خاص

سياست داءُ تي لڳائي آهي، آءِ ايم ايف سان معاملا جلد طئه ٿي ويندا: وزير اعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاملا جلد طئه ٿي ويندا، ملڪ خاطر سمورين سياسي پارٽين پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، اسان پاڻ پنهنجي گهر کي ٺيڪ نه ڪيو ته ٻيو ڪو مدد لاءِ نه ايندو. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته هڪ سياسي پارٽي جي ڪوشش آهي ته رستن تي معاملا طئه ڪيا وڃن. هن چيو ته پنهنجي انا ۽ پسند ناپسند کي پاسيروڪري ملڪ خاطر ڪم ڪرڻو پوندو، سيڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ هٿياربند فوجن جي سربراهن سوڌو ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، جنهن دوران ملڪ اندر دهشتگردي جي لهر ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.