استاد
(حصو پهريون)
ڏکئي وقت تي انسان يا ته پنھنجي رب کي ياد ڪندو آھي يا پوءِ پنھنجي استاد کي، پر مون کي پنھنجي استاد کي ياد ڪرڻ جي ضرورت ڪونھي. ان لاءِ جو ھو ته منھنجي زندگي جي وهنوار جو حصو آھي، (ھڊ بيتي) منهنجي جسم سان لاڳاپيل آھي. مان ھن کي نه به ياد ڪريان، تڏھن به هو مون کي ياد ھوندو آھي. ھي انھن استادن مان نه آھي جيڪي اسان کي ڪلاس جي ڪمرن ۾ درسي ڪتاب پڙھائيندا آھن، ھي اھو استاد آھي جيڪو اسان کي زندگي گذارڻ سيکاريندو آھي.
منھنجي ان عظيم استاد سان پھرين ملاقات ڪاليج جي ڪينٽين ۾ ٿي ھئي. گورنمينٽ ڪاليج لاھور ۾ پھرين ڏينھن مون کي خبردار ڪري ڇڏيو ھو ته مان سينيئر ڇوڪرن کان ھوشيار رھان. ڇو جو اھي فرسٽ ايئر جي ڇوڪرن کي خوب بيوقوف بڻائيندا آھن. انھن کان پڇبو ته في ڪٿي جمع ڪرائبي آھي؟ ته اهي توکي ڪاليج جي ليٽرين ڏانھن موڪلي ڇڏيندا ۽ جي پڇو ته انفارميشن ڪائونٽر ڪٿي آھي ته توکي گرلس روم جو رستو ڏيکاريندا، جتي ڇوڪريون گڏجي تنھنجي ٺاھوڪي ڌرگت بڻائينديون… اتفاق سان ان ڏينھن ڪاليج يونين جي طرفان ٽين وڳي ھڪ سيمينار ٿي رھيو ھو، مان اوول گرائونڊ ۾ ويھي ھڪ تقرير لکي ورتي، پر جڏھن ھال ۾ پنھنجو نالو لکرائڻ ويس ته خبر پئي ته يونين جي فنڪشن ۾ فرسٽ ايئر جي شاگردن کي حصو وٺڻ جي اجازت نه آھي. مان سخت مايوس ٿيس، پر پوءِ خبر پئي ته يونين جو سيڪريٽري ھارون ڪياني آھي. ھارون، جسٽس ايم آر ڪياني جو پٽ آھي ۽ ڪياني صاحب منھنجي والد جي تمام بھترين دوستن مان ھڪ ھو. مون فورن ھارون کي والد صاحب جو نالو ٻڌايو، ھن چيو اگر ٽائيم بچيو ته توکي پنج منٽ ڏنا ويندا. پنج منٽ بچي ويا ۽ مون جيڪو ڪجھ لکيو ھو ديده دليري سان پڙھي ڇڏيو. ھن سيمينار ۾ وڏا وڏا سينيئر مقرر شامل ھئا. علي ڪاظم، امتياز جاويد، طارق علي، ارشاد ڪاظمي ۽ خالد جاويد. خبر نه آھي مصنفين کي منھنجي ڪھڙي ڳالھ پسند آئي جو انھن مون کي پھريون انعام ڏيئي ڇڏيو! ھاڻ ھڪ پاسي ته مون کي ان ناممڪن انعام تي خوشي ٿي رھي ھئي، پر ٻئي پاسي اھو کٽڪو به ھو ته ھي سينيئر ماڻھو ھاڻ خبر نه آھي مون سان ڪھڙو حشر ڪندا؛ مان به ڊڄندي ڊڄندي ھال مان نڪتس ته سامھون اھي سڀ سينيئر بيٺا ھئا، ان کان اڳ جو مان واپس وران، ھنن مون کي ڏسندي ئي مبارڪ مبارڪ جا نعرا ھنيا ۽ ڏاڍي گرم جوشي سان ھٿ ملائيندي چيائون، ھاڻ ھل تون اسان کي ڪينٽين ۾ چانهه ۽ سمبوسا کارائي. پھرين ته مون سمجھيو اھو مون کي فرسٽ ايئر فول ٺاھڻ جي ڪا چال آھي؛ پر جڏھن چانهن جو دور شروع ٿيو ته انھن سان ڪجھ اھڙي بي تڪلفي ٿي وئي جو لڳو ته ھي سڀ سالن کان منھنجا دوست آھن.
گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ملڻ جو مطلب ھڪ مهذب دنيا ۾ داخل ٿيڻ ھو ۽ مهذب دنيا جو مطلب انگريزي تھذيب ھو. اٽڪل سڀ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھڪ ٻئي ساڻ انگريزي ۾ ڳالھائيندا ۽ انگريزي اسٽائل ۾ اٿندا ويھندا ھئا… ڇوڪرين ۾ ڪا ايواگارڊنر ھئي ته ڪا سوزن ھيورڊ، ڇوڪرن ۾ ايلوس پرسلي،گريگري پيڪ ۽ راڪ ھڊسن. ٻئي ڏينھن جڏھن مان انھن ئي سينيئر دوستن سان ڪينٽين ۾ ويٺي گورنمينٽ ڪاليج جي ڪولونيل گلوري colonial glory سان مسحور ٿي رھيو ھئس ته ڏٺم ھڪدم منھنجي چوطرف ويٺل سڀ سينيئر ھڪ ھڪ ڪري کسڪي ويا! ۽ ھڪ ڊگھن وارن وارو ماڻھو نيڪر پاتل منھنجي سامھون بيٺل ھو (اوۓ کاکا تیری تے اندرے کلاس ھو رہی اے تے توں ایتھے بیٹھا چاۓ پی رھا ایں؟) پٽ تنھنجي اندر ڪلاس پيو ھلي ۽ تون ھتي ويھي چانهه پيو پئين؟ ھي ڪير آھي جيڪو مون سان ايڏي بي تڪلفي سان پيو ڳالھائي ۽ اھو به پنجابي ۾، منھنجي سمجھ ۾ نه آيو ته مان ان کي ڇا چوان، پر ان جي شخصيت ۾ ايڏي دلڪشي ۽ پنھنجائپ ھئي جو ڪجھ چوڻ بنا خاموشي سان ان سان گڏ ھلڻ لڳس، هو منھنجي ٻانھن جھلي مون کي ڪلاس ۾ وٺي آيو ۽ اتي به انھيءَ بي تڪلفي سان ھن پروفيسر کي چيو (لو بھٸ تسی تے اتھے کلاس پڑھا رھۓ اوتے تھاڈا منڈا باھر ویھی چاۓ پی رھیا اے) جناب توھان ته ھتي ڪلاس ۾ پڙھائي رھيا آھيو ۽ توھان جو شاگرد ٻاھر ويھي چانهه پيو پيئي. مان حيران پريشان، انگريزن جي ڪاليج ۾ انگريزي جي پروفيسر سان به علي الاعلان پنجابي ۽ اھا به بي تڪلف! يار ھي شخص ڪير ھو؟ مون پاڻ سان گڏ ويٺل ڇوڪري کان پڇيو،
”ھي ڊاڪٽر نذير آھي ڪاليج جو پرنسپل“،
”پرنسپل؟؟“
”ھا…“
ٻئي ڏينھن اهو واقعو پنھنجي سينيئر دوستن کي ٻڌايو ته انھن چيو ڊاڪٽر صاحب جڏھن رائونڊ تي ايندو آھي ته ڀڄي ويندو ڪر… لحاظه مون جيئن ئي ڊاڪٽر صاحب کي ايندو ڏٺو ته جلدي ۾ کسڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون کي سمجھ ۾ نه آيو ته مون کي ڪھڙي پاسي ڀڄڻ گھرجي، (اوۓ کاکا ٹھر جا) مون کي ھڪدم ڊاڪٽر صاحب جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ھو منھنجي پٺيان ڊوڙي رھيو ھو، آئون شرمندگي سان بيھي رھيس؛ (چل یار اج میں تینوں چاۓ پیانا آں) ھل يار اڄ مان توکي چانهه ٿو پياريان ۽ ڊاڪٽر صاحب مون کي پنھنجي گھر وٺي آيو، جيڪو ڪاليج جي بلڊنگ جي اندر ئي ھو. ھن جي ڊرائنگ روم ۾ ڪابه ڪرسي يا صوفه سيٽ نه ھو، بس ڪجھ پيڙهيون پيون ھيون. ڊاڪٽر صاحب ٻئي ڪمري مان ھڪ وڏو چانهه جو گول دٻو کڻي آيو (ایہ چاۓ مینوں ؛بلراج ساھنی؛ نے بمبٸی توں بھیجی ھے) ھي چانهه؛ بلراج ساھني؛ مون کي بمبئي مان موڪلي آھي. اھو چئي ھو بورچي خاني ۾ غائب ٿي ويو. بلراج ساھني ڀارت جو مشھور اداڪار ھو، مون ھن جون ٻه فلمون ڏٺيون ھيون، ڪابلي والا ۽ ھم لوگ؛، ٿوري دير کانپوءِ ھو پاڻ ئي چانهه کڻي آيو ۽ مون سان پيڙهي تي ويھي رھيو. چانهه واقعي ڏاڍي مزيدار ھئي، اسان ٻئي انھن پٽين تي ويھي دير تائين ڳالھيون ڪندا رھياسين، شاعري تي، موسيقي تي، ان وچ ۾ ڪٿي ڊاڪٽر صاحب جي ڳالھين ۾ گورنمينٽ ڪاليج جي ڪولونيل گلوري چانهه جي ٻاڦ سان اڏامي وئي…
ڊاڪٽر صاحب جي دوستي مون تي ادب ڪلچر جا ھزار دروازا کولي ڇڏيا، ھاڻ اسان ڊاڪٽر صاحب جي ڪمري ۾ بنا اجازت ھليا ويندا ھئاسين، ھو ڪڏھن اسان کي صوفي تبسم سان ملائيندو ھو ته ڪڏھن استاد دامن سان. ڊاڪٽر صاحب جي اوطاق تي ۽ پوءِ گورنمينٽ ڪاليج جي ميوزڪ سوسائٽي جي محفلن ۾، اسان وڏن وڏن موسيقارن کي ٻڌو، استاد فتح علي خان، امانت علي خان، استاد سلامت علي خان، نزاڪت علي خان، روشن آرا بيگم ۽ استاد شريف خان پونڇ وارو… ڊاڪٽر صاحب ڪڏھن اسان ساڻ ڪاليج جي چاڙهين تي ويھي ڪچھري ڪندو هو ۽ ڪڏھن ڪاليج جي ڪينٽين ۾. ھو سڄو ڏينھن ھڪ درويش وانگر ڪاليج جي چئني پاسن گھمندو رھندو ھو.
اسان لاھور ۾ رھندا ھئاسين، پر اسان کي ان ڳالھ جي بلڪل خبر نه ھئي ته اسان ؛شاھ حسين؛ جي شھر ۾ پيا رھون! شاھ حسين روز اسان ساڻ ڊاڪٽر نذير جي روپ ۾ ملڻ ايندو آھي (شاھ حسین اے،نہ آکھو کوٸی پیر اے) ڊاڪٽر صاحب سواءِ ڪنھن سرڪاري تقريب جي ڪڏھن سوٽ ٽائي ڪونه پائيندو ھو، ھميشه پنھنجي اڇي ڪرتي شلوار ۾ نظر ايندو ھو يا ڪڏھن فليٽ هيٽ، نيڪر ۽ گنجي ۾ اوول گرائونڊ ۾ ڇوڪرن سان گڏ ڊوڙ پڄائيندو نظر ايندو ھو، ڪڏھن ڪنھن مالهي سان گڏ لان ۾ ڇٻر تي ويٺو گلن جي چڪين جي باري ۾ ڳالھائيندو رھندو هو ۽ ڪڏھن ڪاليج جي پٺيان چنگڙ پاڙي جي ٻارن سان ڪرڪيٽ ڪڏندو ھو. ھو اڪثر پنڌ ئي ھلندو ھو، ڪڏھن ڪو ڪٿي پريان وڃڻو ھوندو ھئس ته سائيڪل تي ويندو ھو، ان کي ڪنھن شاگرد جي بيماري جي خبر پوندي ھئس ته سائيڪل کڻي ان شاگرد جي گھر ان جي عيادت لاءِ پھچي ويندو ھو… ان جون دوستيون سڀني وڏن شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ موسيقارن سان ھيون. ان کي ڪنھن به ڪڏھن پنھنجي ڪنھن ڳالھ تي، ڪنھن قسم جي سفيد پوشي جو ڀرم رکندي ڪونه ڏٺو ھو. مان ھڪ ڏينھن ھن جي ڪمري ۾ ويس ته اتي ھڪ وڏو با رعب ماڻھو، سرخي مائل کڌر جو ڌوتي ڪرتو پاتل مٿي تي پٽڪو ٻڌي ويٺو هو. کڌر جو اهو رنگ مون اڪثر فيشن ايبل ۽ امير مارڪسٽن کي پائيندي ڏٺو ھو، ان جو لباس مٽيءَ سان ڀريل ھو، ھن جي چھري جو رنگ سانورو، ڏاڙھي، مڇون گھاٽيون ۽ اکين ۾ ھڪ صوفيانه خمار ھو (ایہ میرا بھرا اے موتی شاھ؛) ھي منھنجو ڀاءُ آھي موتي شاھ ۽ ڊاڪٽر صاحب ڏاڍي پيار سان چيو، (روڑی کٹدا اے) پٿر ڪٽيندو آھي. (گاوندا بہت اچھا اے) ڳائيندو تمام ڀلو آھي. ڊاڪٽر صاحب بنا ڪنھن رک رکاءُ جي پنھنجي مزدور ڀاءُ کي وڏي فخر سان مون سان ملايو، موتي شاھ اوڏي مھل ئي ٽيبل تي ٺيڪو لڳايو ۽ نھايت سريلي آواز ۾ ھڪ پنجابي گيت ٻڌايو. موتي شاھ جي شخصيت ۾ ڏاڍي سچائي ھئي، اهڙي سچائي جيڪا مون شايد ئي ڪنھن سوشلسٽ ۾ ڏٺي ھئي…
ھڪ ڏينھن مال روڊ تي ڊاڪٽر صاحب کي ھڪ پوليس واري ڪنھن ڳالھ تي روڪي ڇڏيو، ان کان پڇا ڪئي ته ڊاڪٽر صاحب چيو ھو گورنمينٽ ڪاليج جو پرنسپل آھي، ان تي پوليس واري سمجھيو ھو ان سان ڀوڳ پيو ڪري، پر چند منٽن بعد ھتي ڊاڪٽر صاحب جي مداحن جو ھجوم گڏ ٿي ويو ۽ اتي ئي مال روڊ تي محفل ڄمي وئي…
