بلاگنئون

لطيف ۽ سنڌ جا صوفي شاعر

سنڌ صدين کان صوفين، ولين ۽ سنتن جي سر زمين رهي آهي. تصوف جي تعليم انهن عظيم صوفين جو مقصد رهي آهي. تصوف جي خيالن ۽ ان جي مشاهدن تي جڏهن غور ڪيو وڃي ٿو ته خبر پوي ٿي ته انساني تاريخ ۾ جتي ڪٿي به تصوف جا خيال جڏهن به پيدا ٿيا آهن، اتي انهن جي بنيادي صورت گهڻو ڪري هڪجهڙي رهي آهي، اندر جي بيچيني، حق جي ڳولها، رياضت، عبادت، ترڪِ دنيا ۽ ٻيا عمل سڀني مذهبن ۾ ساڳيا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. صوفي گهٽ کائڻ، گهٽ ڳالهائڻ، گهٽ واپرائڻ کي ترجيح ڏيندڙ الله تعاليٰ جا اهي نيڪ ٻانها آهن، جن جي حياتي دنيا جي حياتيءَ کان مختلف هجي ٿي. ٻين لفظن ۾ صوفيت يا تصوف انسان ذات جي اخلاقي ۽ قلبي پاڪائي جي اها تحريڪ ۽ اهو فڪر آهي، جنهن هميشه دنيا جي اندر استحصالي فڪر ۽ نظامن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ انهيءَ فڪر جو محرڪ انسانيت ۽ محبت رهيو آهي. سنڌي ماڻهوءَ جو مزاج صبر، سهپ ۽ توڪل وارو آهي، جنهن ڪري اسان جي بزرگن تي صوفياڻي تحريڪن جا وڏا اثر ٿيا. تصوف سان سنڌ جي ماڻهن جي واقفيت اصلاح جي نظريي سان ٿي پر ته به ان کي قبول ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ جو سبب سندن مزاج جي نهٺائي آهي. سنڌ ۾ تاريخي طور سهروردي، قادري، چشتي، نقشبندي، صوفي سلسلا ۽ طريقا رائج رهيا آهن. جن جي اثر هيٺ ئي هتان جا صوفياءِ ڪرام فڪري نسبت رکن ٿا. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي شريعت جو پابند،  انسان ذات جو ڀلو چاهيندڙ صوفي شاعر هو سندن شاعريءَ تي کانئن اڳ جي شاعرن هم عصرن خاص طور شاهه عبدالڪريم، شاهه لطف الله قادري، شاهه عنايت رضوي خواجه محمد زمان ۽  ٻين جي صوفياڻي شاعريءَ جا اثر هئا. تصوف جا مول متا سندن رسالي ۾ جا بجا موتين جيان پکڙيل نظر اچن ٿا. هو شريعت جي حڪمن جي بجا آوري صاف دلي سان ڪرڻ کي پسند ڪندي چوي ٿو:

ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ،

محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،

ان پر ٿي اچ ته، سودو ٿييئي سڦرو.

شاهه لطيف اويسي طريقي جو پوئلڳ هو. هن صوفيءَ بزرگ جو راڳ سان دلي ربط هو ۽ ان کي پنهنجي جيءَ جو جياپو ڄاڻايو اٿن. سندس شعر ۾ الهامي شاعريءَ جون خوبيون آهن. هو پرينءَ کي ئي حق جو جلوو ٿو ڄاڻي. هيٺ چند صوفي شاعرن جو احوال ڏجي ٿو. سڀ کان پهرين قاضي قادن جو نالو اچي ٿو.

قاضي قادن جو ڪلام تصوف جي سنڌي شاعريءَ جو  بنياد قرار ڏنو وڃي ٿو. سندس ڪلام پهرين “شاهه ڪريم جي ملفوظات” ۾ ستن بيتن جي صورت ۾  مليو. پوءِ هيري ٺڪر کي هندوستان جي هرياڻه ڳوٺ مان چڱو شعر مليو جو ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي. قاضي قادن جو ڪلام تصوف ۽ وحدانيت جي اپٽار آهي.

جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري. (قاضي قادن)

شاهه عبدالڪريم، شاهه عبداللطيف کان اڳ سندن تڙ ڏاڏو شاهه عبدالڪريم ساڳئي، مسلڪ جو هو سندن سنڌي بيت “بيان العارفين في تنبيهه الغافلين” ڪتاب ۾ آيل آهن. جو فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. شاهه ڪريم جو هر هڪ بيت تصوف جو خزانو آهي. سندن بيت ٿوري تعداد ۾ آهن، پر فڪر ۽ خيال ساڳيو آهي. چوي ٿو ته:

سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿئي اکيئون ڌار،

ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهن.

منهنجو سڄڻ/ محبوب اکين کان فقط هڪ پل به جيڪڏهن ڌار ٿيئي ته ڄڻ سڄي ڄمار نه ڏٺم.

شاهه لطف الله قادري هن سلسلي جو هڪ اهم صوفي شاعر  آهي، هو پنهنجي وقت جو هڪ ڪامل ولي ۽ بلند پايه شاعر هو. سنڌ جي صوفي شاعرن ۾ سندس نالو اهم آهي. شاهه لطف الله جو سڄو ڪلام عارفاڻي فڪر جي لحاظ کان تصوف جو خزانو آهي. معنوي نڪات ۽ رمز سان ڀرپور آهي. شاهه لطف الله جي ڪلام کي رسالي جي صورت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سهيڙي تحقيق ۽ تصحيح ڪري شايع ڪرايو. شاهه لطف الله فرمائي ٿو ته:

حسن حبيبن جو، پسين جي پيهي،

ته توکي سڀئي، ٻيون وڃن وسري.

سندن ٽي ڪتاب ”تحفة المساڪين“ ۽ ”منهاج المعرفت“ ۽ ”سنڌي رسالو“ آهن. شاهه لطف الله جي  ڪلام ۾ پڻ صوفين وارو ساڳيو اسلوب قائم آهي، جنهن ۾ پرين کي سمجهڻ ۽ پسڻ لاءِ ظاهري عقل جي ڪا به اهميت ڪانهي. فقط اندر جي اوجر کپي.

شاهه عنايت رضوي مغلن جي آخري دؤر ۽ ڪلهوڙن جي شروع واري دؤر جو شاعر شمار ٿئي ٿو. شاهه ڪريم ۽ لطف الله قادريءَ کان پوءِ مئين شاهه عنات جو ڪلام تعداد ۾ وڌيڪ آهي، شاهه عنايت پنهنجي هم عصرن ۾ وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو. پاڻ “عنات” تخلص طور ڪم آندو اٿن. شاهه عنات جي شاعري مڪمل رسالي جي صورت ۾ آهي. سُرن ۾ رسالي جوڙڻ جو رواج شاهه عنات وڌو، جنهن کي پوءِ لطيف عروج تي پهچايو. ڊاڪٽر بلوچ شاهه عنات جو رسالو ترتيب ڏئي شايع ڪرايو. سندس ڪلام تصوف سان ٽمٽار آهي. حسن، عشق، فراق، هجر ۽ وصال جي بيانن سان گڏ شاهه عنات جو  تخيل، فڪر ۽ بيان اعليٰ درجي جو آهي. سُر ڪلياڻ ۾ شاهه عنات الست جي اقرار بابت چوي ٿو ته:

الست ارواحن کي، جڏهن جاڳايو جبار،

رڙهي رهبر رسيا، سي سُل مون نبي يار،

مُلڪين فلڪين پڌرا، آگي ڪيا اظهار،

ساڪن ڪيا ستار، اوڏا سي ’عنات‘ چئي.

صوفي شاهه عنايت شهيد 1656ع ۾ پيدا ٿيو، 1718ع ۾ شهيد ڪيو ويو هو تصوف جو ڄاڻو ۽ انقلابي شاعر هو. ظلم جي خلاف سينو سپر ڪري بيٺو. غريبن جو دوست ۽ جاگيردارن جو دشمن هو، انهيءَ ڪري گهري سازش سٽي کين حڪومتي گورنر جي چرچ تي شهيد ڪرايو ويو. شاهه عنايت جي شهادت وقت شاهه عبداللطيف جي عمر 28 سال هئي. شاهه عنايت جي ڪلام مان هڪ بيت هن ريت آهي:

هلڻ مون تي حق ٿيو، پهچڻ پنهونءَ وس،

آري عنايت چوي، لوڙي آئون لهنديس،

اُتي نهارينديس، جيڏيون پنهنجي جت کي.

خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو سنڌ جي ناميارن صوفي بزرگن مان هو. سندن حياتيءَ جو احوال “مرغوب احباب” ڪتاب ۾ آيل آهي. خواجه زمان جي سڄي حياتي الله جي عبادت ۽ ماڻهن کي فيض ڏيڻ ۾ گذري. شاهه عبداللطيف جون ساڻن ملاقاتون ٿيون، پاڻ کانئن متاثر هئا ۽ سندن شان ۾ بيت چيائون.

مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،

ڪري نه سگهان ڪا، تنين سندي ڳالهڙي.

خواجه زمان جو ڪلام ڳاڻيٽي ۾ گهٽ آهي. هن صوفي بزرگ وٽ تصوف جو معيار فقط ئي فقط دل جي صفائي آهي. خواجه صاحب جا 84 سنڌي بيت سندن بصيرت جو اعليٰ نمونو آهن. هنن بيتن ۾ روحاني ۽ معنوي طور عشق الاهيءَ جا ٽمٽار خزانا موجود آهن. فرمائي ٿو ته:

پريان جي پچار ۾، اچي جن آرام،

دنيا تن کي دام، پڇن موسم موت جي.

جيڪي حق جي جلوي جو ذائقو هڪ دفعو چکي ٿا وٺن انهن لاءِ ته پوءِ هيءَ حياتي قيد آهي. هُو ته محبوب جي پچار سان آرامي آهن ۽ ان وٽ وڃڻ لاءِ ئي آتا آهن، کين موت کان ڪو به خوف ڪونهي، بلڪه موت ته محبوب سان ملڻ جو وسيلو آهي. هُو ان جي هر دم پڇا ڪندڙ آهن. خواجه زمان جو هڪ هڪ بيت سچي عشق جو آلاپ آهي.

 مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي وارو هڪ وڏو عالم ۽  شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن دين جي رستي ۾ جهاد ڪيو. سندس ڪارنامو مهاڏيو جي مڙهيءَ کي ڊاهڻ وارو آهي، جنهن مقابلي ۾ پاڻ 1778ع ۾ شهيد ٿيو. مخدوم خواجه محمد زمان جي صحبت کيس رنڱي ڇڏيو. فقهي جي ماهر هن شاعر جا سنڌي بيت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايت آهن.

پڄاڻان پرين، هنيون ڪڄاڙو کاءِ،

ڪلهي پايو ڪينرو، ڳڻن پريان جاڳاءِ.

سندس گهڻي شاعري “ڪبت” جي صورت جي آهي. سندس وحدانيت جي ڪلام مان هيٺيون بيت پيش ڪجي ٿو.

لااِلَہ الاالله آهي هيڪڙو، جو موڙ مڙني جوءِ،

سڃاڻڻ ۾ آن سندي، عقل عاجز هوءِ،

سڀن ڌاران تنهن سري، ان ري نه سري ڪوءِ.

ان کان سواءِ سندن هيءُ بيت پڻ مشهور آهي.

آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،

جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.

سچل سرمست تصوف جي شاعريءَ جو هڪ اهم نالو آهي. ميان عبدالوهاب ولد ميان صلاح الدين ولد ميان صاحبڏنو فاروقي “سچل”، جي نالي سان سنڌي شاعريءَ جو حقيقي سچل بڻجي پيو. سچل سرمست فن ۽ فڪر ۽ عشق جي بلنديءَ واري شاعري ڪئي. سندس سڄو ڪلام بي باڪي ۽ رنديءَ جو مظهر آهي. سچل جي ڪلام ۾ درد جو درياءُ ۽ تصوف جي رواني آهي. سچل جو هر شعر، هر مصرعو، هر اکر احتجاج آهي. هُو “انا الحق” جو نعرو بلند و بالا نموني سان هڻي ٿو.

  1. جان پروڙيم پاڻ کي، تان پاڻ پنهون آهيان،2. نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار،3. الله الله ڇوڪرين، پاڻ ئي الله ڄاڻ.4. هِتِ هُتِ آهي صورت منهنجي ٺاهه نه ڪو ٻيو ٺاهيان.5. پاڻ پنهون آهيان، ڙي ڀينر ڀلي ناهيان.

مطلب ته سچل سائينءَ جي شاعري تصوف جو خزانو ۽ عشق جو آلاپ آهي. جيڪي راز شاهه سائينءَ ڍڪي چيا، سچل انهيءَ تان ڍڪ لاهي کولي پيش ڪيا. عشق الاهيءَ جي ستي پي سچل بي خود ٿو ٿي وڃي تڏهن چوي ٿو ته:

ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر،

انهيءَ وائيءَ وَر سمجهي ڪو ”سچو“ چوي.

حمل فقير سنڌ جو مشهور شاعر خيرپور ۾ پيدا ٿيو. هُو مشهور عوامي ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سڪرنڊ ۾ سندس مدرسو هو پاڻ استاد جي حيثيت ۾ درس و تدريس سان لاڳاپيل حياتي گذاريائين. وحدت جي ديواني، توحيد جي شمع جي پرواني، حمل کي الاهي عشق جو سوز حاصل هو. نعتون بهترين چيائين ته سندس ٻي شاعريءَ ۾ پڻ عشق جو اثر گهڻو آهي. هن درويش جو ڪلام سوزو گداز جو اعليٰ نمونو آهي. سنڌي توڙي سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪئي اٿائين، ”ڪلياتِ حمل”جي نالي سان سندس سنڌي ڪلام سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيل آهي.

سِڪَ مڙيئي سور، سُور به سِر جيا سِڪ مون،

صبر سِڪَ وِڃايو، ماٺ نه اچي مُور،

دانهُون درد فراق جُون، ڏيهه ٻجهن ٿيون ڏُور،

’حمل‘ هي ڪلور، جو ساڄن سڻي ڪينڪي.

حمل جي سڪ سوائي آهي هُو سڄڻ سوا هڪ پل به گهارڻ نٿو چاهي، اهو ئي عشق جو اعليٰ درجو ۽ اهو ئي صوفياڻو فڪر آهي. اسان جا ٻيا پڻ انيڪ شاعر ٿي گذريا آهن جي سنڌ سر زمين جي سورن ۽ سياسي لاهين چاڙهن جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ هئا. هنن بُري تي بَڇَ جا سبق ڏيندي. پنهنجي نهٺيءَ عوام کي اڳيان وڌڻ جا گَسَ ڏنا. ڪڏهن تصوف جي اوٽ ۾ ته ڪڏهن کليو اظهار ڪيائون، پر گهڻي ڀاڱي هنن صوفي شاعرن جو مول متو محبت، اخوت، رواداري ۽ پنهنجائپ سان دليون کٽڻ جو هو.

ميون عيسو هالائي، احسان فقير، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، ميان صاحبڏنو فاروقي، تمر فقير، روحل فقير، مراد فقير، نانڪ يوسف، سامي، خوش خير محمد، خليفو نبي بخش، صوفي صادق فقير، قادر بخش بيدل، مصري شاهه، رکيل فقير ۽ ٻيا ڪيترا شاعر ٿي گذريا آهن جن جي شاعريءَ ۾ تصوف جا رنگ ملن ٿا. هن سونهاريءَ سر زمين تي سندن فڪر جا روشن رُخ هميشه قائم رهندا.