خاص

مفتاح اسماعيل جي موڪلاڻي، اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير نامزد

ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ن ليگ قائد نواز شريف کي پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي. ن ليگ قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ لنڊن ۾ پارٽي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ قومي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ترجمان موجب اجلاس ۾ مفتاح اسماعيل پنهنجي استعيفيٰ نواز شريف کي پيش ڪئي ۽ چيو ته وزارت توهان جي امانت هئي، توهان ئي وزير بڻايو هو. هن چيو ته مان 4 مهينن ۾ پنهنجي ڀرپور صلاحيت سان ڪم ڪيو، پارٽي ۽ ملڪ سان وفاداري نڀائي. نواز شريف ڏکين حالتن ۾ ذميواريون نڀائڻ تي مفتاح اسماعيل جي ڪوششن کي ساراهيو. ترجمان موجب نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير نامزد ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اڳوڻي حڪومت معاشي تباهي جي باهه لڳائي، جيڪا موجوده حڪومت کي وسائڻي پئي. ذريعن موجب مفتاح اسماعيل چيو ته سومر تي پاڪستان پهچي ناڻي واري وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندس.