خاصنئون

پاڪ فضائيه جو F-16 جهاز اسلام آباد ۾ ڪري تباهه، پائليٽ شهيد

پي اي ايف جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جو F-16 جهاز شڪر پڙيان جي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو. جڏهن ته حادثي جي نتيجي ۾ جهاز جو پائليٽ ونگ ڪمانڊر نعمان اڪرم شهيد ٿي ويو. جهاز يوم پاڪستان پريڊ جي تياري ۾ مصروف هو. جڏهن ته ايئر هيڊڪوارٽرز حادثي جي تحقيقات لاءِ بورڊ آف انڪوائري جوڙي ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ شهيد پائليٽ ونگ ڪمانڊر نعمان اڪرم لاءِ دعا مغفرت ڪرائي وئي. اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شهيد پائليٽ نعمان اڪرم لاءِ دعا ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان ايف-16 جهاز حادثي ۾ ونگ ڪمانڊر نعمان اڪرم جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي