شاهه لطيف، جنهن کي ايڇ.ٽي سورلي “سرتاج شاعر” ڪوٺيو آهي. يوسف شاهين کيس “سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم شاعر” سڏيو آهي، جيڪو پوري عالمِ انسانيت جو شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه فقط سنڌ کي امرتا بخشي آهي، پر شاهه سائين پوري ڪائنات جو فلسفو پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائي ڇڏيو آهي. ڪائنات جو اُهو ڪهڙو ڳُجهه آهي، جيڪو شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ نروار ٿيل نه هُجي، اُهو ڪهڙو اسرار آهي، جنهن کي شاهه سائين ڳُجهو رکيو هُجي. اهڙي آفاقي شاعر تي لکڻ، اُن تي تحقيق ڪرڻ، ان جي فڪر کي ڦهلائڻ جو ڪم اُهو ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن جي اندر ۾ عشق جي سِگري دُکندڙ هُجي ۽ اسان جي مانائتي ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ علم سان سسئي جهڙو عشق ڪيو آهي، سندس عشق جو نه پنڌ ٿو کُٽي ۽ نه هُوءَ ويساهين کائي ويهي ٿي، مسلسل پنڌ ۾ آهي، لکڻ هن جي عبادت آهي. ڊاڪٽر صاحبه جيتوڻيڪ ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو آهي، سندس ڪيترا ڪتاب پڻ ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن. سندس هيءُ ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” هن جو اهڙو تخليقي پورهيو آهي، جنهن تي سنڌ جو نئون نسل يقيناً فخر ڪندو. هن ڪتاب ۾ ڪُل 20 مضمون ڏنا ويا آهن، جن ۾ “سُورهيه مَرين سوڀ کي، جي ڀانئين جوڳي ٿيان، مِٽيءَ لڌو مان، شاهه جي شاعريءَ ۾ سُجاڳيءَ جو سڏ، شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جا معاشي ۽ ثقافتي قدر، شاهه لطيف جي سوانح ۽ فن تي ٿيل ڪم جو جائزو، شاهه لطيف جو پيغام ۽ عالم سڀ آباد ڪرين.” شاهڪار مضمون آهن. هنن مضمونن ۾ هن ڪوشش ڪري شاهه سائين جي شاعريءَ مان مقصديت وارا نُڪتا ڳولي ڪڍيا آهن، جيڪي سنڌي سماج جا ترجمان آهن، ان حوالي سان هُوءَ لکي ٿي ته: