چين جي پوليس ڏوهارين جي سڃاڻپ واري عينڪ ايجاد ڪري ورتي
چين جي قانون نافذ ڪندڙ اداري پاران چهري جي سڃاڻپ ڪرڻ واري عينڪ ايجاد ڪري ورتي آهي. هن قسم جي ٽيڪنالاجي کي فيس ريڪگنيشن (Face Recognition) چيو ويندو آهي هاڻي ان قسم جي ٽيڪنالاجي کي هڪ نئين روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن طريقي ۾ هڪ اهڙي عينڪ ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ هڪ ڪئمرا لڳل آهي اها سامهون هر شخص جي چهري جي تصوير ڪڍي ان کي ننڍي ڪمپيوٽر ۾ موڪلي ٿي جتي اهو ڪمپيوٽر مصنوعي ذهانت جي مدد سان انهن مان اهڙن ماڻهن جي تلاش ڪندو آهي جيڪي ڪنهن ڪيس ۾ يا ته گهربل آهن يا وري تازو ڪا واردات ڪري اچي رهيا هجن. هن قسم جي عينڪ سان هڪ ئي وقت اهڙن 7 ڏوهارين کي پڪڙيو ويو جيڪي ريلوي اسٽيشن تي واردات ڪري اچي رهيا هئا. هيءَ عينڪ اهڙن مشڪوڪ ماڻهن کي سڃاڻڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. هي هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو ڪنهن به ڏوهاري کي پريشاني ۾ مبتلا هجڻ وقت ان جي چهري جي تصويرن مان ان جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو. واضح رهي ته هن عينڪ تي تنقيد به ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ ٽيڪنالاجي آءِ فون ۾ به استعمال ٿي رهي آهي ان ۾ چهري جي شناخت کي آءِ فون جو پاسورڊ به کولڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. پر اها آءِ فون به ڪيترا دفعا پنهنجي مالڪ کي سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪري سگهي ٿي. انهي ڪري چين ۾ انساني حقن جي تنظيمن پاران هن قسم جي ٽيڪنالاجي جو پوليس پاران استعمال تي اعتراض ڪيو ويو آهي.