اڄ ڊگهي عرصي کانپوءِ سعيد شاهه پنهنجي ننڍپڻ جي ڳوٺ ڏانهن موٽيو پئي. هاڻي اتي سندس ڪو ويجهو مائٽ باقي نه رهيو هو، پر والدين ۽ وڏڙن جون قبرون، يادگار طور، اڃان به محفوظ هيون. ٻالڪپڻ جا ساٿي شهرن جو رخ ڪري چڪا هئا. سندس اچڻ جو مقصد والدين ۽ وڏڙن جي قبرن تي فاتحه پڙهڻ سان گڏ هڪ پراڻي ياد… فرحين… جو ديدار ڪرڻ به هو، جنھن جي موجودگي جو اتي ڪوبه آثار نظر نه ٿي آيو.
اهي ٻئي سنڌ يونيورسٽي جا ساٿي رهيا هئا. گڏ پڙهڻ سان گڏ زندگي گڏ گذارڻ جو به خواب ڏٺائون، پر خوابن کي به تقدير جي هٿن ۾ اسير رهڻو پوي ٿو. سعيد شاهه جي خاندان هڪ سڌي ڳالهه ڪئي:
“اسين سيد، پنهنجا رشتا غير سيدن ۾ نه ڪندا آھيون.”
سعيد شاھ، محبت جو خون ڪيو، پر روايت جو بت قائم رهيو.
سعيد شاهه جي والدين سندس مائٽياڻي سان شادي ڪرائي ڇڏي، ھو پنهنجي زخمي دل سان پرڏيهه هليو ويو. ملائيشيا جي علمي دنيا سندس نئين منزل بڻجي وئي. اتي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيائين، ڪوالالمپور ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، جتي نه رڳو بهترين ماحول مليس، پر شاگرد به شاندار ميسر ٿيا ۽ علم کي ھن پنهنجو اوج بڻايو. زندگي جو قافلو اڳتي وڌيو، سندس گھرواري ايم ايس سي به اتي ڪئي کيس ٻه ٻار ٿيا ۽ ھو پرڏيهه ۾ ئي مستقل رھڻ لڳو;
پنجويهن سالن بعد جڏهن سنڌ يونيورسٽي کيس سيمينار لاءِ سڏيو ته علمي سڏ سان گڏ پراڻيون يادون به سندس دل کي ڇهڻ لڳيون. سيمينار کان فارغ ٿي، ڳوٺ ويو. قبرن تي دعا پڙهڻ بعد سندس پير پاڻمرادو فرحين جي گهر طرف وڌيا.
هڪ ننڍڙو گھر جيڪو وڏو ٿي چڪو ھو هاڻي هو در کڙڪائڻ جي همت ڪيئن ڪري اڃان هو انهيءَ ڪشمڪش ۾ هو ته سندس پريشاني خود بخود حل ٿي وئي.
فرحين جو ننڍو ڀاءُ دلاور جنهن کي پري کان ڏسي ورتو هو سندس ويجهو اچي کيس ڀاڪر پاتو. ٻنهي جي ملاقات ٿي ٻئي ڏاڍا خوش هئا. “ادا سعيد ڪڏهن آيا آهيو؟ ڪيترا ڏينهن رهندا؟ ڇا پاڪستان مستقل واپس اچي ويا آهيو؟”
پوءِ هن ٿورو ڊڄندي ڊڄندي فرحين بابت پڇيو ته هوءَ ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي۔. دلاور ٻڌايو ته هوءَ هڪ شهر جي ڪاليج ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي. ساڳي وقت هن ڪاليج جو نالو به ٻڌايو، جيڪو حيدرآباد واري شاهراهه تي هو. ۔
سعيد شاهه ڊڄندي ڊڄندي پڇيو ته متان سندس شادي نه ٿي هجي “فرحين جا ڪيترا ٻار آهن؟” “کيس ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي۔ وڏو پٽ فوج ۾ ڪپتان آهي. ٻئي پٽ تازو ئي سي ايس ايس جو امتحان ڏنو آهي ۽ الله جو شڪر آهي ته ڪامياب ٿي ويو آهي، سندس ارادو آهي ته هو فارين سروس ۾ وڃي ۽ سندس ڌيءَ ايم بي بي ايس جي آخري سال ۾ آهي۔. جڏهن ته سندس سڀ کان ننڍو پٽ ميٽرڪ ۾ آهي.” هن هڪ ئي ساهه ۾ پنهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجي بابت سڄو تفصيل بيان ڪيو.۔
چانهه پي هن دلاور کان موڪلايو، پر وڃڻ کان اڳ هن دلاور کان فرحين جو موبائل نمبر ورتو.
