خاص

پشاور ۾ تحريڪ انصاف انٽرنيشنل سرڪس ڪمپني جو حشر دنيا ڏسي ورتو: شرجيل ميمڻ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي رهنما شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پشاور ۾ تحريڪ انصاف انٽرنيشنل سرڪس ڪمپني جو حشر دنيا ڏسي ورتو آهي، هن اهو به چيو ته هڪ شخص به پوليس جي مهمان نوازي قبول نه ڪئي. پوليس مائيڪرو فون تي پشاور، ڊي آئي خان ۽ ٻين علائقن ۾ جيل ڀريو تحريڪ جون دعوتون ڏيندي رهي ۽ پي ٽي آئي رهنما ۽ ايم پي اي پوليس جي گاڏين سان سيلفيون ڪڍندا رهيا. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جا ٽائيگر پوليس کي ڏسي رفوچڪر ٿيندا رهيا. هن چيو ته هڪ پاسي جيل ڀريو تحريڪ جي ڳالهه ٿي ٿئي ته ٻئي پاسي ضمانتون جمع ڪرايون پيون وڃن.

شرجيل ميمڻ چيو ته انٽرنيشنل سرڪس ڪمپني جو اڄ پڙائو راولپنڊي ۾ آهي جتي خان پنهنجن رهنمائن کي سائيڊ لائن ڪري سمورا اختيار شيخ رشيد جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن.