هن سال جولاءِ مهيني جي يارهين تاريخ تي نامياري استاد ۽ دانشور ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي جو 75 هون جنم ڏينهن هو. ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي سائنسي سوچ، روشني خيالي، تعليم ۽ سائنس جهڙن موضوعن تي مسلسل لکندو ۽ ڳالهائيندو رهندو آهي. سندس جنم 11 جولاءِ، 1950ع تي ڪراچي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڪراچي ۾ ئي حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ رياضي، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۽ سالڊ اسٽيٽ فزڪس ۾ ڊگريون حاصل ڪيائين. سندس پي ايڇ ڊي نيوڪليئر فزڪس ۾ ٿيل آهي. هي 1973ع کان 2020ع تائين قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ فزڪس پڙهائيندو رهيو. هن کي فارين پاليسي پاران دنيا جي 100 مشهور دانشورن جي لسٽ ۾ به شامل ڪيو ويو هو. کيس عبدالسلام ايوارڊ ۽ آمريڪن سوسائٽي سميت ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
14 اپريل، 2001ع تي ان وقت جي حڪومت کيس ستاره امتياز ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو، پر هن پرويز مشرف کان ايوارڊ وٺڻ بدران اهو چئي ايوارڊ واپس ڪيو ته؛ “جن ماڻهن جو سائنس سان واسطو ئي ناهي، انهن کان هي ايوارڊ نه وٺندس.”
ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي روزاني ڊان، ايڪسپريس ٽربيون، ڊيلي ٽائمز وغيره لاءِ به مختلف وقتن تي لکندو رهندو آهي. اتي به سندس موضوعن ۾ اڪثر سائنس ۽ تعليم شامل هوندا آهن. جيتوڻيڪ هي سماجيات ۽ سياسيات جهڙن موضوعن تي به لکندو ۽ ڳالهائيندو رهندو آهي.
1991ع کان 2004ع تائين هن پاڪستان ٽيليويزن تان 13 حصن تي مشتمل هڪ ڊاڪيومينٽري جي ميزباني به ڪئي ۽ ان جو ليکڪ به هي پاڻ ئي هو، جيڪا اردو ۾ نشر ٿيندي هئي ۽ اُها هيستائين پاڪستان ٽيليويزن پاران نشر ڪيل پهرين ۽ واحد سائنسي ڊاڪيومينٽري آهي. سائنس جي مشهوري جي ڪري 2003ع ۾ کيس يونيسڪو پاران به ايوارڊ ڏنو ويو. رياست ۽ تعليم، اسلام ۽ سائنس ۽ فزڪس جا بنيادي نظريا، سميت سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن. ٽيليويزن تي به سندس ڪيترائي پروگرام مختلف وقتن تي نشر ٿيندا رهندا آهن. 1988ع تي پاڪستان ٽيليويزن تي “عِلم ڪي راستي” جي نالي سان نشر ٿيندو هو. ساڳئي چئنل تي 1995ع ۾ “اسرار جھان” به نشر ٿيندو هو. ان سان گڏ جِيو ٽيليويزن تي “الف” جي نالي سان پروگرام ڪندو هو جنهن ۾ ساڻس جاويد احمد غامدي به گڏ هوندو هو. سندس پروگرامن جي نالن مان ئي واضح آهي ته پاڻ هنن پروگرامن ۾ عِلم، تعليم ۽ شعور جي پرچار ڪندو رهيو آهي. ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي ته پاڪستاني اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هلندڙ نصاب تي به تنقيد ڪندو رهندو آهي. خاص طور تي سائنس ۽ تاريخ جي ڪتابن جو ته هو وڏو نقاد رهيو آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو پاران شايع ٿيندڙ درسي ڪتابن تي به تنقيد ڪندو رهيو آهي. هن ته انهن ڪتابن لاءِ ايئن به چيو ته “هي ڪتاب پڙهائي شاگردن تي ظلم ڪيو پيو وڃي ۽ هي ڪتاب ته ساڙڻ جهڙا آهن، پر وري به ڪتاب آهن سو ساڙي ته نٿا سگهجن، پر پاڻي ۾ لوڙهي سگهجن ٿا.”
