سفرنامو

اچو ته البانيه گهمون (قسط-10 حصو پنجون)

ڍولڻ جهڙو ڊيوريس

ڊيوريس جي سڀ کان مشهور اسٽريٽ بوليورڊ ايپيڊئمن جتي صبح کان وٺي آڌي رات تائين رونق لڳي رهي ٿي، هوٽلن، بارن، ڪلبن ۾ گهماگهمي رهي ٿي اتان تقريبن 500 ميٽر جي پنڌ تي بوليورڊ ايپيڊمئن اسٽريٽ جي کاٻي هٿ تي حڪمران احمد زوگو (Ahmed Zogu I) جي دور جي گريٽ ماسڪ آهي جنهن کي الباني ٻولي ۾ Xhamia e Madhe ڪوٺيو وڃي ٿو. 1931 ۾ جوڙيل هي مسجد اُن ئي جڳهه تي ٺاهي وئي جتي اڳ ۾ اوٽومين دور جي مسجد ٺهيل هئي، هي مسجد جنهن کي گرانڊ ماسڪ به سڏيو وڃي ٿو، اُن زماني ۾ البانيا جي وڏي ۾ وڏي مسجد هئي. ترڪي جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائن تي ٺهيل هن مسجد مٿان هڪ ڪٻو ۽ پاسي کان هڪ مينار بہ ٺاھيو ويو هو. ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ موجود پٿرن مان ٺهيل ھن مسجد کي ڪميونسٽ دور حڪومت ۾ 1967 ڌاري مذهبن تي پابندي هڻڻ جي تسلسل ۾ بند ڪيو ويو ۽ هن مسجد جو اوچو مينار پڻ ڊاٺو ويو ۽ اُن کي يوٿ سينٽر ۾ تبديل ڪيو ويو. 1979 ۾ آيل زلزلي ۾ هن مسجد کي ڪافي نقصان پهتو ۽ تقريبن زبون حالي جو شڪار ٿي وئي. 1991 ۾ ڪميونسٽ دور حڪومت ختم ٿيو ۽ 1993 ۾ هن مسجد کي نئين سِر سان مرمت ڪري ۽ اُن ۾ ڪافي نواڻ آني ٻيهر عبادت لاءِ کوليو ويو.

البانيا ۾ ڪميونسٽ دور حڪمراني ۾ جيئن ته مذهبن تي پابندي هئي انھي ڪري سڀني مذهبن جا ڪافي عبادت خانه نه صرف بند ڪيا ويا، پر اُنهن مان ڪافين کي ڊاٺو به ويو ۽ ڪن کي وري رفاهي يا سرڪاري دفترن ۾ تبديل بہ ڪيو ويو. جيئن ته 1944 کان وٺي 1991 جي وچ واري عرصي تائين البانيا ۾ ڪميونسٽ راڄ رهيو، مذهبن ۽ عبادتن تي پابندي سبب آهستي آهستي ماڻهو مذهبن کان پري ٿيندا ويا، مذهبي ڌرين طرفان ڪجهه جزوي بغاوتون به ٿيون، پر اُنهن کي سختي سان ڪچليو ويو. تقريبن 50 سال ڪميونسٽ دور حڪومت ۾ موجود ماڻهن جو پيدا ٿيل نئون نسل جن سماج ۾ مذهبي عبادتون ۽ ريتون رسمون گهٽ ڏٺيون، نتيجن اڄ اُتي جو ماڻهو سيڪيولر آهي. البانيا جي موجوده رياسته ته سيڪيولر آهي ئي پر ماڻهو به مذهب سان مڙئي نالي ماتر ڳنڍيل آهن. 2020 جي مردم شماري موجب البانيا جي آبادي جو 60 سيڪڙو مسلمان، 17 سيڪڙو عيسائي، 15 سيڪڙو جن پنهنجو مذهب ڊڪليئر ناهي ڪيو ۽ 9 سيڪڙو دهريا (مذهب کي نه مڃيندڙ) آهن. توهان کي اِهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته هتي جيئن پوءِ تيئن دهرين جو تعداد وڌندو پيو وڃي. هِتي مختلف مذهبن جا عبادت خانا ٺهيا جڙيا ته پيا آهن، پر اُنهن ۾ عبادت ڪندڙ ڪو ورلي نظر اچي ٿو. البانيا جي هر شهر ڳوٺ ۾ توهان کي جيتريون به هوٽلون، چاءِ ڪافي ڪارنر، شاپس وغيره ملندا، اُنهن تي هڪ شيلف يا ڪائونٽر شراب جو سجيل ضرور ملندو. هتي جا ماڻهو هر عيد گڏجي اهڙي نموني ملهائن ٿا جو توهان کي خبر ڪونه پوندي ته ڪير مسلمان آهي ۽ ڪير عيسائي، هن وقت سڄي البانيا ۾ ڪرسمس جي تهوار جون سرگرميون جاري آهن. ڪرسمس ته 20 ڊسمبر تي آهي پر پهرين ڊسمبر کان آئون هتي آهيان ۽ مون هن وقت تائين جيڪي به شهر يا وسنديون، هوٽلون وغيره ڏٺيون آهن، جتي ڪٿي مختلف انداز سان سينگاريل ننڍا وڏا ڪرسمس ٽري ملندا. ڊيوريس ۾ به جتي وڃو توهان کي ڪرسمس ٽري ۽ رنگ برنگي ڪاسٽيوم ۾ سانتاڪلاز جا پتلا ۽ رانديڪا وغيره نظر ايندا.

        بوليورڊ ايپيڊئمن استريٽ جي ٻئي پاسي سڏ پنڌ تي اليگزينڊر معائسو ٿيٽر (Alexander moissu theatre) جي بلڪل پويان پهرين صدي عيسوي جا رومن باٿ موجود آهن. هي قديم باٿ (bath) 1960 ۾ دريافت ڪيا ويا. هن عمارت ۾ باٿ يا حمام 7 ميٽر ڊگهو ۽ 5 ميٽر ويڪرو آهي. هن باٿ ۾ پاڻي کي گرم ڪرڻ لاءِ زير زمين بٺي هوندي ھئي، جنهن جي تپش ٽائلن کي گرم ڪندي هئي ۽ اهڙي طرح هن حمام (باٿ) جو پاڻي گرم رهندو هو. اهي حمام دنيا جي ٻين حصن ۾ هٿ آيل حمامن جيان اُن وقت جي بادشاهن يا امير امراءُ جي استعمال لاءِ ٺاهيا ويندا هئا ۽ اُها اُن دور جي وڏي عياشي ليکي ويندي هئي، جيڪا جهڙي تهڙي ماڻهو کي ميسر نه هئي. پر وقت بدلجڻ سان اڄ ڪلهه عام ماڻهو کي به گرم حمام (باٿ) جي جيڪا سهوليت ميسر آهي، اُها جي اُن وقت جو ڪو بادشاهه يا امير امراءُ قبر مان اُٿي ڏسي ته حيرت کائي چئي ڏي ته وڃ هتي ته عام ماڻهن جا پاڻ کان بہ وڌيڪ ٺٺ لڳا پيا آهن ۽ اِهو صدمو نه سهندي وري قبر ۾ ليٽي پوي. بهرحال پوءِ به انهن بادشاهن ۽ امير اُمرائن کي باٿ ۾ جيڪي حسين سندرين جون مفت ۾ عياشيون ميسر هيون، اُهي پاڻ جهڙن مولائين کي ڪٿي؟ هنن باٿن ۾ جڏهن سندريون پنهنجو سرير ڌوئي تلائن/ حمامن (Baths) ۾ خوشبو اوتي ڇڏينديون هيون، تڏهن اُنهن ۾ پاڻ جھڙن عام ماڻهو جي داخلا بند هئي ۽ اڄ انهن تلائن/حمامن (Baths) کي ڏسڻ لاءِ به سرڪار پاران ٽڪيٽ يا في ناهي رکيل. مفت ۾ باٿ ڏسو ۽ خيالن ئي خيالن ۾ سندرين جي چلولاين ۽ هڳاءُ ڀريل پاڻي ۾ موج مستي ڪريو.

هن ئي آرڪيالاجيڪل سائيٽ تي ٿورو اڳيان بازنتين دور جا 4 صدي پراڻا گولائي ۾ عمارتي ڪالم آهن. هي گولائي ۾ ٺاهيل 40 ميٽر ڊگها پلر جن جي ڇڄن تي ماربل لڳل آهي، بازنتين بادشاهه Anastasius ۽ Justinian I جي دور جا آهن. هي عمارتي ايريا اُن وقت ۾ عدالتي، مذهبي ۽ ڪاروباري ادارن طور استعمال ٿيندي هئي. 40 ميٽر ڊگها عمارتي ڪالم ته ھن وقت به اُجڙيل حالت ۾ موجود آهن ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪن ٿا، پر اُن ۾ موجود شاهاڻو شان ۽ دٻدٻو خاڪ ۾ ملي فنا ٿي ويو آهي.

          هاڻ پاڻ اِهي پراڻا پلر (ڪالم) گهمي اچي ويٺا آهيون گاڏي ۾ ۽ هلون ٿا فتح مسجد (Fatih Mosque) ڏسڻ. بس پنج ڏهه منٽ شهر مان گهمندي هاڻ پاڻ پهچي ويا آهيون، ان آرڪيالاجيڪل سائيٽ تي. الباني هن مسجد کي پنهنجي ٻولي ۾ Xhamia e Fatihut سڏين. هي مسجد 1502 عيسوي ۾ تيار ٿي ۽ هن کي اوٽومين ايمپائر (سلطنت عثمانيه) جي مشهور فاتح حڪمران سلطان محمد فتح (Sultan Mehmet Fatihu) جي نالي پويان فتح مسجد (Fatih Mosque) سڏيو وڃي ٿو، هن مسجد کي به ڪميونسٽ دور حڪومت ۾ بند ڪيو ويو ۽ ان جو مينار ڊاٺو ويو ۽ وقت سان گڏ هي مسجد ڊهي پئي. ڪميونسٽ دور حڪومت جي خاتمي کانپوءِ محض تاريخي يادگار طور ان جاءِ تي مسجد کي نئين سر سان سادي نموني تعمير ڪرايو ويو، جيڪا اصل مسجد سان مشابهت نٿي رکي. اوٽومين ايمپائر (سلطنت عثمانيه) جي دور حڪومت کي البانيا توڙي باقي ملڪن ۾ ڏسجي ٿو ته هنن رڳو پنهنجي دور ۾ جنگيون ڪري فتوحات ڪيون، عبادتگاهون ۽ قلعا ته جام ٺهرايا، باقي علمي درسگاهون نه هئڻ جي برابر ٺهرايون بلڪ نين سائنسي دريافتن ۽ فڪرن تي پابنديون ۽ سخت سزائون مقرر ڪري سماج جي ترقي ۽ شعور کي روڪي رکيو. جڏهن انهن کان تمام گهڻو اڳي رومين ۽ يونانين عبادتگاهن سان گڏ ڪافي علمي درسگاهون (يونيورسٽيون) بہ ٺهرايون ۽ هنن جي دور ۾ فلسفو ڪافي پروان چڙهيو ۽ اُن دور جي ڏاهپ ۽ روشن خيالي هن وقت به ماڻهن کي اپيل ڪندڙ آهي.    (بقايا سفرنامو ايندڙ قسط ۾….)