نئون

پاڪستان کي يو آن ۾  سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي

اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين چيو آهي ته پاڪستان کي چين سان ٿيندڙ ڪاروبار لاءِ چيني ڪرنسي يو آن ۾ به ڪرڻ گهرجي ته جيئن آمريڪي ڊالر تي ڀاڙڻ گهٽ ٿي سگهي. ڪالهه ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اهڙي طريقي سان پاڪستان وٽ وڌيڪ آپشن هوندا جنهن سان هو پنهنجي ڪلهن جو بار گهٽائي سگهندو. واضح رهي ته 2016 ۾ هڪ وڏي ڪوشش کانپوءِ چائنا آءِ ايم ايف جي قرض ڏيندڙ چئن ڪرنسين ۾ پنهنجي سڪي کي شامل ڪيو هو، جنهن جو مطلب آهي ته هاڻي آءِ ايم ايف چين جي ڪرنسي ۾ به قرض ڏئي سگهندو. جيڪو اڳ ۾ ڊالر، ين، اسٽرلنگ پائونڊ ۽ يورو تي ئي مشتمل هو. هن طريقي سان ڪاروبار ٿيڻ سان پاڪستان کي به فائدو حاصل ٿيندو ڇاڪاڻ ته هن ڪرنسي ۾ سون جي سيڙپڪاري به وڌي رهي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي ڪاروبار ۾ يو آن کي اهو مقام حاصل نه آهي جيڪو ڊالر ۽ يورو کي آهي پر ايندڙ ڪجهه سالن ۾ يو آن اهو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته 1990 کان چين پنهنجي پاڻ کي هڪ ڪاروباري طاقت جي طور تي مڃائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي هن وقت ان جي پرڏيهي ناڻن جو ذخيرو 3.5 ٽن ملين ڊالرن تي مشتمل آهي. ان سان گڏ چين پنهنجي سڪي لاءِ دنيا جا دروازا کولي رهيو آهي، جنهن سبب ان جي سڪي کي ڊالرن کانپوءِ وڌيڪ ترقي ملندي. هن چيو ته جيڪڏهن دنيا پنهنجو رخ يو آن ڏانهن ڪيو ته ان سان اسان لاءِ به فائدو ٿي سگهندو.