زاهد منگي هڪ ڪميٽِڊ انسان ۽ باصلاحيت ڪهاڻيڪار
ڏوڪري تعلقي ۾ خاص ڪري منگي برادري پڙهيل لکيل ۽ باشعور برادري سمجهي ويندي آهي. هدايت منگي، واحد بخش منگي، مظفر منگي، حاڪم منگي، ستار منگي، عزيز منگي، حفيظ منگي، ياسر منگي کان وٺي زاهد منگي تائين، منگي برادري جي هڪ وڏي کيپ آهي جيڪا علم، ادب ۽ شعور جي واٽ تي گامزن رهي آهي. فڪري طور تي گهڻي قدر رسول بخش پليجي سان، ٿوري قدر ڪميونسٽ پارٽي سان انهن جي وابستگي رهي آهي. هنن سان فڪري طور تي اختلاف رکي سگهجي ٿو ۽ رکڻ به گهرجي، مگر ان ڳالھ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هي سڀ پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ شريف، ڪنهن سان به بي واجبي نه ڪندا نه وري ڪنهن کي تنگ ڪرڻ جو سوچيندا. پنهنجي نظريي ۽ پارٽي سان ڪميٽمينٽ ايتري جو سخت مايوسي واري دور ۾ به هنن پنهنجو سفر نه ڇڏيو. مظفر منگي عمر جي آخري حصي ۾ تصوف ۽ ملائيت ۾ پناھ ورتي، پر رسول بخش پليجي سان پنهنجي فڪري وابستگي ختم نه ڪئي. هنن جو ڪنهن سان به اختلاف ٿيندو به ته اهو ايترو ته نرم هوندو جو ان ماڻهوءَ کي اها سزا ڏيندا جو ان سان سمورا ناتا رشتا ڪٽي ڇڏيندا باقي ڪنهن کي نقصان نه ڏيندا. هن سماج ۾ اهڙن ماڻهن جو هئڻ به سماج لاءِ ٿڌي هير مثل آهي. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن شعور جي مٿان ذات پرستي جو اثر حاوي ٿي ويندو آهي. شايد سنڌي ۾ اها چوڻي سچ آهي ته ”ذات ڪانون کي به پياري ٿيندي آهي.“ اهو الڳ سوال آهي ته ڪانون جي ڪا ذات نه ٿيندي آهي صرف نسل ٿيندو آهي. ذات پات جو تصور صرف انسانن جي سماجي ۽ طبقاتي بيهڪ کي اظهاريندو آهي.
زاهد منگي به ساڳي برادري مان آهي جنهن جڏهن 14 مارچ 1985ع تي تعلقي ڏوڪري جي جکرا ڳوٺ ۾ عبدالستار منگي جي گهر ۾ اک کولي هئي، تڏهن هن جي ڪنن ۾ انقلاب جا نعرا گونجيا هئا. هي اهو دور آهي جڏهن سنڌ ۾ سياسي ۽ فڪري هلچل عروج تي هئي. هن جو ننڍپڻ جکرن ۾ گذريو. جکرا ڳوٺ عوامي تحريڪ جي سياسي هلچل جو مرڪز رهيو آهي. هن پرائمري تعليم به پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي هئي. ان کانپوءِ باڊهه ۾ ڇهين کان مئٽرڪ تائين پڙهيو ۽ انٽر سائنس ڪاليج ڏوڪري مان ڪيائين. هن ماسٽر (سنڌي ادب) ۽ ماسٽر ان فلاسافي (خاڪا نويسيءَ جو تحقيقي جائزو 1970ع-2015ع) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪئي آهي. 2008ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت ۾ هن کي روزگار جو ذريعو به مليو ته هن کي نئين نسل کي تعليم ڏيڻ جو موقعو به فراهم ٿيو. هن پنهنجي پيشي سان ڪڏهن به بي ايماني نه ڪئي آهي. تعليم جي معاملي ۾ ڪنهن سان به مصلحت نه ڪندو. ڇاڪاڻ ته هي سمجهي ٿو ته تعليم سان ڪنهن به قوم جي تقدير تبديل ڪري سگهجي ٿي. سرڪار وٽ ڀلي تعليم ترجيح ۾ نه هجي، پر زاهد جهڙا ڪردار هن پيشي سان جنون جي حد تائين سچائي رکن ٿا.
هن جي ننڍپڻ کان ئي فڪري ۽ عملي طور تي وابستگي سجاڳ ٻار تحريڪ سان رهي آهي. پليجي صاحب جي تحرير ۽ تقرير مان تمام گهڻو متاثر نظر ايندو آهي. سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ تيستائين هو جيستائين هي بالغ نه ٿيو هو، بالغ ٿيڻ کانپوءِ هن پارٽي جي مدر ونگ عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو هو. هن گهڻي قدر فڪري ۽ تنظيمي طور تي عوامي تحريڪ سان پنهنجي ذات کي وابسته رکيو باقي عوامي تحريڪ جي عوامي سياست ۾ نه هئڻ جي برابر حصو ورتو آهي. فڪري طور تي اسان ٻئي الڳ اسڪول آف ٿاٽ سان تعلق رکون ٿا، پر اسان پنهنجي دوستي جي وچ ۾ ڪڏهن به نظريي ۽ تنظيم کي ديوار بڻجڻ نه ڏنو آهي. سياست ۾ عملي طور تي مان گهڻو حصو ورتو هو. تڏهن هي چوندو هو ته ”تنهنجو شعبو سياست نه پر ادب آهي.“ هن سدائين مون کي لکڻ ۽ پڙهڻ واري پاسي تي ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي. ڪجھ حالتن جي ڪري ۽ ڪجھ دوستن جي سمجهائڻ جي ڪري مان عملي طور تي 2015ع کانپوءِ سياست کان عملي طور تي پري ٿي ويس ۽ پنهنجي تعليم ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي وڌيڪ وقت ڏنو آهي. هاڻي مون محسوس ڪيو آهي ته عملي سياست گهٽ ۾ گهٽ منهنجي مزاج کان گهڻو مٿي هئي. سياست شعبو اهڙو آهي جيڪو عمل ۾ بلڪل مختلف نظر ايندو آهي. اسان ٻنهي ۾ هڪ جهڙائي اها به آهي ته اسان ٻئي سياست سان گڏ ادب سان به وابسته رهيا آهيون. اسان ٻئي سنڌي ادبي سنگت ۾ به متحرڪ رهيا آهيون. اسان جي پيدائش جو سال به ساڳيو آهي. هڪ ٻئي جا همعمر به آهيون ته همعصر به آهيون. اسان جي وچ ۾ پيار جو پيچ جوڙڻ وارو سائين واحد بخش منگي هو جنهن پرائمري دوران 94-1993 ۾ اسان کي هڪ ٻئي سان اهڙو ڳنڍيو جو اڄ تائين هن سان اهو پيار جو پيچ نه ٽٽو آهي. سائين واحد بخش منگي جو ڀاءُ نديم منگي جيڪو منهنجو پرائمري ۾ ڪلاس ميٽ هو اڄ تائين ساڳئي پيار ۽ احترام سان هڪ ٻئي سان پيش ايندا آهيون. جيتوڻيڪ اسان وڏي عرصي تائين زماني جي وهنوار سبب نه ملندا آهيون، مگر جڏهن به ملندا آهيون ساڳي اڪير ۽ پيار سان ملندا آهيون. مون کي ياد ناهي ته زاهد ۽ اسان هڪ ٻئي سان ڪڏهن ٻاڙو ٻوليو هجي. کوڙ ڳالهين سان اتفاق نه به هوندو آهي تنهن باوجود به اسان هڪ ٻئي سان ساڳئي انداز ۽ ساڳي اڪير سان پيار ڪندا رهيا آهيون.
ادب جي شعبي ۾ هن ڪهاڻي، تحقيق ۽ مضمون نگاري جي شعبي کي چونڊيو آهي. هن جا ٻيا سڀ شعبه پنهنجي جاءِ تي مگر ڪهاڻيءَ جي شعبي ۾ جيڪو هن وٽ ڏانءُ آهي اهو قابل رشڪ آهي. هن ڪهاڻيءَ جو هنر ايترو ته سکي ورتو آهي جو ڪهاڻيءَ جا فني توڙي فڪري پاسا ڪٿي به جهول کائيندي نظر نه ايندا آهن. ڪهاڻي لکڻ ۾ هرو ڀرو ڪڏهن تڪڙ نه ڪندو آهي. سنجيدگي ۽ آرام سان ان جا سڀ اوسا پاسا جاچي من ۾ محبت پائي رنڍا روڙيندو آهي. هن پنهنجي ڪهاڻين جي ڪري سنڌي ادب ۾ مناسب جاءِ پيدا ڪئي آهي. هن وڏن اديبن جو پاڻ ڏانهن پنهنجي تحرير جي ذريعي ڌيان ڇڪايو آهي. اسان جا سينيئر اديب هونئن ته نئين نسل کي مناسب داد گهٽ ڏيندا آهن، پر هن ان ڳالھ جي پرواهه ڪرڻ بجاءِ پنهنجو ادبي پورهيو پئي ڪيو آهي. هن جون ڪهاڻيون موضوعاتي حوالي سان موجوده دور جي حالتن جون عڪاس آهن. هونئن مسئلا ته ساڳيا آهن مسئلن جي نوعيت تبديل ٿي آهي ان ڪري هن جي ڪهاڻين ۾ به سماجي مسئلن جي اپٽار ٿيل آهي. هن جون ڪهاڻيون سماج جي ڏتڙيل طبقي جون ڪهاڻيون آهن. هن ڪهاڻي جي مقصديت کي ڪڏهن به فوت ٿيڻ نه ڏنو آهي جنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون اسان ۽ اسان جي سماج جون ڪهاڻيون آهن جن ۾ درد به آهي ته درد جي دوا به آهي. هن جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”خوشي“ جڏهن ڇپجي 2022ع ۾ پيڪاڪ ڪتاب گهر پاران شايع ٿي آيو هو تڏهن منهنجي خوشي جي انتها نه هئي. جيتوڻيڪ هن اهو ڪتاب سرسوتي ساهت گهر پاران شايع ڪرڻ جو اصرار ڪيو هو، مگر مون هن کي صلاح ڏني ته ڪنهن پروفيشنل پبلشنگ اداري پاران هي ڪتاب شايع ٿيندو ته بهتر ٿيندو. جنهن کانپوءِ هي ڪتاب پيڪاڪ پاران شايع ٿيو آهي.
زاهد کي مون گهٽ جذباتي ٿيندي ڏٺو آهي. چڙ اچڻ، ڪاوڙجڻ يا جذباتي ٿيڻ انساني فطرت آهي. هن ڪائنات ۾ ڪوبه انسان اهڙو اوهان کي نه ملندو جيڪو انهن ڳالهين کان پالهو هجي. سوال اهو آهي ته هڪ شعور وند ماڻهو ڪاوڙ تي ڪيترو ضابطو رکي ٿو. شعور سدائين فطرت کي فتح ڪرڻ جي جنگ وڙهي آهي. اسان جي سامهون اهڙن ماڻهن جا مثال به موجود آهن جيڪي سموري دنيا جو علم پيتل هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهن، پر انهن جي ڪاوڙ ڪنڍي تان لهندي ئي نه آهي. ”لطيف جا پارکو سڏائيندڙ جن لطيف کي گهوٽي پيئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي“، پر لطيف جنهن نهٺائي سيکاري، ”هو جهيڙين تون جهڪو ٿي“ جهڙو فلسفو ڏنو، ان جي ابتڙ نظر ايندا آهن. اسان جيڪڏهن فطري عمل کي شعور جي تابع نه ڪري سگهيا آهيون ته باقي اسان جيڪو پڙهيا آهيون ان جو اظهار اسان جي روين ۾ به ظاهر نه ٿيندو ته ٻيو ڪٿي ٿيندو؟ زاهد پنهنجي شعور جي وسيلي انهن سڀني ڳالهين کي قابو ڪرڻ سکي ورتو آهي. متحرڪ رهڻ جي ڪري مان سدائين پنهنجن توڙي پراون جي تنقيدن جي نشاني تي رهيو آهيان. تنقيد ته پري جي ڳالھ ڪڏهن ڪڏهن نفرتن جي نشاني تي به رهيو آهيان. هن جي ويجهو رهندڙ دوستن به مون کي نشاني تي رکيو آهي، پر هن انهن جون ڳالهيون ٻڌيون آهن، پر هن ڪڏهن به مون کي پاڻ کان پري نه ڪيو آهي. منهنجي ڪري هن کي ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳڻو به پيو آهي، پر هن ڪڏهن به اف نه ڪئي آهي. سدائين منهنجي عمل ۽ ڪم جو بچاءُ ڪندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ مان ڪڏهن به مخالفن جي مخالفت ۽ نفرتن جي ڪري مايوس نه ٿيو آهيان. ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته سماج وٽ سهپ ختم ٿي رهي آهي. سماجي معيار بدلجي ويا آهن. سماج ۾ سڀ کان عزت وارو اهو آهي جنهن وٽ جائز ناجائز ملڪيت آهي. اهي ماڻهو جيڪي سماج ۾ عملي طور متحرڪ آهن انهن کي سماج جي نفرتن ۽ مخالفتن جي اهڙن عذابن مان گذرڻو پوندو جنهن مرحلي مان، مان گذري رهيو آهيان. هن منهنجي هميشه حوصلا افزائي ڪئي آهي. منهنجي زخمن تي ٿڌا پها رکيا آهن. هن جي مزاج ۾ ڏيکاءُ ۽ هرو ڀرو نالي ڪمائڻ جو شوق ڪڏهن به نه رهيو آهي. پئسي ۽ نالي جي ڊوڙ ۾ ماڻهو انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي وڃن ٿا جو انهن کي باقي رشتن ناتن جي به شناس نٿي رهي، مگر هي انهيءَ ڊوڙ کان ڪونهين ڏور رهيو آهي، پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو آهي. ڪنهن سان به دوستي مفاد ۽ لالچ جي بنياد تي نه رکندو. دوستي جو ڀرم رکڻ جو فن وٽس ڪمال جو آهي. ڳالهائڻ ۾ به ضرورت کان وڌيڪ نه ڳالهائيندو، نه ته ماڻهو جڏهن ڪنهن منزل تي پهچندا آهن ته باقي ٻين کي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هوندا آهن. هڪ عام ۽ سادي زندگي گذاريندڙ زاهد منگي اسان جو فخر رهيو آهي. زندگيءَ جو وڏو سفر جن ماڻهن سان گذاريو آهي انهن ۾ زاهد منگي به هڪ آهي. لاڙڪاڻي، ڏوڪري ۽ باڊھ ۾ جيڪي به علمي، ادبي ۽ فڪري سرگرميون ٿيون آهن انهن ۾ گڏ گڏ رهيا آهيون. سنڌي ادبي سنگت ۾ ته هڪ ٻئي جو ڀرجهلو رهيا آهيون. هڪ ٻئي جو اعتماد رهيا آهيون. زماني جي گردشن ۾ رهندي اسان ڪڏهن هڪ ٻئي کان نه پري ٿيا آهيون نه وري ٿيڻ ڏينداسين. هاڻي ته وارن ۾ اڇا پوڻ شروع ٿي ويا آهن زندگي جا ٽي ڏهاڪا گڏ گذريا باقي به وقت گذري ويندو.
***

