اهم هوندي آهي. افسوس جو اسان جو اِن طرف ڌيان نه هوندو آهي. عامر خان جو وڏو پٽ جنيد به هاڻي فلمن ۾ اچي رهيو آهي ۽ سندس ڌيءَ به هڪ ادارو جوڙيو آهي. جنهن ذريعي هوءَ ذهني ۽ نفسياتي طور بيمار ۽ پريشان ماڻهن جي ڪائونسلنگ ڪندي آهي. ان اداري ۾ عامر خان به ساڻس ڪم ڪندو آهي. سندس چوڻ آهي ته ڪورونا وبا کانپوءِ دنيا وڏي نفسياتي عذاب مان گذري رهي آهي. هُو پاڻ ۽ سندس ڌيءَ به انهيءَ پريشاني مان گذريا آهن. ان ڪري هنن ضروري سمجهيو ته هي ٻين انسانن جي مدد ڪن.

عامر خان پنهنجي رشتن ناتن متعلق ايڏو جذباتي آهي جو هاڻي هُو اِهو ذڪر ڪندي روئي پوندو آهي ته فلمن پويان مون پنهنجو سمورو وقت گذاريو. مون پنهنجي ماءُ، ٻارن ۽ گهروارين کي وقت نه ڏنو، جنهن جو ڏک اٿم ۽ هاڻي اُهو وقت واپس به نه ايندو.

سوشل ميڊيا کان بلڪل پري رهندڙ عامر خان هاڻي موبائيل فون به استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. سندس چوڻ آهي ته “آئون سوشل ميڊيا جو ماڻهو ناهيان”. هي چوي ٿو ته سوشل ميڊيا تي وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته اسان پنهنجو وقت پنهنجي ڪم ۽ پنهنجي فيملي ۽ دوستن کي ڏيون.

دنيا جي سحر انگيز 500 مسلمانن جي لسٽ ۾ توڙي ڀارت جي 100 اهم سماجي ڪم ڪندڙن ۾ به عامر خان جو شمار ٿئي ٿو. عامر خان پنهنجي فلمن جي ناڪامي تي به کُلي ڳالهائي ٿو ۽ ان کي تسليم ڪري ٿو. ڪيترائي ايوارڊ کٽيندڙ عامر خان، انهن ايوارڊ تقريبن ۾ به ناهي ويندو. کيس اهو به وقت جو وڃائڻ ٿو لڳي. عامر خان مان سندس چاهيندڙن کي اڃان به اهي اميدون آهن ته هو شاندار فلمون ٺاهيندو رهندو.

***