۔گاڏي ۾ ويهندي هن پنهنجي گهڙيءَ ۾ ڏٺو ته ٻنپهرن جا ٻارنهن ٿيا هئا. مطلب ته ڪاليج جو وقت ختم ٿيڻ ۾ اڃان وقت هو. هن شهر طرف رخ ڪيو، قاسم چوڪ کان ٿيندو سينٽرل جيل تائين پهتو ۽ پوءِ اتي موجود ڪاليج جي گيٽ تي وڃي بيٺو۔.
پنجويھن سان جو عرصو ڊگهو عرصو هوندو آهي. ٻار جوان ۽ جوان پيريءَ جي سرحد تي پهچي چڪا هوندا آهن. ڪيترن ماڻهن جا چهرا بدلجي چڪا هوندا آهن، ڪجهه ماڻهو عمر جي ان حصي ۾ مصروفيت سبب ڪيترائي چهرا ۽ واقعا ڪجهه حد تائين يا مڪمل طور وساري چڪا هوندا آهن. ساڳيو خدشو سعيد شاهه کي به هو ۽ کيس فڪر هو ته ڇا هو ڇوڪرين جي ڪاليج ۾ فرحين سان ملي سگهندو يا نه؟ هن موبائل تي ڳالهائڻ بدران گيٽ تي موجود چوڪيدار هٿان پنهنجو ڪارڊ ميڊم فرحين لاءِ ڏياري موڪليو۔.
ٿوري دير ۾ هو کيس اندر وٺي مهمانن جي لاءِ ٺهيل ڪمري ۾ ويهاري هليو ويو. هو ويهي رهيو ۽ ڌڙڪندڙ دل سان پنهنجي پنجويھن سالن جي پراڻي محبت جو انتظار ڪرڻ لڳو. کيس اندر ۾ اهو فڪر لڳل هو ته متان هوءَ ساڻس بيوفائي جي شڪايت ڪري کيس شرمنده نه ڪري.
“سعيد! ڪيئن آهين؟” فرحين جو آواز ٻڌي هو هڪدم ڇرڪي پيو ۽ سندس آڌرڀاءُ لاءِ اٿي بيٺو.
“ويهه، ان تڪلف جي ڪا ضرورت ناهي.” هن مرڪندي چيو.
سعيد شاهه سندس ننهن کان چوٽيءَ تائين جائزو ورتو. “بلڪل به ناهي بدلي.” هن دل ئي دل ۾ چيو.
“تون ملائيشيا ڇا وئين، وري ڪنهن جو حال ئي نه ورتئي .” فرحين شڪايت واري انداز ۾ چيو.
“فرحين، تون ته ڄاڻين ٿي، منهنجو ارادو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو هو. پوءِ بابا مون کي اڪيلو ڪڏهن موڪليو هو؟ جو مان فرصت جي لمحن ۾ ٻين جي خبر رکندو وتان. ماروي ساڻ هئي ۽ هن مون کي عمر ڀر سانڍي رکيو، تنهنڪري ان کي منهنجي خود غرضي سمجهه، ڄڻ پاڪستان جا سڀ رشتا ناتا ختم ٿي ويا هئا،” سعيد شاهه چيو.
“اسان جي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي سيمينار لاءِ سڏيو هو ۽ مان ان دعوت کان انڪار نه ڪري سگهيس. پوءِ تو جهڙين پراڻين يادگيرين کي به سھيڙڻو هو،” هن جواب ڏنو.
“پراڻيون يادون؟” هوءَ کلي پئي.
“سعيد، نه تون پراڻو آهين، نه مان.
اسان پنهنجي حال ۾ آهيون، پنهنجي ماضي سان جڙيل.”
“تنهنجا ڪيترا ٻار آهن؟”
“ٻه… عاليه شاهه ۽ سعادت شاهه،” هن جواب ڏنو.
ان ئي وقت ملازم چانهه ۽ بسڪيٽ کڻي اندر آيو.
“سعيد، جيڪڏهن تنهنجي واپسي جلدي نه هجي ته اڄ رات جو ماني منهنجي گهر کائجانءِ. مان توکي پنهنجن ٻارن سان ملائينديس،” فرحين دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪري ورتي.
رات جو ٺيڪ نَوين وڳي هو نسيم نگر جي هڪ بنگلي جي ڊرائنگ روم ۾ ويٺل هو.
فرحين ڊائننگ هال مان فارغ ٿي آئي ۽ ان دوران سندس ٻار به اچي ويا.
سڀني واري واري سان مهمان کي سلام ڪيو.
فرحين سڀني جو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ ڊنر شروع ٿيو.
کاڌي دوران ڳالهين جو سلسلو هلندو رهيو،
سعيد شاهه پڇيو:
“فرحين! تنهنجو مڙس نظر نٿو اچي اهو ڪٿي آهي؟” فرحين جي چهري تي ڄڻ هڪ رنگ آيو ۽ لنگهي ويو. “هو ڳوٺ ۾ پنهنجين زمينن تي رهندو آهي.” فرحين مختصر جواب ڏنو. ڊنر کانپوءِ ٻنهي ڊرائنگ روم ۾ چانهه پيتي ان دوران ٻار پنهنجن ڪمرن ۾ وڃي چڪا هئا.
“هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ ايترو مزيدار ڊنر ڪيو آهي. ڳوٺ جي ياد اچي وئي.” سعيد شاهه چوڻ شروع ڪيو.
“فرحين! تون ايسوسيئيٽ پروفيسر آهين، پر تنهنجو گهر ان معيار جو ناهي ڇا پئسا بينڪ ۾ جمع پئي ڪرائين؟”
“ها! جمع ته ڪرائي رهي آهيان ۽ مستقبل به ٺاهي رهي آهيان.” “ڪنهن جو” سعيد شاهه تجسس مان پڇيو.
“پنهنجن ٻارن جو. منهنجي پگهار جو وڏو حصو ٻارن جي تعليمي خرچن تي پورو ٿيو وڃي، بچت جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻارن جي سٺي تعليم ۽ سٺو مستقبل ئي منهنجو خواب آهي ۽ اهوئي منهنجو بينڪ ڊپازٽ به.”
“۽ تنهنجي مڙس جي آمدني؟” ان سوال تي فرحين جي چهري هڪ هڪ لمحي لاءِ ڳنڀيرتا ۾ ڪجهه لڪيرون اڀريون، پر هن هڪدم پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ چيائين:
“منهنجي مڙس سيد جمال شاهه جي ڪجهه زمين ڳوٺ ۾ آهي، جيڪا پهرين سندس ننڍو ڀاءُ سنڀاليندو هو. ان وقت هو شهر ۾ سرڪاري آفيسر هو. شاديءَ جي شروع ۾ ئي مون کي پتو پيو ته سندس محڪمي ۾ مٺائي ۽ ڪميشن جي نالي تي رشوت جو بازار گرم آهي، هو پاڻ به روز وڏي رقم کڻي گهر ايندو هو. مون کي انهيءَ وقت فيصلو ڪرڻو هو ته جيڪڏهن اها حرام جي ڪمائي منهنجن ٻارن جي پيٽ ۾ پئي ته پوءِ مان ۽ منهنجا ٻار ڪٿي بيٺا هونداسين دنيا ۽ آخرت ۾ اسان جو ڇا حشر ٿيندو. ان سوچ مون کي لوڏي ڇڏيو آخرڪار مون پنهنجي مڙس جي ڪاوڙ جي پرواهه ڪرڻ بنا ساڻس سڌي ڳالهه ڪئي. ها مان اها ڳالهه ٻڌائڻ ئي وساري ويٺيس ته مون ۾ اهو حوصلو آيو ڪيئن. مان ان وقت ليڪچرر ٿي چڪي هئس ۽ پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارن جو بار کڻڻ جي قابل هئس. هوءَ ٿورو خاموش ٿي وئي. وري ڳالهائيندي چيائين “هڪ ڏينهن مان کيس چيو جمال شاهه! توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي مائينڊ نه ڪجانءِ. جي بيگم فرمايو هن ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ چيو. اوهان رشوت وٺڻ ڇڏي ڏيو ڇو ته منهنجي لاءِ انهن پئسن جو استعمال ناقابل قبول آهي. اوهان منهنجي ۽ گهر جي خرچن کان ڀلي پنهنجو پاڻ کي آجو سمجهو. مان پنهنجي پگهار مان گهر هلائينديس، مون همت ڪري کيس پنهنجو فيصلو ٻڌايو. ٺيڪ آهي هن هڪ سٺي مڙس وانگر منهنجي ڳالهه جو احترام ڪندي چيو.
“اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن آهي اسان ٻئي هڪ خوش ۽ پنهنجن اصولن تي عمل ڪندي زنگي گذاري رهيا آهيون. منهنجن ٻارن جي باري ۾ ته توکي دلاور تفصيل سان ٻڌائي ڇڏيو هوندو. مان به هاڻي رٽائرمينٽ جي ويجهو آهيان منهنجا سڀئي ٻار پنهنجي پنهنجي منزل جي جي ويجهو پهچي چڪا آهن مون لاءِ هڪ مطمئن ۽ آسوده زندگيءَِ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙِي خوشي ٿي سگهي ٿي.” فرحين جڏهن ڳالهه پوري ڪئي ته سعيد شاهه سندس چهري تي انتهائي اطمينان ۽ فخر جي جهلڪ کي محسوس ڪيو. فرحين جي زندگي ۽ واقعا هر عورت جي لاءِ رول ماڊل بڻجي سگهن ٿا. هوءَ ايتري مضبوط عورت ٿي سگهي ٿي، سعيد شاهه ڪڏهن سوچيو به نه هو کيس فرحين تي فخر محسوس ٿي رهيو هو جيڪا ڪنهن پهاڙ وانگر مضبوط نظر اچي رهي هئي.