منهنجي اِها خوشنصيبي آهي جو مون کي ساڻس ملاقات ۽ مختصر ڪچهري جو موقعو مليو. ساڻس ملاقات ڪيئن ٿي؟ اهو به دلچسپ واقعو آهي. 2018ع جي جنوري مهيني ۾ حيدرآباد ۾“حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول” لڳل هو ۽ ان جي هڪ سيشن ۾ مهمان ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي مهمان هو ۽ ان سيشن جي ميزباني اسان جو پيارو دوست ياسر قاضي ڪري رهيو آهي. آئون اڪثر ادبي ميلن ۽ پروگرامن ۾ ناهيان ويندو، پر ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي جي سيشن جي ڪري ويس. سندس سيشن ۾ هال ماڻهن سان ڀرجي ويو ۽ ڪيترائي ماڻهو بيٺا رهيا. ان مان ئي سندس مشهوري جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سندس چاهيندڙن ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي. سو، جيئن ئي سيشن ختم ٿيو ته آئون وڃي پياري ياسر سان مليس. دعا سلام کانپوءِ کيس چيم ته ممڪن هجي ته ڊاڪٽر صاحب سان هڪ تصوير وٺجي. ياسر هائوڪار ڪئي، پر ايستائين سيلفي وٺڻ لاءِ نوجوانن جي رش ايتري ٿي وئي جو اِها تصوير وٺڻ ڏکيو ٿي پيو. سو، آئون پاسو وٺي بيهي رهيس. ياسر اڳتي آيو ۽ چيائين ته اسان آفيس ۾ هلون ٿا، اتي اچو. اُتي ويس ته اندر آفيس ۾ وزير ۽ ڪامورا ويٺا هئا، سو اِهو ڏسي آئون نه ويس ۽ سوچيم هاڻي واپس وڃجي ته بهتر آهي. اڌ مني ڪلاڪ کانپوءِ ياسر جي فون آئي. “پيارا ڪٿي آهيو؟ مان، ڊاڪٽر صاحب کي اسان جي ريڊيو اسٽيشن ‘هاٽ ايف ايم 105’ تي انٽرويو لاءِ وٺي وڃي رهيو آهيان، ان ڪري اوهان اُتي اچو.” سو، پوءِ آئون اُتي پهتس ۽ انهي اسٽوڊيو ۾ اسان جي ملاقات ۽ مختصر ڪچهري به ٿي ۽ تصويرون به ورتيونسين. مون سان گڏ اسان جو دوست وفا مولا بخش به هو. انهيءَ مختصر، پر خوبصورت ملاقات جو سمورو ڪريڊٽ پياري ياسر قاضي صاحب ڏانهن وڃي ٿو. اِها منهنجي زندگي جي يادگار ملاقاتن مان هڪ آهي. ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي هن سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي زماني ۾ به سوشل ميڊيا کان پري آهي. هُو اڄ به سادو موبائيل فون استعمال ڪندو آهي. مطلب پاڻ سمارٽ فون ناهي استعمال ڪندو. کيس اِهو وقت جو ذيان ٿو لڳي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻ پنهنجي ڪجهه دوستن سان گڏجي اسلام آباد ۾ “بليڪ هول” نالي هڪ ادارو هلائي رهيو آهي. جنهن جي هال ۾ ڪيترائي وڻندڙ پروگرام ٿيندا رهندا آهن. جن ۾ سائنس جي اهميت، مادري ٻولين جي اهميت، نفسيات جي اهميت، موسيقي ۽ آرٽ جي اهميت، نصاب ۽ تعليمي ادارا، ماحولياتي تبديليون، گلوبل وارمنگ، پاڻي، شاعري، رقص وغيره جهڙن ناياب موضوعن تي بحث ٿيندا رهندا آهن ۽ هر پروگرام جي آخر ۾ اتي موجود ماڻهو سوال به پُڇندا آهن ۽ ڏاڍا ڪارائتا بحث ٿيندا رهندا آهن. سنڌ جي به مختلف موضوعن تي اتي بحث ٿيندا رهندا آهن جيئن تازو ڪئنال واري مسئلي تي به هتي پروگرام ٿيو. حسن درس جي شاعري جي حوالي سان به هتي پروگرام ٿيو هو. انتهاپسندي جي حوالي سان به هتي پروگرام منعقد ڪيو ويو. انهن پروگرامن ۾ وڏو ڪردار ميڊم گلشن لغاري صاحبه جو آهي، جيڪا اسلام آباد ۾ هوندي به سنڌ جي هر اهم اشو تي ڳالهائيندي ۽ لکندي رهندي آهي، کيس جس هجي. گذريل ڪجهه وقت کان آئون سندن هر پروگرام شوق سان ڏسندو آهيان. اهي پروگرام پوءِ اداري جي يوٽيوب چئنل تي به رکيا ويندا آهن. هي ماڻهو اسان جي سماج ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ڇو ته هي عقل، عِلم، فهم، دليل، ادراڪ ۽ آدرشن جون ڳالهيون ڪن ٿا. سائنسي سوچ ۽ تعليم جي پرچار ڪن ٿا. اسان کي هنن جي ڪيل ڪم مان فائدو وٺي، هن سماج کي فائدو ڏيڻ گهرجي.