خاص

کاڌي ۾ لوڻ جي گهٽ استعمال سان فالج جو خطرو به گهٽجيو وڃي

ماضي جي تحقيق ۾ ان ڳالهه جو تعين ڪيو ويو آهي ته کاڌي ۾ لوڻ جو اضافو قلبي مرضن ۽ وقت کان اڳ موت جي سببن ۾ اضافو ڪري ٿو. تازو ڪيل هڪ تحقيق ۾ ماهرن چيو آهي ته پنهنجن کاڌن ۾ لوڻ جي مقدار کي يا ته بلڪل ختم ڪري ڇڏيو يا گهٽ کان گهٽ استعمال ڪريو. تحقيق ۾ محققن کي معلوم ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي کاڌي ۾ لوڻ نٿا ملائن، انهن ۾ ايٽريل فائبريليشن (هڪ دل جو مسئلو) ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان 18 سيڪڙو گهٽ ٿيو وڃن. ان ڪيفيت ۾ دل جي ڌڙڪن بي ترتيب ۽ غير معمولي طور تي تيز ٿي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ چڪر ايندا آهن، ساهه منجهڻ لڳندو آهي ۽ ٿڪاوٽ جهڙا مسئلا سامهون ايندا آهن. اهڙن ماڻهن ۾ فالج جا امڪان پنج سيڪڙو وڌي ويندا آهن. ايمسٽرڊم ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ يورپين سوسائٽي آف ڪارڊيالاجي جي سالياني اجلاس ۾ هڪ تحقيقي رپورٽ پيش ڪئي وئي. تحقيق ۾ يو ڪي بايو بينڪ کان حاصل ڪيل ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو. هيءَ ڊيٽا 2006 کان 2010 جي وچ ۾ 40 کان 70 سالن جي 5 لک برطانوي شهرين تي مشتمل آهي، جيڪي ماڻهو تحقيق جي شروعات ۾ ايٽريل فائبريليشن، ڪورونري آرٽري ڊزيز، هارٽ فيليئر يا فالج کي ڀوڳي چُڪا هئا، انهن جي ڊيٽا کي ان ۾ درج نه ڪيو ويو. انهن کان اهو پڇيو ويو ته هو کاڌي ۾ ڪيترو لوڻ وجهن ٿا. انهن آپشنز ۾ ڪڏهن به نه يا ڪڏهن ڪڏهن يا هميشه شامل ڪرڻ جو چيو ۽ پوءِ محققن انهن ماڻهن جو 11 سالن تائين معائنو ڪيو ته جيئن ڏٺو وڃي ته لوڻ کائڻ جي عادت انسان جي صحت کي ڪيئن متاثر ڪري ٿي. ڪڏهن به لوڻ استعمال نه ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ دل جي مرضن جو مسئلو 18 سيڪڙو گهٽ ڏٺو ويو.