بلاگنئون

ڪتاب: سنڌي لسانيات تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس جو مختصر جائزو

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي ٿورا ڪتاب جن جي علمي ادبي حيثيت تمام وڏي آهي، انهن ڪتابن ۾، سنڌي جي معتبر عالم ۽ ماهر لسانيات، ڊاڪٽر غلام علي الانا جو “سنڌي لسانيات تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس” هڪ بهترين تحقيقي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو انتساب: سنڌي ٻوليءَ جي استاد پروفيسر ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ جي نالي منسوب ڪيل آهي. ڪتاب جي ناشر پاران، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي لکي ٿو ته، هي تحقيقي ڪتاب “سنڌي لسانيات: تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس” ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي مختلف تحقيقي جرنلن ۽ رسالن توڙي مخزنن ۾ ڇپيل، تحقيقي مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. مذڪوره ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته، “سنڌي هڪ امر ٻولي آهي. هن ٻوليءَ سان سنڌي قوم جو اَڻ ٽُٽ نفسياتي ڳانڍاپو آهي. سنڌي قوم جا ماڻهو ڀلي دنيا جي ڪهڙي به حصي ۾ رهندا هجن، پر سندن اُن ڳانڍاپي جو، سنڌي ٻوليءَ کان ٽُٽِي وڃڻ ڪنهن به لحاظ کان ممڪن نه آهي.” علم لسان جي لوازمات بابت لکڻ جو هنر ڪو الانا صاحب کان سِکي ها. پاڻ ڪتاب جي ساڍن چئن صفحن جي مهاڳ ۾، ڪتاب جي مواد جو تعارف انتهائي ڏاهپ سان ڪيو آهي. هن ڪتاب جي فهرست ۾ ڪل سورنهن مقالا ۽ مضمون محقق جي ذهني ۽ فڪري فهم کي چٽو ڪن ٿا. هن ڪتاب ۾ ڏنل پهريون مقالو “سنڌي آوازن جا قسم: وينجن ۽ سُرَ، انهن جون خصوصيتون” جي عنوان سان آهي. جيئن ته مذڪوره مقالي کي پنهنجي مطالعي جي روشنيءَ ۾ تحقيق جي اصولن موجب پايهءِ تڪميل تي رسائڻ لاءِ چونڊ ڪيل علمي ڪتابن تان حوالا کڻي مقالي کي نتيجي ڏانهن آندو اٿس. مقالي ۾ آوازن جي مکيه ٻن قسمن (1) وينجن (Consonant)  ۽ (2) سُرَ(Vowels)  کي چٽو ڪيو اٿس ۽ اڳ ۾ پيش ڪيل ڪن ڪتابن، مقالن ۽ مضمونن ۾ پيش ڪيل مونجهارن کي حل ڪرڻ جا طريقا ۽ رايا ڏنا ويا آهن. موضوع جي آخر  ۾ لکي ٿو ته: “سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾، آوازن جا ٻه قسم ٿيندا آهن 1. وينجن 2. سُرَ” (الانا، 2020: 17)، زير بحث مقالي کي اٺن انگريزي، ٻن اردو ۽ هڪ سنڌي ڪتاب کي مددي طور مطالعي هيٺ رکي، موضوع سان لاڳاپل حوالن جي روشنيءَ ۾ تيار ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ ٻئي مقالي جو موضوع آهي: “سنڌي، ٻوليءَ جا لهجا ۽ انهن جو تعارف” هن مقالي ۾ جن معتبر عالمن جا حوالا ڏنا اٿس، انهن ۾، محمد ابراهيم جويو، الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر جميل جالبي، بلوم فيلڊ، ڪارٽر، وي گڊ، عمرانيات جي انسائيڪلو پيڊيا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن جي ڪم کي مطالعي هيٺ آڻي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته: “منهنجي راءِ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن جي هڪ ٽيم، سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ جا لهجا، هر لهجي جا ڌار ڌار محاورا، جاتيوار محاورا ۽ پيشي/ڌنڌي جي لحاظ کان ٻوليءَ جا محاورا طئي ڪن ۽ پوءِ هن رٿا تي باقاعدگيءَ سان ڪو تحقيقي پروگرام ٺاهيو وڃي. منهنجي نظر ۾ هيٺ ڄاڻايل رٿا موجب ڪو تحقيقي پروگرام ٺاهي سگهجي ٿو.” (الانا، 2020: 17،16) انهيءَ رٿا ۾ الانا صاحب، ڏهن نقطن جي راءِ رکي آهي ته، (1) اترادي لهجي کي ڌار ڌار محاورن يعني شڪارپوري، لاڙڪاڻي، ساڪرو، اُڀيجي، خيرپور جي حصن جي لهجن تي ڪم ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح (2) وچولي جو لهجو (3) لاڙي لهجو (4) ٿري لهجو (5) ڪوهستاني لهجو (6) ماڇڪي وارو لهجو (7) لاسي لهجو (8) جدگالي لهجو (9) فراڪي لهجو ۾، ان جي آس پاس جي خِطَن ۾ ڳالهايا ويندڙ محاورن ۾، قوميتُن (قبيلن) ۾، يعني جتڪي ٻولي، ميمڻڪي، سوڍڪي، ميگهواڙي، خوجڪي، ريٻاڙي، سومرن، منڇري، مهاڻڪي ٻولين وغيره، جي رٿا متعلق راءِ پيش ڪرڻ کان ويندي (10) ڌنڌن سان لاڳاپيل لوهارڪي ٻولي، ڪنڀارڪي، سونارڪي، ڪورڪي، کهنباٽي ۽ ڍاٽڪي ٻولين وغيره متعلق راءِ رکي ٿو ته، “هن موضوع تي ڪم ڪرڻ لاءِ اٿارٽيءَ طرفان ٻوليءَ جي ڄاڻو ماڻهن جي ڪا ڪميٽي ٺاهي، اهو تحقيقي ڪم اهو ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو وڃي. هيءُ هڪ اهم رٿا آهي، جنهن تي اٿارٽيءَ جي چيئرمين کي سوچي ڪا ڪميٽي ٺاهڻ گهرجي.”  (الانا، 2020: 17)، جيئن ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جو شمار انهن قابل فهم شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن رات ڏينهن محنت ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ نهايت ئي تحسين بخش ڪم ڪيو آهي. هاڻي ڏسڻو هيءُ آهي ته انهيءَ رٿا واري راءِ کي ڪيترو عملي جامو پهرايو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين اُن رٿا طرف ڪيترو ڌيان ڌريو. انهيءَ لاءِ، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ڊاڪٽر اسحاق سميجي ڏانهن انهيءَ رٿا کي اڳتي وڌائڻ جو پيغام وڃي پيو، انهيءَ رٿا ڏانهن ڪو خاطر خواهه ڌيان ڏنو يا نه، اهو ڪم اسان سڀني سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙن جي اڳيان آهي. هن وقت ٻولي اٿارٽيءَ جي نئين چيئرمين، ڊاڪٽر شير مهراڻي صاحب کي ذميواري جنوري 2026ع کان سونپي وئي آهي. ڏسون ته سندس ٽن سالن جي عرصي ۾، سنڌي ٻوليءَ بابت ڪهڙيون نِيُون رٿائون ترتيب ۾ اچن ٿيون. ڊاڪٽر غلام علي الانا خود پاڻ انهيءَ اداري ۾ هڪ سربراهه حيثيت سان ڪم ڪيو آهي، انهيءَ ڪري هن اداري مان سموري سنڌي قوم کي وڏيون اميدون آهن ته جنهن مقصد ڪارڻ اداري جو بنياد رکيو ويو آهي، سو هي ادارو وقت ۽ حالتن جي روشنيءَ ۾ نت نون قدرن مطابق سنڌي ٻوليءَ کي وقت ۽ حالتن مطابق بڻائي پيش ڪندو رهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا، مذڪوره مقالي کي تيار ڪرڻ ۾، اٺن سنڌي، ڏهن انگريزي، ۽ هڪ اردو ڪتاب کي حوالن طور رکي مقالي کي مستند بڻايو آهي. مقالي جي مطالعي مان جا ڳالھه آڏو اچي ته هيءُ مقالو هلندڙ توڙي ايندڙ دور جي محققن جي رهنمائي لاءِ اهم ثابت ٿيندو رهندو. ڪتاب جو ٽيون مقالو به اڳيُن ٻن مقالن وانگر نهايت ئي جاندار مقالو، عنوان “سنڌي صورتخطيءَ ۾ سُرَ صوتين جي استعمال جا عام مسئلا” آهي. مقالي جي ابتدا ۾، ڊاڪٽر غلام علي الانا رقم ٿو ڪري ته: “سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا، وارو عنوان، سنڌي لسانيات جي اڀياس جي سلسلي ۾، ڪو نئون موضوع نه آهي. هن موضوع تي، جڏهن کان وٺي سنڌي ٻوليءَ لاءِ، عربي، سنڌي رسم الخط، اختيار ڪيو ويو آهي، تڏهن کان وٺي بحث مباحثا ٿيندا پئي رهيا آهن ۽ سنڌي الف ب جي پَٽِي ۽ سنڌي صورتخطيءَ ۾، سڌارا ۽ واڌارا ٿيندا پئي رهيا آهن. اُن سلسلي ۾، ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي ڪتابA Grammar of Sindhi Language  سرگريئرسن، مرزا قليچ بيگ، ڪاڪي ڀيرو مل ۽ واحد بخش شيخ صاحب کانسواءِ، ٻين ماهرن به پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن.” (الانا، 2020: 19)، ذڪر هيٺ آيل مقالي ۾، محقق، آواز، اکر يا حرف، رسم الخط، صورتخطي، وارن چيزن تي مختلف ماهرن جي لکيل مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن توڙي سيمينارن ۾جيڪي وقت بوقت بحث مباحثا ٿيا آهن، تن سمورين ڳالهين جو ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته: “مون به لسانيات جي هڪ شاگرد جي حيثيت ۾، “سنڌي صوتيات”، “سنڌي صورتخطي”، “سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد”، “سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس” ۽ “سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي”، (سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا)، ڪتابن ۾، ماهرن جي نظرين جي حوالي سان، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.” (الانا، 2020: 19)، مذڪوره مقالي ۾، محقق آواز، اکر يا حرف، رسم الخط، صورتخطي جي عنوانن تي ڌار ڌار ماهرن جي لکيل مضمونن ۽ مقالن توڙي سيمينارن ۾ جيڪي بحث ٿيا ۽ جن عالمن ذڪر ڪيل لفظن تي بحث ڪيو آهي، تن سڀني کي الانا صاحب چڱيءَ طرح مطالعو ڪري پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جون علمي ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاريخي خدمتون گوناگون موضوعن تي ملن ٿيون، جن ۾ هن سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي نمايان ڪري پيش ڪيو آهي.“ٻوليءَ تي ڪيترن ئي عالمن ڪم ڪيو آهي، پر تڏهن به اسڪولن، ڪاليجن (هن وقت يونيورسٽين) ۾، سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا حل ڪرڻ ته ٺهيو، پر سنڌي اخبارن جي خاطوئن ۽ ڊسڪن تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن، ايڊيٽرن ۽ اخبارن جي مالڪن جي عدم ڌياني سبب، اخبارن ۾ ڪم ايندڙ ٻوليءَ جي غلط استعمال ته پاڻ، ٻوليءَ کي بگاڙڻ طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي قائم ٿيڻ سان ئي، اٿارٽيءَ جي باني چيئرمين، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پرائمري اسڪولن، اخبارن، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ درسي ڪتابن کانسواءِ،  ريڊيو ۽ ٽي وي چئنلن تي ڪم ايندڙ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال طرف ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو.” (الانا، 2020: 19)، ذڪر ڪيل مٿئين مقالي جي ٽيويهن صفحن ۾، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي ڪم، حيدرآباد، ڪراچي، ميرپورخاص، موري، لاڙڪاڻي، سکر ۽ جيڪب آباد ۾ ڪرايل سيمينارن ۽ ورڪشاپن ۾ پيش ڪيل ماهرن جي ڪارائتن مقالن ۾ پيش ڪيل فڪري ڳالهين کانپوءِ، سنڌي ٻوليءَ جي نوَن موضوعن ۾ بحث مباحثي ڪرڻ جا سبب پيدا ٿيا آهن، جيڪي درسي ڪتابن ۾، صورتخطيءَ جا مسئلا هئا سي ماهرن جي توجھه جو مرڪز رهيا. صورتخطيءَ جا مسئلا سُر صوتين جا مسئلا، ڇوٽن، ڊگهن سُرن بابت ڪيترائي معلوماتي مقالا ۽ مضمون لکيا ويا تن سڀني جو بحث هن مقالي ۾ موجود آهي. هن ڪتاب جو چوٿون مقالو “سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جا گهاڙيٽا” جي عنوان سان آهي. مٿي پيش ڪيل مقالن ۾، سنڌي ٻوليءَ جي آوازن، اکرن، صوتين، لفظن، صرفين، فقرن ۽ جملن جي اڀياس کانپوءِ، هن مقالي ۾، الانا صاحب رقم ٿو ڪري ته: “لفظن جي گهاڙيٽن، نون لفظن جي گهڙجڻ ۽ جڙڻ يا جوڙڻ جي اصولن جي باري ۾ به، پورو مواد اڃان، اسان جي سامهون ڪونه آيو آهي.” (الانا، 2020: 42)، مذڪوره مقالي ۾، محقق مختلف محققن ۽ ٻولين جي ماهرن جا ڪي مثال آڏو رکي، ابتدائي يا بنيادي لفظن ۽ ثانوي لفظن جي گهاڙيٽن کي مثالي ۽ مدلل نموني سان ٻين لفظن مان جڙيل/ڦٽي نڪتل/ مشتق، ڌاتو، منفرد لفظن، مرتب، مرڪب ۽ انهن جي صورتن ۽ نمونن کي آڏو رکيو ويو آهي. وڌيڪ سمجهاڻي واسطي، سنڌ جي قديم شاعرن کان ويندي جديد شاعرن جيڪي لفظ جوڙيا تن جا مثال مقالي مان پسي سگهجن ٿا. “سنڌي ويا ڪرڻ جي اصولن موجب، لفظن جي گهاڙيٽن جا جيڪي اصول ۽ قانون اڀياس ڪندي محسوس ڪيا ويا، اهي هي آهن: (1) ترتيب (Order)  (2) انتخاب (Selection)  (3) مقرر گروهن يا لفظن جا مقرر ميڙ (Set)  وارن نمونن کي مختلف صورتن ۾ مثالن سان ذڪر هيٺ آندو آهي، جيڪو هڪ سنجيده نوعيت وارو ۽ منفرد تحقيقي ڪم آهي. مقالي جي آخر ۾، ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو ته: “سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا گهاڙيٽا، هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي يا ته تفصيل سان نئين سر لکجي ۽ يا ته ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي Ph.D  لاءِ پيش ڪيل ٿيسز ڇپائي پڌرو ڪجي ته جيئن، “سنڌي لسانيات” جي علم صرف (Morphology)  واري هن موضوع تي “تشريحي لسانيات” (Descriptive linguistic) ۽ سنڌي وياڪرڻ جي هن پهلوءَ موجب پڙهندڙن جي پياس پوري ٿي سگهي.” (الانا، 2020: 64)، اهڙيءَ طرح، الانا صاحب جو پنجون مقالو “عربي  سنڌيءَ ۽ رسم الخط جي ابتدا لاءِ ماهرن جا ويچار” نهايت ئي جاندار مقالو آهي. هن مقالي ۾، رسم الخط ۽ اکرن بابت معلومات ڏني وئي آهي، ان ۾ عرب سياحن جي سفر نامن مان مثال ڏنا ويا آهن. ويهن صفحن جي مقالي ۾ قيمتي معلومات ڏنل آهي. ڪتاب ۾ ڇهون مقالو: “رومن سنڌي رسم الخط سنڌي ٻوليءَ جي اهم ضرورت”، سان عنوان ڏنل آهي. هيءُ مقالو 89 کان 113 صفحن ۾ پکڙيل آهي. مقالي جي آخر ۾ نظم: “جو کير پئي سو وير ٿئي” ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيت “جني ڏاند نه ٻج تني تنهنجو آسرو” کي سنڌي ۽ رومن رسم الخط ۾ لکيو ويو آهي. ڊاڪٽر الانا لکي ٿو: “سنڌي ٻوليءَ جا لفظ، جملا ۽ پيراگراف توڙي گيت وغيره ڪيئن ٿا لکي سگهجن.” (الانا، 2020: 111)، لکڻ جي طريقيڪار جا مثال ڏئي سمجهايو ويو آهي. ڪتاب ۾، ستون مقالو: “سنڌي ٻوليءَ جو مزاج، سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اُبتي ٻوليءَ جو تجربو” جي عنوان سان