بلاگشاعرينئون

سنڌياڻي تحريڪ جي سرواڻ حور النسا پليجو اتساهيندڙ جاکوڙي ڪردار

ڌرتيءَ جي ڌيءُ لاڏُڪ، نارين لئہ ناز آهي

مزدور مُحب مارن، هارين لئہ ناز آهي

حور النساء پليجو، حور النساء پليجو

مڪليءَ جي ماٺ چيري، گجگوڙ بڻجي اڀري

ساهن جي توڙ تائين، جاکوڙ بڻجي اڀري

پرچار انقلابي، للڪار انقلابي

ھٿيار شعور هلچل؛ گُر وارَ انقلابي

سنگيت گيت سرگم؛ سُر تار انقلابي

گونجار انقلابي، وک وک محاذ آهي

ڌرتيءَ جي ڌيءُ لاڏُڪ، نارين لئہ ناز آهي

مزدور مُحب مارن، ھارين لئہ ناز آهي

حور النساء پليجو، حور النساء پليجو

هن جي اڏول نظرئي، پالي نہ ڪا اداسي

ڌمڪي نہ لوڀ لالچ، ڪنھن پل نہ آڇ باسي

گهرُ ٻار ڏيھ واسي، ھردم ڀرم سنڀايو

هڪ هٿ سدا قلم ۽ ٻئي هٿ عَلم سنڀاليو

پیغام آ تہ پاليو، روشن خيال ھلچل

ڪردار ۾ سمايل، ڏس! ڇا تہ راز آهي

ڌرتيءَ جي ڌيءُ لاڏُڪ، نارين لئہ ناز آهي

مزدور مُحب مارن، هارين لئہ ناز آهي

حورالنساء پليجو، حور النساء  پليجو