بلاگنئون

جديد سنڌي شاعري جو سر موڙ شاعر امداد حسيني

سنڌ ڌرتي تي اسان کي اھو فخر حاصل آھي جو اسان جي ھن عظيم خطي ھميشـه کان دانشور برک اديب، ۽ خوبصورت ڏاھا مھان ڪوي شاعر پيدا پئي ڪيا آھن .سنڌي شاعري ۾ ڪلاسيڪيت کان ويندي جديديت تائين، قاضي قادن، شاهه ڪريم کان ويندي شاهه لطيف سچل سامي تائين وري جديد شاعري ۾ بيوس شيخ اياز کان ويندي گدائي، استاد بخاري، امداد حسيني تائين عظيم شاعر پيدا ٿيندا رھيا آهن، جيئن ته سڀني عظيم شاعرن جا نالا وٺڻ ممڪن نه آھي. چوڻ جو مقصد اھو آھي ته دنيا ۾ شايد ئي اھڙي ڪا خوشنصيب سرزمين ھجي جنهن کي ايڏا عظيم دانشور اديب، شاعرن پيدا ڪرڻ جو اعزاز حاصل ھجي.
ھاڻي اچون ٿا اصل موضوع جي طرف جديد سنڌي شاعري جو سر موڙ “شاعر امداد حسيني” جنهن سنڌي ادب کي شاعري توڙي نثر ۾ ڪيتري نه اھم خزاني سان نوازيو آھي، سندس اصل سنڌي نثر توڙي نظم ۾ تمام گھڻا احسان آھن.
امداد حسيني جنهن جو پورو نالو “سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه” آھي. پاڻ سنڌي شاعري جي دنيا ۾ امداد حسيني سان مشھور ٿيو.
سندن جنم 10 مارچ 1940ع تي مشھور شھر ٽکڙ ۾ ٿيو .
تعليم جي حوالي سان امداد حسيني ابتدائي يعني پرائمري جي تعليم ڳوٺ جي مڪتب مان ئي حاصل ڪئي ۽ ايم اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا مطاق پاڻ شاگردي واري زماني ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ پارٽ ٽائم نوڪري پڻ ڪئي. ان کانـپوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرن مقرر ٿيو ۽ 1970ع ۾ انسٽيٽوٽ آف سنڌيالاجي سنڌ يونيورسٽي ۾ رسرچ فيلو مقرر ٿيو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿيو. نوڪري دوران يعني 1977 کان 1979ع تائين ٽـه ماھي مھراڻ رسالي جو ايڊيٽر رھيو. 1992ع سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪيرٽري طور خدمتون سرانجام ڏنائين.
مطلب ته مجموعي طور تي سندن سڄي حياتي علمي ادبي پورھئي سان لاڳاپيل رھي.
امداد جي شاعري جا خوبصورت مجموعا سنڌي ادب ۾ خوبصورت واڌارو آھن. سندن شاعري ۾ نئون فڪر، نوان جديد فني توڙي فڪري لاڙا نظر اچن ٿا ۽ پاڻ ھڪ ترقي پسند فڪر جو شاعر آھي، عاشق مزاج ۽ رومانوي شاعر آھي.
سندس شاعري جا مجموعا “امداد آھي رول” 1976ع ۾ سنڌ اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آھي. طويل نظم “شھر” 1988ع ۾ ٽيون شاعري جو مجموعو “ھوا جي سامھون” 2000ع ۾ ڇپيا ۽ چوٿون شاعري جو مجموعو “ڪرڻي جھڙو پل” 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آھي .
“سورج لئـه ڪو پٿر ناھي” شاعري جو مجموعو 2023ع ۾ شايع ٿيو آھي.
“مئل ماڻھو جيئري پيڙاھه” امداد پنهنجي جيون ساٿي سحر امداد سان گڏجي سھيڙيو. ان کان علاوه مرزا قليچ بيگ جو مشھو ناول “زينت” جو ترجمو پڻ امداد حسيني ڪيو.
بابا فريد ۽ ماڌو لال حسن جي پنجابي شاعري جو سنڌي ۾ پڻ ترجمو ڪيائين. ان کان علاوه امداد صاحب نه صرف جديد سنڌي شاعري جو سر موڙ شاعر آھي، پر پاڻ ھڪ خوبصورت نثر نويس ڪھاڻيڪار پڻ آھي. امداد سنڌي ادب ۾ “سانول” جي نالي سان ڪھاڻيون لکيون آھن. ريڊيو لاءِ ناٽڪ، ڪھاڻيون ۽ گيت پڻ لکيائين. بنيادي طور تي امداد سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر ۽ ليکڪ آھي سندس تخليق سان گڏ ٻين موضوعن ۾ به اھم ڪردار رھيو آھي. پاڻ ھڪ گھڻ رُخي شخصيت ھو ۽ يقينن جنهن سرزمين تي امداد جھڙا عظيم دانشور مھان ڪوي شاعر پيدا ٿيا ھجن اھا اسان جي خوشنصيبي آھي. شال اسان جي عظيم ڌرتي ھميشه اھڙا عظيم برک، دانشور، اديب شاعر پيدا ڪندي رھي. آمين