1581 جي دور ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيٿولڪ عيسائين جي نوڪري ڪرڻ تي پابندي هئي. جڏهن عيسائي مذهب ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ فرقن ۾ ورهائجي ويو. 1871 ۾ ان پابنديءَ کي ختم ڪري، برابريءَ جي بنياد تي قانون پاس ڪري سڀني فرقن کي هڪ جهڙو موقعو مليو.
اڃان تائين هندوستان ۾ ذات پات جي بنياد تي دلتن خلاف مت ڀيد جو رواج قائم آهي. جڏهن ته هندستان جي آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 17 ۾ ذات پات ۽ مت ڀيد کي منع ڪيو ويو آهي، پر موجوده ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي حڪومت ۾ اقليتن (مسلمان، عيسائي ۽ ٻين) خلاف مختلف شڪلين ۾ مت ڀيد جاري آهي.
خود سنڌ ۾ به ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ سنڌي هندن تي سخت پابنديون هيون، نه هو گهوڙي تي سوار ۽ نه ئي پٽڪو ٻڌي سگهندا هئا. اڄ به سنڌ ۾ پير، سردار ۽ وڏيرا عام ماڻهن سان کلي عام مت ڀيد ڪري انهن کي پيرن ۾ ويهاريندا آهن، پورهيت ذاتين جي لاءِ اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪندا آهن ۽ دراوڙي برادرين لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻيءَ جو گلاس ۽ کاڌي جا برتن به جدا رکيا ويندا آهن.
يورپ جو وچئين دور 500ع کان 1500ع تائين، جنهن کي “ڪارو دور” به چيو وڃي ٿو، يهودين جي خلاف سخت پابنديون هيون. مثال طور: انهن کي خاص نشانيون (جهڙوڪ پيلو دائرو) ڳچيءَ ۾ ٻڌڻو پوندو هو. اڄ به اوڀر يورپ ۾ روما (جپسي) برادريءَ جي خلاف مت ڀيد موجود آهي، جيتوڻيڪ انهن ملڪن ۾ انساني برابريءَ جا قانون موجود آهن.
عورتن خلاف به تقريبن هر سماج ۽ ملڪ ۾ مت ڀيد رهي آهي. مثال نوڪري ۾ گهٽ اُجرت، چونڊن ۾ گهٽ نمائندگي، ڪارو ڪاري ۽ ٻيا ڪيترائي مثال موجود آهن.
گڏيل قومن جا مت ڀيد خلاف معاهده، عهدناما ۽ پڌر نامه:
گڏيل قومن پاران ماڻهن جي وچ ۾ تفاوت خلاف ڪيترائي عهد نامه ۽ پڌر نامه پاس ڪيا ويا آهن جهڙوڪ:
انساني حقن جو عالمي پڌر نامو: UNDHRs 1948) ) آرٽيڪل 2 ۾ تفاوت جي خلاف ۽ آرٽيڪل 7 ۾ قانون اڳيان برابري ۽ مت ڀيد کان تحفظ جو ذڪر آهي.
نسلي فرق جي خاتمي بابت عالمي معاهدو ((International Convention on the Elimination of All Forms of Racial Discrimination (ICERD 1965) موجود آهي.
عورتن خلاف هر قسم جي مت ڀيد بابت(Convention on the Elimination of All Forms of Discrimination against Women – CEDAW 1979) معاهدو منظور ڪيو ويو.
معذور ماڻهن جي حقن بابت معاهدو (2006 (CRPD جنهن ۾ انهن خلاف مت ڀيد جو عالمي پڌر نامو آهي.
پائيدار ترقيءَ جا مقصد (UN Sustainable Development Goals-SDGs 2015) ايس ڊي جي نمبر 10 (Reduced Inequalities) ملڪ اندر ۽ عالمي سطح تي اڻ برابري کي گهٽائڻ ۽ نمبر 5 ۾ (Gender Equality) عورتن خلاف مت ڀيد جو اهم نقطو آهي.
مت ڀيد جي وصف ۽ وضاحت: ڪيترن فردن ۽ ادارن مختلف وصفون ٻڌايون آهن. آڪسفورڊ ڊڪشنري جي موجب، “ڪنهن انسان يا گروھ سان صرف ان جي ذات پات، رنگ، نسل، عمر، معذوري، مذهب، جنس ٻولي يا سڃاڻپ جي بنياد تي ناانصافي ڪرڻ، ان کي ڪمتر سمجهڻ يا وڌيڪ/گھٽ حق ڏيڻ مت ڀيد آهي.” ڪيمريج ڊڪشنري وڌيڪ وضاحت ڪري ٿي ته “ڪنهن شخص يا گروھ سان ٻين جي ڀيٽ ۾ (خاص طور تي خراب) سلوڪ ڪرڻ، انهن جي رنگ، نسل، عمر ۽ جنس وغيره جي بنياد تي مت ڀيد ڪرڻ.”
مت ڀيد ۽ نفرت وغيره قدرتي قانون جي سراسر خلاف آهن. ڇاڪاڻ ته قدرتي قانون مطابق سڀ انسان برابر آهن ۽ سڀني جا ساڳيا حق آهن، جنهن ۾ جان، مال، عزت ۽ وقار اچي وڃن ٿا.
مت ڀيد جو نفرت ۽ تشدد سان واسطو: مت ڀيد جڏهن انتها پسنديءَ ۾ تبديل ٿئي ٿي ته طاقتور گروھ ڪمزورن خلاف نه رڳو تفريق ڪندو آهي، پر انهن سان نفرت ۽ تشدد به ڪندو آهي. غلامي به مت ڀيد جي انتها پسند شڪل آهي. برطانيه ۾ سن 1834 ۾ ۽ آمريڪا ۾ غلامي جي مسئلي تي 1861 کان 1865 تائين گهرو لڙائي ٿي جنهن ۾ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۾ 1865 ۾ قانوني طور غلاميءَ تي پابندي وڌي وئي. هاڻي ترقي ڪيل ملڪن ۾ اميگرنٽ (لڏپلاڻ ڪري آباد ٿيل) خلاف سرڪاري ۽ ثقافتي طور انهيءَ کي نفرت جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.
اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مذهبي، ثقافتي، نسلي ۽ ٻين بنيادن تي نفرت ۽ تشدد موجود آهي، جهڙوڪ:
اسلام کان اڳ عربن ۾ نياڻين کي زنده دفنايو ويندو هو يا ڪيترن ئي ملڪن ۾ طب جي ٽيڪنالاجي ذريعي ٻار جي جنس معلوم ٿيڻ کانپوءِ نياڻي ٻار کي پيٽ ۾ پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي ڪيرايو وڃي ٿو.
آفريڪا جي رووانڊا ملڪ ۾ گهرو لڙائي 1 آڪٽوبر 1990 کان 18 جولاءِ 1994 تائين لڳ ڀڳ 4 سال هلي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ نسلي قتلِ عام (Genocide) هوتي ۽ تتسي گروهن جي وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾اٽڪل 8 لک ماڻهو ماريا ويا.
ڏکڻ آفريڪا ۾ گورن ۽ ڪارن جي وچ ۾ ايترو ته امتيازي سلوڪ هو جنهن کي (apartheid) جو لفظ چيو وڃي ٿو، جيڪو 1948 کان 1994 تائين استعمال ڪيو ويو.
هاڻي ٻڌو وڃي پيو ته افغانستان ۾ غلاميءَ جي رواج کي قانوني شڪل ڏني وئي آهي ۽ 9 سالن جي ٻارڙيءَ سان نڪاح ڪرڻ جي اِجازت ۽ شيعن کي بدعتي قرار ڏئي انهن جي کلي عام عبادت تي بندش وڌي وئي آهي.
يورپ ۾ پروٽيسٽنٽ ۽ ڪيٿولڪ وچ ۾ مختلف ملڪن جي وچ ۾ 12 کان وڌيڪ ننڍيون ۽ وڏيون لڙايون ٿيون، جنهن ۾ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي ويا.
ٻي عالمگير جنگ دوران هولو ڪاسٽ ۾ اندازي مطابق 60 لک کان وڌيڪ يهودين کي گئس چيئمبر ۽ ٻين طريقن سان ماريو ويو.
آمريڪا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ ۽ ڪئناڊا ۾ اُتي جي لکين اصلوڪي رهاڪن جو قتلِ عام ڪيو ويو.
ننڍي کنڊ ۾ مذهب جي بنياد تي ان کي ٻن ملڪن ۾ ورهائي لڳ ڀڳ اڍائي لک کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ڪيا ويا ۽ لکين ماڻهن هندستان، پاڪستان جي لڏپلاڻ ڪئي، ايتري حد تائين جو اٽڪل 12 کان 14 لک سنڌي هندو ايٿنڪ ڪلينزنگ ذريعي سنڌ مان هندستان زوريءَ لڏايا ويا.
مت ڀيد جا بنياد: مختلف تاريخي تحقيق ۽ تجربي جي بنياد تي اِهو ڏٺو ويو آهي ته مت ڀيد جا هيٺيان بنياد موجود آهن:
نسل
قوميت يا قوم
رنگ
ٻولي
معذوري
عمر (خاص ڪري نوڪرين ۾)
سياسي نظريو
جنس (Gender) (عورت ۽ ٽرانسجينڊر)
جنسي رغبت (LGBTQIA)
(Lesbian, Gay, Bisexual, Transgender, Queer/ Questioning, Intersex & Asexual) عورت، عورت سان، مرد، مرد سان جنسي لاڳاپو ۽ شادي ڪرڻ، مرد ۽ عورت ٻنهي ڏانهن لاڙو، ڄمڻ وقت مرد، پر پاڻ کي عورت سمجهي، اهڙو ماڻهو جنس جي درجابندي کان ٻاهر هجي يا پنهنجي جنسي سڃاڻپ بابت سوچ ويچار ۾ هجي، پيدائشي طور مرد ۽ عورت ٻنهي جون جسماني خاصيتون رکي ۽ اهڙو ماڻهو جنهن کي جنسي لاڙو يا خواهش تمام گهٽ يا نه هجي.
مٿين بنيادن کان علاوه مختلف ملڪن ۾ ڪنهن ٻي بنياد تي مت ڀيد ڪئي وڃي ٿي. مثال طور آفريڪا ۾ به مختلف قبيلن ۾ لڙائي وغيره.
مت ڀيد ڇو پيدا ٿئي ٿي: مت ڀيد جي شروعات ۽ انساني اوسر اٽڪل 2 لک کان 3 لک سال پهرين شروع ٿي، جڏهن هڪڙي قبيلي جو ٻي قبيلي سان ٽڪراءُ ٿيو ان وقت هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ لاءِ تشدد ۽ قتل جو رواج پيدا ٿيو. جيئن جيئن انساني تهذيب ترقي ڪندي وئي انهيءَ ۾ (اسان ۽ اهي) جي نفسيات به وڌندي وئي ۽ ائين ئي تعصب، مت ڀيد ۽ نفرت جهڙيون ڪُڌيون رسمون به مضبوط ٿينديون ويون. خوف، ثقافتي ۽ تاريخي پس منظر، سماجي فرق، جهالت ۽ اڻ ڄاڻائي، نسلي ۽ قومي فرق، وسيلن، سوچ ۽ اڻ برابري مت ڀيد کي وڌايو.
مت ڀيد جا اثر: مت ڀيد صرف لفظ ناهي، پر مت ڀيد جي ڪري فرد ۾ ڊپريشن (ذهني بيماري)، سماجي ڪمتريءَ جو احساس، معاشي نقصان ۽ خوف پيدا ٿئي ٿو. مت ڀيد جو شڪار ٿيندڙ فردَ سڄو سال هر وقت ڳڻتيءَ ۾ رهن ٿا. مثال طور: نوڪري نه ملڻ، دُڪان ۾ گراهڪن جو نه اچڻ يا ٻيو اهڙو ڪو خوف رهي ٿو. مت ڀيد جي ڪري انهن جي اعتماد، تخليق ۽ ذهانت کي نقصان رسندو آهي.
مت ڀيد کي ڪيئن ختم ڪجي: مت ڀيد ۽ ان سان لاڳاپيل ناڪاري جذبا، جيئن تعصب ۽ نفرت کي هيٺئين طريقن سان سماج ۾ گهٽائي سگهجي ٿو:
آئين ۽ قانون ۾ مت ڀيد جي خلاف سخت شقون شامل ڪرڻ.
مت ڀيد جي عمل تي سخت سزا جو نظام.
تعليمي نصاب ۾ برابريءَ جي تعليم.
سماج ۾ برابريءَ جي ثقافت جو فروغ.
ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ ادارن جو ڪردار.
مت ڀيد سان لاڳاپيل اڻ وڻندڙ لفظن کي منصفاڻي لفظن سان تبديل ڪرڻ.
ثقافتي ۽ سماجي پروگرامن ۾ برابريءَ کي ترجيح.
مذهبي، سماجي، ثقافتي ۽ ٻين فرقن جي ماڻهن کي عام اجازت ڏني وڃي.
پڄاڻي: مت ڀيد نه صرف فردن جي زندگي کي ختم ڪري ٿو، پر سماج جي ترقي، امن ۽ خوشحالي کي به روڪي ٿو، جيڪو نفرت، تشدد ۽ اڻ برابري جو مکيه سبب آهي، جنهن تاريخ ۾ ڪيترن ئي خوني واقعن کي جنم ڏنو آهي. جهڙوڪ: رووانڊا ۾ نسلي قتل عام، هولو ڪاسٽ، غلاميءَ جو نظام ۽ ٻيا، پر ساڳئي وقت، انساني حقن جي تحريڪن، گڏيل قومن جي معاهدن ۽ سماجي تبديلين ذريعي اسان ان کي چئلينج ڪيو آهي.
مت ڀيد انساني تهذيب جي هڪ پراڻي ۽ ڪِريل بيماري آهي، جيڪا اڃان تائين جاري آهي. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته سڀ انسان برابر آهن ۽ سڀني کي هڪجهڙا قدرتي حق مليل آهن. مت ڀيد کي مختلف قانونن ۽ طريقن سان ختم ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ ۽ ٻين سماجن ۾ اَچو ته هن پيغام کي پکيڙيون: مت ڀيد ختم ڪريو، برابريءَ جو پيغام پکيڙيو، سڀ انسان برابر آهن ۽ اهوئي انسانيت جو اصل مطلب آهي.