آهي، هن مقالي ۾، سنڌي ٻوليءَ جي اهم رخن ۽ منجهيل مسئلن کي چٽي ڪرڻ لاءِ علمي طريقيڪار سان سمجهايو ويو آهي. هن مقالي ۾، جن عالمن جي ڪم کي مثال بڻائي آڏو رکيو ويو آهي تن ۾، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، بلاخ ۽ ٽرئگر، علي نواز جتوئي، امداد حسيني جي انٽرويو، محترمه تنوير جوڻيجو جي افسانن جي مجموعي “امرت منجھه ڪڙاڻ”، بلوم فيلڊ، برطانوي صوتيات جي ماهر. ڊينئل جونز، امداد حسيني، مشتاق شوري جي خيالن مان مثال ڏنا ويا آهن، جيڪي موضوع جي مناسبت سان آهن. ٻولي اُبتي به ٿي سگهي ٿي ڇا؟ بابت الانا صاحب لکي ٿو ته: “ڪي سال اڳ، سنڌ جي ڪن ڪهاڻيڪارن، جملن جي سٽاءَ ۽ جوڙجڪ ۾، جملي جي معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهڻ کان سواءِ، پنهنجي مرضيءَ سان جملي اندر ڪم آندل لفظن جي بيهڪ جي ترتيب ۾ ڦيرڦار آندي آهي. هنن شايد، نظماڻي نثر واريءَ صنف يا نثر مسجع ۽ نثر مقفيٰ وارن عبارتن ۾، لفظن جي سٽاءَ کي ڏسي، ڪهاڻين ۾ به ڪن ڪن جملن کي پنهنجي خيال موجب پر اثر بنائڻ لاءِ، علم نحو واري سٽاءَ ۽ اصولن جو خيال نه ڪري، نئين تجربي ۽ نواڻ جي شوق ۾، ڪن جملن جي شروع ۾ فعل ڪم آندا ته وري ڪن جملن ۾، فعل ۽ فاعل جي مقرر جاين ۾ ڦيرگهير ڪري، فعل ڪٿي ته وري فاعل ڪٿي، ضمير ڪٿي ته وري صفت ڪٿي ڪم آندي، انهن سڄڻن ائين به نه سوچيو ته ائين ڪرڻ سان جملي جي معنيٰ ساڳي رهندي يا نه؟ انهن ائين به نه سوچيو ته سندن طرفان ڪم آندل جملا، ٻوليءَ جي نثري نموني کي ڦيرائي ته نه رهيا آهن.” (الانا، 2020: 120)، ٻين مثالن سان گڏ مشتاق شوري جي ڪهاڻي “ٿڪل جذبن جو موت” مان مثال ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جو هرهڪ مقالو پنهنجي جاءِ تي خاص اهميت رکي ٿو، جيڪڏهن ڪتاب ۾ موجود سورهن ئي مقالن جا مثال ڪتب آڻبا ته، هي مختصر جائزو تفصيلي ٿي ويندو، ان ڪري مٿي مقالن جي مثالن کانپوءِ جائزي کي هت هيٺ مختصر بڻايو وڃي ٿو ۽ باقي عنوانن: “سماجي لسانيات: تعارف ۽ مقصد”، “ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ”، “ساميءَ جي سلوڪن جي ٻولي ۽ ان جون نحوي بناوتون”، “سنڌي ٻوليءَ جون ڪي حسناڪيون”، “سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي ۽ فني جائزو”، “ذريعا تعليم طور سنڌي ٻوليءَ جو استعمال”، “هر ٻار کي سندس مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ ڇو ضروري آهي؟”، “شمس العلماء مرزا قليچ بيگ: سنڌي لسانيات جو هڪ اوائلي عالم”، ۽ “سنڌي لسانيات، صوتيات، گرامر ۽ سنڌي لغت تي ٿيل تحقيق” وارا سورنهن ئي عنوان: علم لسان ۽ سنڌي زبان جي فني فڪري مثالن ۽ دليلن سان پيش ڪيل ڪتاب جا مقالا ۽ مضمون نهايت ئي ڪارائتي نموني جي تحقيق جو بي بها ۽ معلوماتي خزانو آهي. هن ڪتاب مان هر دور جا محقق ۽ نقاد خاص طور تي لساني موضوعن سان دلچسپي رکندڙ محقق استفادو حاصل ڪري سگهن ٿا. هي سمورو ڪتاب 234 صفحن جي مواد تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ساڍن تيرهن صفحن جي تفصيلي سنڌي، انگريزي، اردو جي مختلف موضوعن جي ببليو گرافي ڏني وئي آهي، انهيءَ سميت هيءُ ڪتاب ٻه سئو اٺيتاليهن صفحن جو تحقيقي شاهڪار آهي. جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد، سنڌ، 2020ع ۾ شايع ڪيو آهي.

***