فرسٽ ايئر ۾ جڏھن مان اردو جي ڪلاس ۾ ويس، ڏٺم ته اسان جو استاد ھڪ مٿانھين تي ويٺو حقو پي رھيو ھو. ھو بشيرالرحمان ھو، جنھن جو ڏاڍو رعب ھو، هن ان ڪتاب مان ڪجھ پڙھڻ شروع ڪيو، جواني ۾ استادن کي ڇيڙڻ سان مزو ايندو ھو. ھڪ جاءِ تي استاد پڙھيو، ”ھن رسي جو سرو جھليو“، مون ھٿ مٿي ڪيو، بشير صاحب ڪاوڙ مان مون کي گھور سان ڏٺو ۽ گرجدار آواز ۾ چيو، ڇا ڳالھ آھي؟ مون چيو سر لفظ سرو نه، سرو آھي. سر جو مطلب راز آھي ۽ سر جي معنيٰ جتان کان ڪنھن شيءِ جي شروعات، ابتدا ٿئي ٿي، جيئن سر ورق، ان لاءِ ھي رسي جو سرو ٿيندو، سرو نه… رول نمبر ڇا آھي؟ 204؛ نڪري وڃ منھنجي ڪلاس مان!! ھن ڪاوڙ مان چيو ۽ حقي جي ناڙ کي وات سان لڳايو…
ھاڻ مون کي وري ھڪ ٻئي ڪلاس ۾ موڪليو ويو، اتي به اھو ئي سلوڪ رھيو، ٿيو ايئن جو استاد، مڪر و روز کي، مڪر وزور پڙھي رھيو ھو. ھڪ ٻن ڪلاسن کانپوءِ مون کي ھڪ اھڙي استاد وٽ موڪليو ويو جنھن کان غلطي جو امڪان ناممڪن ھو، مرزا منور صاحب عربي فارسي جو عالم ھو، مان روز ان انتظار ۾ ھوندو ھئس ته مرزا صاحب ڪا غلطي ڪري، پر منھنجي آرزو پوري نه ٿي، آخر ھڪڙي ڏينھن ان کان غلطي ٿي وئي، چوڻ لڳو، مير، خوب چيو آھي، قھر ھو يا بلا ھو، جو کچھ ھو کاش کہ تم مرے لیۓ ھوتے.؛
مون ھٿ مٿي ڪيو، ڪلاس سڄو گھٻرائجي ويو،
”ھا ڇا ڳالھ آھي؟“
”سر ھي شعر غالب جو آھي، مير جو نه.“
”خاموش ويھي رھو.“
”سر تحقيق ڪري ڇڏجو، مون ويھندي چيو.“
”مرزا صاحب ھڪ لمحي لاءِ سوچيو ۽ چيو،“
ٺيڪ آھي ھي شعر غالب جو ئي آھي ۽ پوءِ طنزيه مون کي چيو، ”بنده پروري لاءِ مهرباني.“
”بنده کس قابل ھے“ مون به ٿورو طنزيه چئي ڇڏيو. مرزا صاحب کي ٿوري ۾ جڏھن خبر پئي ته مان بنده ھن کي چيو آھي ته ڪاوڙ ۾ چيو، ڇا رول نمبر آھي؟ نڪري وڃ منھنجي ڪلاس مان؛ مرزا صاحب جي ڪلاس مان به تڙيو ويس ته مون کي قيوم نظر جي ڪلاس ۾ موڪليو ويو، جيڪو ٻنپھرن جو ٻين وڳي ٿيندو ھو، ان ڪلاس ۾ تمام گھڻا شاگرد ھئا، مان ڪلاس ۾ آخري بينچ تي سمھي رھندو ھئس، قيوم صاحب کي مان اتان ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو ھئس، ھڪڙي ڏينھن ھن مون کي ستل ڏسي ورتو، قيوم صاحب اذيت ڏيڻ جو ماھر ھو، اهو ڏسي خوش ٿيو ته اڄ ھڪ شڪار ھٿ آيو آھي. مون کي حڪم ڏنائين ته سڄي ڪلاس جي سامھون اچي بيھان، ھن جو ارادو ھو ته مون کي سڄي ڪلاس جي سامھون عبرت جو نشان بڻائي.
”نظم ۽ نثر ۾ فرق ٻڌائي؟“ ”قيوم صاحب پڇيو.“
”سر نظم ۾ بحر ھوندو آھي ۽ نثر ۾ بحر ناھي ھوندو،“
”جيڪو فرق مون ٻڌايو اھو ٻڌائي؟“
قيوم صاحب اھو ثابت ٿي ڪرڻ گھريو ته مان ان جي ليڪچر دوران ستل ھئس. مون چيو
”سر توھان ڪھڙو فرق ٻڌايوآھي؟“
…(هلندڙ)…