2022ع ۾ ڪيميسٽري جو نوبيل انعام حاصل ڪندڙ ڪيميادان!
ارڙهين صديءَ ۾ جديد ڪيميسٽري جو جنم ٿيو. اُن وقت کان ڪيميادانن لاءِ فطرت هڪ رول ماڊل آهي. زندگي خود ڪيترن ئي پيچيده ڪيميائي عملن جو مجموعو آهي. ٻوٽن، جانورن ۽ جيتن ۾ قدرتي طور تي تمام گهڻا ماليڪيول موجود آهن. هاڻي ڪيميسٽري جي مدد سان هٿرادو طور تي اهڙا ماليڪيول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪي قدرتي ماليڪيولز کان متاثر ٿي ٺاهيا پيا وڃن.
صدين جي ڄاڻ ۽ جستجو ذريعي ڪيميسٽري پنهنجي اهميت ثابت ڪئي آهي. هاڻي ڪيميادان پنهنجي ليبارٽرين ۾ ڪيترائي ماليڪيول ٺاهي رهيا آهن. پيچيده ماليڪيول ٺاهڻ دوران کين اِهو مسئلو به سامهون اچي ٿو ته اِهي ماليڪيول تمام گهڻن ڪيميائي عملن کانپوءِ ٺهن ٿا ۽ انهن جي نتيجي ۾ ڪجهه اڻوڻندڙ باءِ پروڊڪٽس به ٺهن ٿيون جيڪي ماحول لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿين ٿيون، پر پوءِ به انهن تي قابو آڻيندي، ڪيميادان انهن ماليڪيولز کي ٺاهين ٿا. انهن ماليڪيولز جو ٺهڻ تمام گهڻو مهانگو ۽ محنت طلب هوندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن سادا جواب ئي وڏا مسئلا حل ڪري ڇڏيندا آهن. سائنس ذريعي هر گذرندڙ ڏينهن سان عجوبا ئي ٿي رهيا آهن، جِن کي ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو. ڪِلڪ ڪيميسٽري ذريعي جيو گهرڙن جا نقشا ٺاهيندڙ ٽي ڪيميادان بيري شارپليس، مارٽن ميلڊل ۽ ڪيرولن برٽوزي هن سال ڪيميسٽري جو نوبيل انعام حاصل ڪن ٿا. بيري شارپليس جو هي ٻيو نوبيل انعام هو. اهڙيءَ طرح هي پنجون شخص بڻجي ويو، جنهن ٻه ڀيرا نوبيل انعام حاصل ڪيو هجي. هنن جي تحقيق جو مقصد اِهو هو ته ڪِلڪ ڪيميسٽري ذريعي جيو گهرڙن جا نقشا ٺاهي سگهجن ۽ بائيو آرٿو گونل ري ايڪشن جي مدد سان انساني جسم ۾ ڪينسر سيل ڳولهي سگهجن ۽ پوءِ انهن جي علاج تي ڪم ڪجي.
هنن ٽنهي ڪيميادانن عملي ڪيميسٽري کي هڪ نئين دور ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. هنن جيڪو ڪيميائي عمل ڪري اِهي ماليڪيول ٺاهيا آهن، ان ۾ هنن ڪاپر ڌاتو کي ڪيٽالسٽ طور استعمال ڪيو آهي ۽ ازائيڊ جي الڪلائين سان سائيڪلو ايڊيشن ڪرائي آهي.
هنن ڪِلڪ ڪيميائي عمل تيار ڪيا جيڪي جاندارن جي جيو گهرڙن ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ اُهي جيو گهرڙن جي معمول جي ڪم تي اثر انداز نٿا ٿين ۽ هاڻي اِهي ڪيميائي عمل سڄي دنيا ۾ استعمال ڪيا ٿا وڃن، جن جي ذريعي ڪينسر سيل کي ڳوليو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان کي ٽارگيٽ ڪري ڪينسر جو علاج ڪيو وڃي ٿو.
انهن ڪيميائي عملن جي مدد سان هاڻي ڪينسر جي علاج جون دوائون به تيار ڪيون پيون وڃن. ٽيومر سيل جون اينٽي باڊيز ٺاهيون پيون وڃن ۽ انهن کي انساني جسم ۾ ويڪسين ذريعي داخل ڪيو ويندو ته جيئن اُهي ٽيومر سيلز کي ٽارگيٽ ڪري سگهن.
شارپليس جو چوڻ آهي ته ڪِلڪ ڪيميسٽري جي مدد سان قدرتي جيو گهرڙن جون ڪاپيون به ٺاهي سگهجن ٿيون جيڪي قدرتي جيو گهرڙن وانگر ڪم ڪنديون. مطلب ڪينسر جي ڪري جيڪي جيو گهرڙا متاثر ٿين ٿا، اهڙا ساڳيا جيو گهرڙا هٿرادو طور تي ٺاهي سگهجن ٿا. شارپليس ڪيميادانن کي پنهنجي تحقيق ذريعي اِهو پيغام به ڏي ٿو ته ڪيميسٽري هڪ وسيع ميدان آهي، انهيءَ کي محدود نه ڪريو. اسان هِن قسم جون عظيم ڪاوشون ڏسي اهڙن عظيم ماڻهن کي تمام گهڻو ساراهيون ٿا. ڇو ته هي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
***

