تائيوان گهمڻ وڃو ۽ ڊالر به حاصل ڪريو
تائيوان اعلان ڪيو آهي ته هو انفرادي سياحن کي 165 ڊالر ڏيندو جيڪي پنهنجون موڪلون اتي گذارڻ چاهين. ٻئي پاسي گروپ جي صورت ۾ ايندڙ سياحن کي به رقم ڏني ويندي ته جيئن هو اتي جو دورو ڪري سگهن. خميس تي تائيوان جي وزيراعظم ان جو باقاعده اعلان ڪندي چيو آهي ته هن سال حڪومت چاهي ٿي ته ڪل 60 لک سياح جزيري تي اچن ۽ ان تعداد کي 2025 تائين هڪ ڪروڙ تائين پهچائڻ جو عزم به ڪيو آهي. نئين اعلان تحت پهرين 5 لک سياحن کي في ڪيس 165 ڊالر ۽ 90 هزار سياحتي گروپ ۾ في گروپ 658 ڊالر ڏنا ويندا. جڏهن ته نقد رقم بدران هيءَ ڊجيٽل ڪرنسي جي صورت ۾ هوندي جنهن کي ٽرانسپورٽ، رهائش ۽ کاڌي لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

